مواد ڏانھن هلو

حديبيہ معاھدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حديبيه جو معاھدو
"صُلح الْحُدَيْبِيَة" (عربي)
قسم امن معاھدو
عبارت مسلمانن ۽ مشرڪن جي وچ ڇھہ سال کان جاري ويڙهه
صحيح ڪرڻ جي تاريخ ذوالقعد، 6 ھجري (بمطابق مارڇ، 628ع)
مقام الحديبيه (هاڻي مڪي شھر جي ويجهو الشميسي)
شرط 10 سالن لاء
مدو پورو ٿيو رمضان 8 ھجري (جنوري 630ع)
(معاھدو ڏهه سالن ٿيو هو، پر مڪي جي مشرڪن پاران ڀڃڪڙي جي ڪارڻ سال 8 هجري ۾ ختم ٿي ويو)
مذاڪرات ڪندڙ * محمد رسول الله (مسلمانن طرفان) (معاهدو حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه پاران لکيو ويو، پوء مشرڪن جي اعتراض تي نبي ﷺ پاڻ "محمد رسول الله" کي ڇڪياري "محمد بن عبدالله" لکيو)
اصل صحيح ڪندڙ پيغمبر محمد ﷺ (مسلمانن طرفان
سهيل بن عمرو (قريشي مشرڪن طرفان)
صحيح ڪندڙ پيغمبر محمد ﷺ (مسلمانن طرفان
سهيل بن عمرو (قريشي مشرڪن طرفان)
ڌريون * مڪي جا قريشي مشرڪ
ٻولي عربي

حديبيه جو معاھدو (عربي: صُلح الْحُدَيْبِيَة)، هڪ امن معاھدو هو، جيڪو مڪي شھر جي ويجهو حديبيه (هاڻي "الشميسي" جي نالي سان مشهور آهي)، تي ذوالقعدة، سال ڇھہ هجري (مارچ 627ع) ۾ مسلمانن، جيڪا پيغمبر محمد ﷺ جي اڳواڻي ۾ هتان عمري لاء پهتا هئا ۽ مڪي جي قريشي مشرڪن جي وچ ۾ ٿيو.[1][2] معاھدي جي مطابق، ٻنهي ڌڙن جي وچ ۾ ڏهن سالن تائين جنگ نه ڪيئن تي اتفاق ڪيو ويو.

ھن معاھدي ٻن ڌڙن جي وچ ۾ وڌندڙ تنازعي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ھن ٺاھ تحت هن سال مسلمانن کي عمرو (ننڍو حج) ڪيئن کان سواءِ اي مديني واپس موٽي ويندو پيو ۽ مڪي وارن طرفان، مسلمانن کي ايندڙ سال پر امن طريقي سان عمرو ڪرڻ لاء ضمانت ڏني وئي. ھن معاھدي جو مدو ڏهه سال رکيو ويو هو، پر ٻن سالن جي اندريان بنو خزاعه (بني خزاعة) جيڪا مسلمانن جا حليف هئا، تي بنو بڪر (بني بكر بن عبد مناة من كنانة) جيڪا مڪي واري جا حليف هئا، جي حملي جي نتيجي ۾، مڪي وارن طرفان معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ معاهدو ٽوڙيو ويو.

پس منظر

[سنواريو]

خندق جي جنگ کان پوءِ، جڏهن قريش (مڪي جا مشرڪ) ۽ عرب بدوين جي گڏيل فوجون, مديني جي يهودين سان گڏ، جيڪي مسلمانن سان معاهدي جي باوجود انهن سان اتحاد ڪيا هيا, مديني جي اسلامي رياست کي تباهه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ويون ۽ قريش مديني تي حملي ڪرڻ ۽ مديني جي پهرين اسلامي رياست کي تباهه ڪرڻ جو ارادو وڃائي ويٺا.

