حسن ناصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حسن ناصر
معلومات شخصيت
ڄم 1 جنوري 1928  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
اسلام آباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 13 نومبر 1960 (32 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of India.svg ڀارت (26 جنوري 1950–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

حسن ناصر شهيد، مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ، 1928ع ڌاري سيد علمبردار جي گهر، حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. سندس والد مهاراجا سر ڪشن پرشاد بهادر جو پرائيويٽ سيڪريٽري هو. سندس ماءُ جو نالو زهره بيگم هو. هن جو سمورو خاندان اعليٰ تعليم يافته هو.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

حسن ناصر ابتدائي تعليم گرامر اسڪول مان ورتي. سينيئر ڪيمبرج جو امتحان اعليٰ امتيازي حيـثيـت ۾ پـاس ڪيـائيـن. هـي بهترين مقرر هو. کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هو. ان لاءِ هن چاهيو پئي ته هو آڪسفرڊ يونيورسٽي، لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي، پر ننڍيءَ عمر هئڻ سبب سندس والد کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏنو. ان تي هي ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ عليڳڙهه ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ لاءِ داخلا ورتائين. اتان انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ نظام ڪاليج مان بي. اي ڪيائين.

سياسي سفر[سنواريو]

نظام ڪاليج ۾ ئي سندس تعلق پنهنجي ماسات ذريعي ڪميونسٽ نظرين جي حامي نوجوانن سان ٿيو ۽ ڪميونزم جو ڀرپور مطالعو ڪيائين. حسن ناصر مٿئين طبقي مان هوندي به ڏاڍو حساس طبع انسان هو، جنهنڪري ڪميونسٽ نظريي مٿس شديد اثر ڪيو ۽ هن مارڪسي فلسفي جي پوئلڳي اختيار ڪندي پڙهائي ۽ گهر ڇڏي مزدورن ۽ پيڙيل طبقي جي ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باقاعدي ميمبر بڻيو. جڏهن حڪومتي ايوانن ۾ اها چؤپچو ٿي ته حسن ناصر انڊرگرائونڊ ٿي ويو. ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ بمبئيءَ هليو ويو ۽ اتي سرمائيداري نظام خلاف ڪم کي لڳي ويو.

عملي هلچل[سنواريو]

ورهاڱي کان پوءِ مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير پاڪستان اچي، هتي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي فعال ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو ته ڪيترا نوجوان ساڻس هم خيال ٿيا، جن ۾ حسن ناصر به هو ۽ هُو سجاد ظهير سان گڏ پاڪستان هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ مٿان پهرين ڪا اهڙي سختي ڪانه هئي، پر پوءِ جڏهن سختي وڌي وئي ته سجاد ظهير واپس هندستان هليو ويو، پر پاڪستان ۾ حسن ناصر ڪم ڪندو رهيو. اڳتي هلي کيس قيد ۾ رکي اذيتون ڏنيون ويون. سندس ماءُ زهره بيگم ڪوشش ڪئي ته حسن ناصر کي پاڪستان حڪومت کان ان شرط تي آزاد ڪرائجي ته هو هڪ سال تائين پاڪستان کان ٻاهر رهندو، جيئن ته زهره بيگم جو آپريشن ٿيڻو هو، ان ڪري حڪومت کيس آزاد ڪيو، پر اها ڳالهه حسن ناصر کي پسند نه هئي، ليڪن ماءُ جي محبت کيس مجبور ڪيو ته هو آپريشن وقت ساڻس گڏ هجي. سندس والد ڪافي عرصي کان دماغي فالج جي ڪري معذور هو. حسن ناصر جو هڪ سال جي آزاديءَ جو مدو پورو ٿي رهيو هو، هن نه پئي چاهيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجن ڪميونسٽ ساٿين کي اڪيلو ڇڏي، سجاد ظهير وانگر هندستان ۾ رهي پوي. ان ڪري هو واپس پاڪستان وريو ۽ اچي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.

گرفتاري[سنواريو]

هن مارڪسي نظريي کي پکيڙڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي. حڪومت پاڪستان کيس گرفتار ڪرڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر هو ويس مٽائي شهر شهر ڏتڙيل طبقن جو مضبوط آواز ٿي گونجندو رهيو. هو پاڪستان ۾ هڪ مقصد سان آيو هو، هن هتي انقلابي ڪميونسٽ پارٽيءَ جون پاڙون پختيون ڪرڻ پئي چاهيون. حسن ناصر ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مرڪزي سيڪريٽري هو. نيٺ کيس گرفتار ڪري چار سال قيد جي سزا ڏئي، لاهور جي قلعي ۾ رکيو ويو. 1955ع ۾ کيس آزاد ڪري ٻن سالن لاءِ ملڪ بدر ڪيو ويو.

وفات[سنواريو]

1957ع ۾ هو وري پاڪستان آيو، 1960ع ۾ ايوب خان جي فوجي حڪومت کيس هڪ دفعو وري گرفتار ڪيو ويو ۽ هن سخت تشدد سبب 13 نومبر 1960ع تي لاهور فورٽ جيل ۾ وفات ڪئي. کيس رات جي اونداهيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

ڪيس[سنواريو]

احمد رضا قصوري (وڪيل) جي معرفت سندس امڙ زهريٰ بيگم لاهور ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته مون کي منهنجو پٽ ڏيکاريو وڃي، ڇو ته کيس معلوم ٿي چڪو هو ته حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو آهي، ته پوليس ڪورٽ کي ٻُڌايو ته هو بيمار آهي. ڪورٽ حڪم ڪيو ته کيس اسٽريچر تي کڻي آندو وڃي ته پوليس اطلاع ڏنو ته حسن ناصر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ڪورٽ جي حڪم تي حسن ناصر جي قبر کوٽي، لاش ماءُ کي ڏيکاريو ويو ته هن ٻڌايو ته اهو لاش حسن ناصر جو ناهي. هن وقت سندس قبر بابت ڪنهن کي به خبر ڪانهي ته ڪٿي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012