جهڪر جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جهڪر جو دڙو

جهڪر جو دڙو انگريزي (Jhukar-Jo-Daro) لاڙڪاڻو شهر کان اولهه طرف 6 ميلن (10 ڪلوميٽرن) جي مفاصلي تي ڳوٺ مٺو ديرو[1][2] جي ويجهو ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ پاڪستان ۾ آهي.[3] هيءُ دڙو برطانوي هندستان جي قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار 1928ع ۾ ڳولي لڌو ۽ کوٽائي ڪئي.[4][5] جهڪر نالي هڪ قديم ماڳ آر. ڊي. بئنرجي (R.D. Banerji) سن 19 - 1918ع ڌاري ڳولي لڌو هو[6][7]. ان کان اٺ سال پوءِ، اين. جي. مجمدار ان ماڳ جي جانچ پڙتال ڪئي هئي. جنهن جي کوجنا وسيلي هتان جي ثقافتي شين جو هڪ اهڙو مجموعو مليو هو، جنهن مان سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري دؤر جو پتو پئجي ويو هو[7]. هن ماڳ جي صفا مٿئين تهه تان اهڙيون ثقافتي شيون مليون هيون، جن جي طرزن جو واسطو سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت سان هو. اهڙيون شيون طرزن جي تفصيل ۾ هيٺئين تهه تان ملندڙ ثقافتي شين کان بلڪل مختلف هيون. ان جو مثال ٺڪر جا ٿانوَ آهن، جيڪي نموني ۾ بلڪل نرالا آهن[7]. هتان مختلف ثقافتي شيون جهڙوڪ: ٽامي جون پِنون (Pins) جيڪي ڪپڙن ۾ استعمال ٿينديون هيون. هي پنون ڪنهن شيءِ کي ٻڌڻ ۾ ڪتب آنديون وينديون هيون. ان کان سواءِ ننڍڙي طرز جون گول مهرون به لڌيون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جي تحرير نظر ڪانه ايندي[7]. هنن ٻنهي ثقافتي شين کان سواءِ هڏي مان ٺهيل اوزار به مليا آهن، جن جو تعداد تمام گهڻو آهي. ٻيون به اهڙيون شيون هٿ آيون هيون، جيڪي اڳي هيون پر هاڻي اتي موجود ئي نه آهن. ذڪر ڪيل پويون شيون ابرق پٿر (Steatite) جون مهرون هيون، جن تي لکت ٿيل هئي ۽ شڪل ۾ همچورس هيون. ٽڪنڊو ٺڪر، تور جا وَٽ ۽ ماپ ڪرڻ جا ماپا به ثقافتي شين جي هن مجموعي سان واسطو رکن ٿا[7]. هنن شين لاءِ هڪ اختلاف راءِ موجود آهي. چيو وڃي ٿو، ته انهن ثقافتي شين جو سنڌو تهذيب سان واسطو ڪونه آهي. پر ٻاهران جون آهن ۽ سنڌو تهذيب جي شين کان مختلف آهن[7][8].

دڙي جو مٿيون حصو

جھڪر جو دڙو سنڌ ۾ قديم آثارن وارو ماڳ آهي جتي جهڪر فيز ڳولي لڌو ويو ۽ اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌو تهذيب جو هڙاپا دؤر جھڪر ثقافت کان پوءِ شروع ٿيو.[9] ڪجهه ماهرن ۽ تاريخدانن جو خيال آهي ته جهڪر فيز ٿورو وقت هڙاپا تهذيب سان گڏجي ٿو پر گھڻو دير تائين رهيو.[10] جھڪر دڙي وٽان هڙاپا ثقافت جي ڪنجهي واري دؤر يا ڪئلڪوليٿڪ دؤر جا آثار ڳولي لڌا ويا.[3][5] قديم دور ۾ سنڌو درياھ جي ڇاڙ جھڪر دڙي جي ڀرسان گذرندي هئي جنهن جي ڪناري تي جهڪر جو شهر آباد هو. ان کانسواءِ جهڪر وٽان هڪ قديم رستو به گذري ٿو جيڪو اولهه کان سنڌ ڏانهن آيو ٿي.[11] جڏهن جين ميري ڪاسل (J.M Casal) آمريءَ جي وسيع کوٽائيءَ کان پوءِ هن نتيجي تي پهتو هو، ته جهڪر جو ماڳ سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت کان هڪدم پوءِ شروع ٿيو آهي ۽ اهڙي ثقافتي تسلسل ۾ ڪنهن به قسم جي وٿي موجود ڪانه آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته انهن ثقافتي شين جي طرزن مان ٻيو نتيجو به اخذ ڪري سگهجي ٿو[7][12]. کوٽاين ۽ کوجنائن جي ناتي ٻئي ڪنهن ماڳ تان جهڪر جي دڙي مان لڌل شين جهڙيون ۽ جيتريون ثقافتي شيون هٿ ڪونه لڳيون آهن، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جو ترقي يافته دؤر سان هجي ۽ ٻن مرحلن واري عبوري دؤر واري تهه تان هٿ لڳيون هجن. ليڪن چانهون جي دڙي مان ساڳئي قسم جون شيون لڌيون آهن[7]. پر انهن لاءِ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، ته جهڪر جي تهه واري حيثيت ۽ ان سان لاڳاپيل ثقافتي شين جي دؤر بابت ڪنهن کي شڪ آهي ته جواب ”نه“ ۾ ملندو[13][7]. جيڪڏهن اسان سنڌو تهذيب جي ڪاريگرن جي ڏات ۽ ڏانءَ کان چڱيءَ ريت واقف نه هجون ها، ته اسان جـُـهڪر جي ڪاريگرن جي ڪلا ۽ سنڌو تهذيب جي مشهور ماڳ چانهونءَ جي دڙي جي سچيت ۽ سياڻن ڪاريگرن جي فن ۾ موجود فرق کي هرگز سمجهي ڪونه سگهون ها[7][14]. اهڙين ثقافتي شين جا مثال موئن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ به ڏسي سگهجن ٿا. حقيقت اها آهي، ته چانهونءَ جي دڙي مان لڌل ثقافتي شين جي مجموعي جون گهڻيون شيون جهڪر مان لڌل ثقافتي شيون پاڻ ۾ هڪجهڙائپ رکن ٿيون[7]. سنڌو تهذيب جي فن جو تسلسل ترقي يافته شهري ثقافت واري دؤر ۽ شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي ۾ به موجود رهيو هو[7][15].