مارچ 628ع ۾ پيغمبر ﷺ هڪ خواب ڏسڻ کان پوء، جن ۾ هنن کي ڪعبي جو طواف ڪندي ڏيکاريو ويو، پنهنجي ساٿين سان گڏ عمري جي زيارت لاءِ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. [3] مڪي وارن طرفان پرتشدد جواب جي توقع ڪندي، هن مديني جي ڀرپاسي ۾ پنهنجي بدوين ۽ قبائلي اتحادين کي پاڻ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، پر اڪثريت گڏ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شايد وڌيڪ دشمني کان بچڻ جي ڪري يا ان ڪري جو کين مال غنيمت جو ڪو امڪان نظر نه آيو.[3][4]

واقعات

[سنواريو]

مڪي ڏانھن روانگي

[سنواريو]

نبي ڪريم ﷺ جن 1400 اصحابن ۽ ڪجهه قبائلي اتحادين سان گڏ عمري (ننڍو حج) ڪرڻ لاءِ مڪي ڏانهن روانا ٿيا.[5] اها سڀني حاجين جي لباس ۾ هئا ۽ انهن سان گڏ قرباني جا جانور (قرباني جي نشان لڳل اٺ) هئا.[6]

حديبيه تي قيام

[سنواريو]

خبر پوڻ تي مڪي وارا مسلمانن جي آمد کي حملو سمجھيو ۽ کين روڪڻ لاءِ 200 گھوڙي سوار فوج موڪليا. محمد صلي الله عليه و آله وسلم جنگ کان پاسو ڪيو، غير روايتي رستو اختيار ڪيو ۽ ڪعبه جي مقدس سرزمين جي سرحد تي حديبيه جي جاءِ تي پنهنجا خيما لڳائي ڇڏيا.[5]

قريش پنهنجا سفير هن سان ڳالهين لاءِ موڪليا. پاڻ سڳورن ﷺ جن کي اعلان ڪيو ته هو حج ڪرڻ آيو آهي ۽ ڪنهن دشمني جو ارادو ناهي. ان جي باوجود، قريش، نبي جي مڪي ۾ داخل ٿين کي پنهنجي شڪست ۽ ڪمزوريءَ جو اعلان سمجھيو. انهن جو چوڻ هو ته: "جيتوڻيڪ محمد جنگ ڪرڻ جي ارادي سان نه آيو آهي، پر خدا جو قسم، هو ڪڏهن به اسان جي مرضي جي خلاف حرم ۾ داخل نه ٿي سگهندو ۽ نه ئي بدوين ڪڏهن اسان کي ان باري ۾ طعنو ڏي سگهندا".[7]

عثمان جي شهادت جي خبر ۽ بيعت رضوان

[سنواريو]

هن موقعي تي، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي ويجهي ساٿي، عثمان رضه کي ڳالهين لاءِ مڪي موڪليا، پر قريش کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس شهادت جي باري ۾ افواهه پکڙجي وئي. هي خبر ٻڌڻ تي، نبي ڪريم ﷺ عثمان جي شهادت جو بدلو وٺڻ جو عزم ڪيو ۽ پنهنجي ساٿين کان مڪي وارن سان جنگ ڪرڻ جو عهد ورتو. اهو عهد بيعت الرضوان ۽ بيعت الشجره (وڻ جي هيٺان عهد) سان مشهور ٿيو.

معاھدو

[سنواريو]

اها افواهه غلط ثابت ٿي، پر قريش مسلمانن جي جوش کي ڏسي، صلح لاء پنهنجو سفير سهيل بن عمرو کي موڪليو. ڳالهه ٻولهه کان پوءِ، ٻئين ڌڙا معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هڪ معاهدو طئي ٿيو. هن معاهدي کي تاريخ ۾ "حديبيه جو معاهدو" سڏيو ويندو آهي. [8][9]

معاهدي جا شرائط

[سنواريو]
حديبيه جي معاهدي جا شرائط

حديبيه جي معاهدي جا مکيه نقطا هي هئا:[10]

