جنيد بغدادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنيد بغدادي
(فارسي ۾: جنید بغدادی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم سنه 830[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 13 اپريل 910 (79–80 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بغداد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش بغداد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Black flag.svg خلافت عباسيہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
نمايان شاگرد حسين بن منصور حلاج  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شاگرد (P802) وڪي ڊيٽا تي
پيشو فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي،عربي ٻولي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

مشهور جيَد عالم حضرت جنيد بغداديءَ جو جنم 830ع ڌاري ٿيو.[4]

تعليم[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم پنهنجي مامي ۽ مرشد حضرت سري سقطيءَ کان حاصل ڪئي. فقھ جي تعليم ابو ثودادر کان ۽ تصوف جي تعليم حارث مجاسيءَ کان حاصل ڪيائين.[4]

مرتبو[سنواريو]

کيس ’صوفين جي سردار‘ جو لقب مليل آهي. پاڻ شريعت جي طريقن سان گڏ حقيقت جو شناسا هو، کيس مجتهد جو درجو به حاصل هو. اسلام جي به تبليغ ڪيائين ۽ جهاد ۾ به حصو ورتائين. سري سقطي، حضرت جنيدرحه جي باري ۾ چيو آهي ته ”حضرت جنيد بغداديرحه همه تن درد ۽ عشق آهن.“ جنيد بغدادي 7 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مرشد سان حج تي ويو. اتي سڀني حاجين کي شڪراني جا لفظ ادا ڪرڻا هئا ته ان موقعي تي جڏهن سندس وارو آيو ته هن چيو: ”الله تعاليٰ جيڪا نعمت توهان کي ڏني آهي، ان جي نافرماني نه ڪريو ۽ نعمت کي مصيبت جو ذريعو نه بڻايو“. تصوف جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته”هن رستي تي اهو هلي سگهي ٿو، جيڪو الله جي ڪتاب کي سڄي هٿ ۾ کڻي ۽ سنت مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي کٻي هٿ ۾ کڻي، انهن ٻنهي شين جي روشنيءَ ۾ هلڻ وارو شڪ ۽ شبهي جي ڪنهن کڏ ۾ نه ڪرندو، يا بدعت جي اونداهيءَ ۾ نه ڀٽڪندو.“ جنيد بغداديءَ جي پهرئين شاگرد منصور بن حلاج کانئس پنهنجي موت جي باري ۾ پڇيو، ان تي حضرت جنيد رح وراڻيو: ”ظاهري طرح تنهنجو موت پيو نظر اچي، پر باطن جو ڳجهه مالڪ ئي ڄاڻي.“[4]

عبديت جون خصلتون[سنواريو]

جنيد بغداديءَ جي عبديت جون ٻه خصلتون آهن:[4]

  1. ماڻهوءَ کي هر ظاهر ۽ باطن ٻنهي ۾ راضي رهڻو آهي ۽ چوڻو آهي ته منهنجا موليٰ! جيڪا تنهنجي رضا اها منهنجي رضا، جتي تون چاهين، اتي رک، ڇو ته تنهنجي رضا ۾ ئي منهنجي رضا آهي.
  2. رسول الله صلي الله عليه وسلم سان پوري محبت ڪرڻ، سندن حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۽ پنهنجي خيال جي حفاظت ڪرڻ.

نفس کي فنا ڪرڻ[سنواريو]

جنيد بغداديءَ مطابق جيستائين ڪو ماڻهو پنهنجي دنياوي خواهشن ۽ نفس کي ’فنا‘ نٿو ڪري، تيستائين هو خدا جي رستي تي نٿو هلي سگهي. هن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪڻڪ جو داڻو مٽيءَ سان ملندو آهي تڏهن پنهنجو ظاهري ۽ حقيقي وجود وڃائي ويهندو آهي، پر وري جڏهن نروار ٿيندو آهي ۽ زمين مان تيار ٿي نڪرندو آهي، تڏهن ڪنهن ٻئي رنگ ۾ هوندو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن خدا جي راهه ۾ هلڻو آهي ته پنهنجي نفس کي فنا ڪرڻو پوندو. هن جي تعليمات موجب: نفس کي ٽن طريقن سان وس ۾ ڪري سگهجي ٿو:[4]

  1. انا يعني ”مان ۽ منهنجي“ کي ختم ڪرڻ.
  2. عيش ۽ آرام کي ختم ڪري، درد ۽ عشق جي راهه وٺڻ.
  3. ظاهريت تي باطنيت کي فوقيت ڏيڻ ۽ ظاهر کي باطن جو ذريعو سمجهي، حقيقي علم تائين پڄڻ.
  4. تصوف جو مطلب پنهنجي نفس کي دنياوي شين کان پاڪ ڪرڻ آهي.

وفات[سنواريو]

هن جي جيَد عالم 910ع ڌاري وفات ڪئي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11906538c — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  2. GND ID: https://d-nb.info/gnd/119235277 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: CC0
  3. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11906538c — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.