پکيڙ[سنواريو]

جھڪر جو دڙو وڏي پکيڙ تي مشتمل آهي. جھڪر اول هڪ دڙو هو پر هاڻ ٻن حصن ۾ ورڇجي ويو آهي. قرين قياس آهي ته دڙو ميوڳي سبب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. ننڍو 17 فوٽ ۽ وڏو دڙو 63 فوٽ اوچو آهي. ٻنهي دڙن جي وچ مان هڪ گذرگاهه جُڙي وئي آهي.[11]

جھڪر شھر وارو دؤر[سنواريو]

جهڪر سان لاڳاپيل ثقافتي دؤر ته محفوظ آهي، پر هن ماڳ جي خاتمي واري دؤر بابت ڪنهن به قسم جي معلومات ميسر ڪانه آهي. پر ايتري معلومات ضرور ملي ٿي، ته هن ماڳ جو آخري تهه ته ثقافتي شين سان ڀريو پيو آهي[7]. ان سان گڏ اها به ڄاڻ ملي ٿي، ته ان وقت هن جا ايران ۽ ان جي اولهه پاسي وارن علائقن سان گهرا تعلقات هئا. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن جي قديم ماڳن مان جهڪر جي ثقافتي شين جهڙيون شيون هٿ لڳيون آهن، تنهنڪري اهڙين ثقافتي شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته جُهڪر 1500 ق.م کان 1300 ق.م تائين موجود هو[7].

حوالا[سنواريو]

  1. https://books.google.com.pk/books?id=1DYKAQAAIAAJ&q=Jhukar+Jo+Daro&dq=Jhukar+Jo+Daro&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiSkNrg8rLaAhUR66QKHShUA80Q6AEIQTAG
  2. Jhokar Jo Daro
  3. 3.0 3.1 https://archaeologywordsmith.com/lookup.php?category=&where=headword&terms=Jhukar
  4. https://books.google.com.pk/books?id=HtUbAQAAMAAJ&q=Jhukar+Jo+Daro&dq=Jhukar+Jo+Daro&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiSkNrg8rLaAhUR66QKHShUA80Q6AEIODAE
  5. 5.0 5.1 https://books.google.com.pk/books?id=huTVBAAAQBAJ&pg=PA96&lpg=PA96&dq=Jhukar+location&source=bl&ots=QkOAhKYvtM&sig=en9ev0WD3cedzUvO6Naxf7qCacI&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjDibzepcnaAhUMKsAKHZrgCuUQ6AEIdjAN#v=onepage&q=Jhukar%20location&f=false
  6. {N.G. Majumdar, "Excavations at Jhukur," Annual Report of the Archaeological Survey of India : 1927-28, 1929, pp. 78-83 ; N.G. Majumdar, "Explorations in Sind," Memoires of the Archaeological Survey of India, no. 48 (1934).}
  7. 7.00 7.01 7.02 7.03 7.04 7.05 7.06 7.07 7.08 7.09 7.10 7.11 7.12 7.13 [١] ڪتاب جو نالو: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ؛ مصنف:گريگوري ايل. پوسيل؛ سنڌيڪار:عطا محمد ڀنڀرو؛ ايڊيشن؛2015ع؛ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  8. { Mackay, Chanhu Daro Excavations, p. ix. Stewart Piggott, Prehistoric India (Baltimore : Penguin Books, 1950), p. 223.}
  9. https://books.google.com.pk/books?id=mSAwAQAAIAAJ&q=Jhukar+Jo+Daro&dq=Jhukar+Jo+Daro&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiSkNrg8rLaAhUR66QKHShUA80Q6AEITzAJ
  10. https://books.google.com.pk/books?id=OZ0gAAAAQBAJ&pg=PA226&lpg=PA226&dq=Jhukar+location&source=bl&ots=SUIqQ4Hc6L&sig=WLJ-JqGaCuyF_8hKsFhKlY6jBPE&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjDibzepcnaAhUMKsAKHZrgCuUQ6AEIfDAP#v=onepage&q=Jhukar%20location&f=false
  11. 11.0 11.1 Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)
  12. {Jean-Marie Casal, Fouilles d'Amri (Paris : Librarie D. Klincksik, 1964), pp. 63-69.}
  13. {Mackay, Chanhu Daro Excavation, p. ix.}
  14. {Mackay, Chanhu Daro Excavation, p. ix.}
  15. {Mackay, Chanhu Daro Excavation, p.189. At his point Mackay States : "The upper levels of Mound II were very much disturbed because the Jhukar people used earlier material."}