  • هن معاهدي جي تحت، ٻنهي فريقن وچ ۾ ڏهه سالن لاء جنگ بند رهندي.
  • جيڪو به پنهنجي سرپرست جي اجازت کان سواءِ قريش کان مديني ويندو، ان کي قريش ڏانهن واپس موڪليو ويندو، پر جيڪو به مسلمانن مان قريش ڏانهن ايندو ته ان کي واپس نه موڪليو ويندو.
  • جيڪو به (قبيلو) محمد جي پيمان ۾ ايندڙ چاهي، ته ان کي ائين ڪرڻ جي اجازت هوندي ۽ جيڪو به قريش جي پيمان ۾ ايندڙ چاهيندو، ان کي پڻ ائين ڪرڻ جي اجازت هوندي.
  • مسلمان هن سال عمرو ڪرڻ کان سواءِ مديني موٽي ايندا، پر انهن کي ايندڙ سال ٽن ڏينهن لاءِ مڪي ۾ رهڻ جي اجازت هوندي. ان دوران قريش مڪو شهر خالي ڪري ويندا ۽ مسلمان مياڻ ۾ رکيل تلوارن کانسواءِ ڪو به هٿيار نه کڻندا.[10]

سهيل بن عمرو جو اعتراض

[سنواريو]

اهو دستاويز علي رضي الله تعالٰي عنه لکي رهيا هئا. جيئن هن لکيا ته "هي معاهدو، جن تي محمد رسول الله ۽ سهيل بن عمرو جي وچ ۾ اتفاق ٿيو آهي"، [11] سهيل بن عمرو اعتراض ڪيو ته هو محمد جي نبوت تي يقين نٿو رکي ۽ صرف سندس نالو، محمد بن عبدالله، معاهدي تي لکيل هجڻ گهرجي. پيغمبر هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو[11] ۽ حضرت علي جي اهڙو ڪرڻ ۾ هچڪچاهٽ تي، قلم وٺي پاڻ لفظن "محمد رسول الله" کي ڇڪياريو ۽ ان جي جاء تي "محمد بن عبدالله" لکيا.

معاهدي کان پوءِ جا واقعا

[سنواريو]

صلح نامي جي لکت کان پوءِ، ابو جندل، سهيل بن عمرو جو پٽ، جيڪو اسلام قبول ڪري چڪو هو، اتي پهتو ۽ مسلمانن سان شامل ٿيڻ لاءِ آيو پر صلح نامي جي مطابق، جنهن تي اڃا دستخط ٿيڻا هئا، ان کي سهيل بن عمرو جي حوالي ڪيو ويو.[8] حضرت عمر رضي الله عنه ۽ ڪجهه ٻيا مسلمان هن صلح نامي تي ناخوش هئا ته جئين هن مڪي وارن کي الله جا دشمن سمجهندا هئا.[12] رسول الله صلي الله عليه وسلم پنهنجي پيروڪارن کي حڪم ڏنو ته پنهنجا سر منڊائين ۽ پنهنجا جانور قربان ڪن، پر انهن ائين ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا. جڏهن پاڻ نبي ڪريم ﷺ ائين ڪيو، ته هن کان پوءِ، صحابه به انهن جي پيروي ڪئي. جڏهن مسلمان مديني واپس آيا، ته قرآن جي 48 هين سورت، "سورة الفتح" نازل ٿي.[8]

ابو بصير ۽ انهن جا ساٿي

[سنواريو]

جيڪي مسلمان بعد ۾ مديني ڀڄي ويا، انهن کي معاهدي جي مطابق واپس ڪيو ويو. واپس آيلن مان هڪ ابو بصير، سمنڊ جي ڪناري تي ڀڄي ويو ۽ بعد ۾ ابو جندل سميت لڳ ڀڳ 70 ٻيا به ان سان شامل ٿيا. انهن هڪ گوريلا ٽولي ٺاهي ۽ شام ڏانهن مڪي جي قافلن تي حملو ڪرڻ شروع ڪيو. مڪي وارن آخرڪار پيغمبر (ص) کان درخواست ڪئي ته انهن کي مديني واپس وٺي وڃن. بعد ۾ مسلمانن طرفان معاهدي جي هڪ استثنا پيدا ڪئي وئي جڏهن مڪي مان ڪجهه مسلمان عورتون مديني ڀڄي ويون. جنهن کان پوءِ محمد کي سورة الممتحنه (60:10) ملي جنهن انهن عورتن جي ڪافرن ڏانهن واپسي کي منع ڪيو.

