جون ايليا
| جون ايليا جون اصغر | |
|---|---|
| ڄم | امروھه، اتر پرديش، برطانوي ھندستان |
| وفات | ڪراچي، سنڌ، پاڪستان |
| قلمي نالو | جون ایلیا جون اصغر |
| ڌنڌو | شاعر، ليکڪ |
| قوميت | پاڪستاني |
| صنف | غزل |
| مُکيه ڪم | شايد، يعني، ليڪن، گمان، گويا، فرنود |
| جيون ساٿي | زاهده حنا |
اردوءَ جي مشهور شاعر جَون ايليا، اصل نالو، "جَون اصغر"، 14 ڊسمبر 1931ع تي ڀارت جي شهر امروهه ۾ ڄائو. سندس جنم پڙهيل لکيل گهراڻي ۾ ٿيو، سندس والد علامه شفيق حَسن ايليا ڪيترين زبانن جي علم، ادب جو ڄاڻو ۽ شاعر هو. هيءُ رئيس امروهيءَ جو ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪه زاهده حنا جو مڙس هو. جَون ايليا ۽ زاهده حنا ۾ عليحدگي 1980ع ۾ ٿي.[1]
تعليم
هو عربي، فارسي ۽ انگريزي پڙهيو، هيءُ اسڪول ۾ ئي پڙهندو هو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، جنهن بعد 1957ع ڌاري هي ٻين مهاجرن سان گڏ هتي اچي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا، جتي اردوءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ سميت عربي ۽ فارسيءَ جون سندون حاصل ڪيائين. کيس عبراني ٻوليءَ تي به عبور حاصل هو، ننڍپڻ ۾ ئي شاعري شروع ڪيائين.[1]
خدمتون
1958ع ڌاري ماهوار رسالي، "انشا" ۾ باقائدي لکڻ شروع ڪيائين ۽ ادبي دنيا ۾ مختصر عرصي ۾ نالو ڪڍيائين، اڳتي هلي اهو ساڳيو رسالو 1964ع ڌاري "عالمي ڊائجسٽ" جي نالي سان نڪرڻ لڳو، جيڪو 1988ع تائين باقاعده شايع ٿيندو رهيو. 1963ع کان 1968ع تائين هيءُ اسماعيلي فرقي وارن جي تحقيقي ۽ تصنيفي اداري سان ايڊيٽر طور لاڳاپيل رهيو، جتي هن اسلامي تاريخ ۽ فلسفي تي ٻڌل ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. 1967ع ڌاري اردو جي ترقي بورڊ پاران تيار ڪئي ويندڙ اردو جي لغت ۾ پڻ هن جون خدمتون شامل رهيون. جنهن ۾ 1976ع تائين لغت جي ڪم ۾ هيءُ مددگار طور شامل رهيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين. 1979ع ڌاري هن اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ رهڻ دوران مشهور فلاسافر، نصير الدين طوسي جي ڪلام تي مبني ڪتاب، "تجريد" جو اردو ٻولي ۾ بهترين ترجمو ڪيو. 1988ع ڌاري هن "روشن خيال" نالي هڪ ماهوار مئگزين جاري ڪيو. ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرڻ سميت تصنيف به ڪيائين. سندس پهريون شعري مجموعو، "شايد" سال 1991ع ۾ شايع ٿيو. هنن جا شعري مجموعا ۾؛ "شايد"(1991ع)، "يعني" (2003ع)، "گمان" (2004ع)، "ليڪن" (2006ع)، "گويا" (2008ع) جي نالي سان شايع ٿيل آهن. هن ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا، جنهن ۾؛ "مسيح بغدادي"، "حلاج"، "اسماعيليت"، "يمن" "مسيح"، "تهذيب"، "شام و عراق ۾"، "مطالعه طواسين" ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جون ايليا کي فلسفي، منطق ۽ اسلامي تاريخ جي ڄاڻ هئي ۽ هن نرالي شاعر طور به مشهور هو.[1]
ايوارڊ ۽ وفات
اردو ادب ۾ سندس خدمتن عيوض حڪومت طرفان کيس 2000ع ۾ "حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي تمغو" ڏنو ويو.[1] هيءُ 8 نومبر 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.[1]