مواد ڏانھن هلو

جگجيت ڪور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جگجيت ڪور Jagjit Kaur
جگجيت ڪور 2016 ۾
پس منظري معلومات
پيدائش1930/1931 (عمر 94–95)[1]
تعلقپنجاب ،هندستان
صنفلوڪ, غزلَ, پلي بيڪ
پيشاراڳي
سازووڪلس
سرگرم سالسال 1950–1990

جگجيت ڪور (انگريزي ٻولي: Jagjit Kaur) هڪ ڀارتي هندي/اردو ڳائڻي ۽ سنگيت ڊاريڪٽر، محمد ظهور خيام جي زال آهي.هن پنهنجي ساڳئي زماني وارين ڳائڻين لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي جي ڀيٽَ ۾ فلمن جي لاءِ سڦا گهٽ گيت ڳايا آهن، پوءِ به هن جي سمورن گيتن جو ذڪر يادگار ڪارنامو جي روپ ۾ بيان ڪيل آهي.

نجي زندگي

[سنواريو]

جگجيت ڪور هڪ امير پنجابي زميندار پريوار سان تعلق رکندي آهي. هيءَ 1931 ۾ پنجاب ۾ ڄائي هئي.ننڍپڻ کان ئي هيءَ فلمن ۽ راڳ ۾ دلچسپي وٺندي هئي ۽ اڪثر پنهنجي اسڪول ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن ۾ حصو وٺندي هُئي. هن 1954 ۾ اُڀرندڙ سنگيتڪار خيام سان مذهبي فرق کي وساري پرڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪو هندستاني فلم انڊسٽري ۾ پهريون گڏيل جاتي شادين منجهان هڪ هيو. هن جو هڪ پُٽ، ايڪٽر پرديپ خيام هيو،[2] جنهن جو 2012 ۾ موت ٿي ويو. خيام پنهن جي زال ۽ پُٽ جي عام ڀلائيءَ جي ڪمن کان مُتاثر ٿي ڪري پنه جي زال ۽ پُٽ جي نالي سان هڪ ٽرسٽ " خيام جگجيت ڪور ڪي جي پي چيريٽيبل ٽرسٽ" شروع ڪئي هئي تہ جيئن ڪلاڪارن ۽ هنرمندن (ٽيڪنيشنز) جي سهائتا ڪري سگهجي.[3] خيام جو 19 آگسٽ 2019 تي شام 9:30 بجي (IST) 92 سال جي ڄمار ۾ دل جي ڌڙڪڻ بيهڻ سبب موت ٿي ويو.

ڪيريئر

[سنواريو]

هن پنهنجي ڳائڻ جي شروعات پنجابي فلم پوستي (1950) سان ڪئي هُئي." هن بالي ووڊ ۾ غلام محمد پاران رچنا ڪيل فلم "دل ناندان (1953)" کان پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ڪئي. هن ٽن فلمن جهڙوڪ "محبت ڪي ڌُن بيڪرارون سي پوڇ" ،"چاند گئي راگني ڇم ڇم برسي ،" ۽ " خاموش زندگي ڪو افسانہ مل گيا"  ۾ گيت ڳايا. تنهن هوندي بہ، هن کي پنهنجي ايتري سُڃاڻپ ماڻڻ ۾ مدد نہ مل سگهي. خيام سان پنهنجي شادي جي هڪ ڏهاڪو کانپوءِ، هن فلم "شگون (1964)" کان، هڪ گيت "تم اپنا رنگ اور غم " جي عنوان سان پنهنجي ڪيريئر جو بهترين گانو ڳايو. اهو گانو سندس ڪيريئر جو معيار بڻجي ويو.[4]

يادگاري گيت

[سنواريو]

جگجيت ڪور جا ڪُجھ يادگاري گيت هيٺئين ريت ڏيجن ٿا:[5][6][7][8][9][10]

  • "ديکو ديکو جي گوري سسرال چلي" شگن (1964), بول ساحر لڌانوي، سنگيت خيام
  • "تم اپنا رنج–او-غم اپني پريشاني مجھي دي" کان شگن وچوں
  • "خاموش زندگي ڪو افسانہ مل گيا" دل-اي-نادان وچون (1953), لرڪس شڪيل بدايوني، ميوجڪ غلام موهمد
  • "چلي آؤ سئيان رنگيلي مئين واري "(پاميلا چوڙا سان گڏجي ڳايائين) فلم بازار (1982)، بول جگجيت ڪور، سنگيت خيام
  • "ديک لو آج همڪو جي ڀر ڪي " فلم جو نالو بازار
  • "ڪاهي ڪو بياهي بديس"  فلم جو نالو امراو جان (1981), سنگيت خيام
  • "ساڊا چڙيان دا چمبا وي"  جگجيت ڪور ۽ پاميلا چوپڙا سان گڏجي ڳاتو فلم ڪبھي ڪبھي(1976), سنگيت خيام
  • "چندا گائي راگني" دل-اي-ندان فلم ۾
  • "پهلي تو آنک ملانا" فلم جو نالو، شعله اور شبنم ، ساٿي ڳائڻو هيس رفيع (1961), گيت ڪيفي آجمي، سنگيت خيام
  • "نين ملاڪي پيار جتا ڪي آگ لگا دي" (رفيع سان گڏجي ڳاتو) فلم ميرا ڀائي ميرا دشمن (1967), سنگيت خيام

حوالا

[سنواريو]
  1. "Legendary Music Composer Khayyam speaks about his illustrious career in last interview". 21 August 2019. واقعو ھن وقت ٿئي ٿو 22:52. 24 August 2019 تي حاصل ڪيل YouTube وسيلي.
  2. Mahaan, Deepak (14 February 2013). "Music…between silence and speech". 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  3. "We were inspired by the divine to do what we did: Khayyam - Latest News & Updates at Daily News & Analysis". dnaindia.com. 22 May 2016. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  4. "Jagjit Kaur".
  5. "Singer : Jagjit Kaur : Lyrics and video of Hindi Film Songs - Page 1 of 2". hindigeetmala.net. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  6. "Jagjit Kaur albums - Raag.Fm". raag.fm. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. "Amazon.in: Jagjit Kaur: Music". amazon.in. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  8. "Shagoon - Suman Kalyanpur,Jagjit Kaur - Songs, Reviews, Credits - AllMusic". allmusic.com. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  9. "Listen to Jagjit Kaur songs online , Jagjit Kaur songs MP3 download". saregama.com. 28 October 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: line feed اکر in |title= at position 38 (مدد)
  10. Kaur, Jagjit. "Tum Apna Ranjhogham Apni". RedMux. اصل نسخو مان 24 December 2017 تي محفوظ ڪيل. 01 Jan 1965 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |access-date= (مدد); More than one of |accessdate= and |access-date= specified (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]