converts who later escaped to Medina were returned in accordance with the treaty. Abu Basir, one of the returned, escaped to the sea coast and was later joined by some 70 others, including Abu Jandal. They formed a guerrilla band and started raiding Meccan caravans to Syria. The Meccans eventually asked Muhammad to take them back to Medina. An exception to the treaty was later created unilaterally by the Muslims when some Muslim women from Mecca escaped to Medina, after which Muhammad received Surah Al-Mumtahanah (60:10) which forbade the return of these women to the disbelievers.[8]

اثرات

[سنواريو]

ڊگهي مدت ۾، معاهدو مسلمانن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو ۽ اڪثر ڪري محمد جي طاقت جي مضبوطي ۾ هڪ "اهم قدم" سمجهيو ويندو آهي. معاهدي تي دستخط ڪندي، قريش محمد کي واضح طور تي پنهنجي برابر تسليم ڪيو، ۽ ڪعبي جي زيارت تائين رسائي حاصل ڪندي، محمد انهن قبيلن ۾ اسلام جي اپيل کي وڌائڻ جي قابل ٿي ويو جيڪي ڪعبي کي تمام گهڻو احترام ڏيندا هئا. محمد جي سوانح نگار ابن هشام بعد ۾ لکيو: "اسلام ۾ ڪا به اڳئين فتح هن کان وڏي نه هئي... جڏهن جنگ بندي ٿي ۽ جنگ ختم ٿي وئي ۽ ماڻهو سلامتيءَ سان گڏ ٿيا ۽ گڏجي صلاح مشورا ڪيا، ڪو به ان ۾ داخل ٿيڻ کان سواءِ اسلام بابت عقلمندي سان نه ڳالهائيندو هو." صلح محمد کي عرب ۾ ٻئي هنڌ پنهنجي سلطنت کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي وڌائڻ جي قابل بڻايو. مؤرخ فريڊ ڊونر تجويز ڪيو آهي ته حج جي ڪوشش جو مقصد مڪي وارن سان صلح ڪرڻ هو ڇاڪاڻ ته مدينه ٻن دشمن شهرن (اتر ۾ يهودين جو مضبوط قلعو خيبر ۽ ڏکڻ ۾ مڪي) جي وچ ۾ ڦاٿل هو ۽ تمام گهڻو ڪمزور هو.

n the long term, the treaty proved advantageous to the Muslims and is often regarded as an "important step" in Muhammad's consolidation of power.[13] By signing the treaty, the Quraysh implicitly acknowledged Muhammad as their equal,[14] and by gaining access to the pilgrimage at the Ka'ba, Muhammad was able to increase Islam's appeal to those tribes who held the Ka'ba in high regard.[13] The Muhammad biographer Ibn Hisham later wrote: "No previous victory in Islam was greater than this... when there was an armistice and war was abolished and men met in safety and consulted together none talked about Islam intelligently without entering it."[15] The truce enabled Muhammad to expand his dominion elsewhere in Arabia unhindered. The historian Fred Donner has suggested that the very purpose of the attempted pilgrimage was to secure a truce with the Meccans since Medina was trapped between two hostile cities (the Jewish stronghold of Khaybar to the north and Mecca to the south) and was very vulnerable. However, he could not simply beg the Meccans for a truce; by skillfully crafting the situation, he got it without asking. It was nevertheless a "desperate gamble", which could have ended in disaster had the Quraysh opted not to make peace.[16] Soon afterwards, he besieged and neutralized Khaybar.[17] Other tribes were then free to align to either side, and Muhammad was able to win over some of those formerly allied with the Quraysh.[18] According to Islamicist Montgomery Watt, the treaty, which meant lifting of the Medinan blockade of the Meccan trade with Syria and the granting to the Quraysh other concessions, was intended by Muhammad to foster better relations with the Quraysh and to attract them towards Islam.[19]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]