جنيد بغدادي
| جنيد بغدادي | |
|---|---|
| (فارسي ۾: جنید بغدادی) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | بغداد |
| رهائش | بغداد |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| نمايان شاگرد | منصور الحلاج |
| پيشو | |
| ڪم جي ٻولي | |
| ترميم | |
مشهور جيَد عالم حضرت جنيد بغداديءَ جو جنم 830ع ڌاري ٿيو.[1]
تعليم
[سنواريو]هن شروعاتي تعليم پنهنجي مامي ۽ مرشد حضرت سري سقطيءَ کان حاصل ڪئي. فقھ جي تعليم ابو ثودادر کان ۽ تصوف جي تعليم حارث مجاسيءَ کان حاصل ڪيائين.[1]
مرتبو
[سنواريو]کيس ’صوفين جي سردار‘ جو لقب مليل آهي. پاڻ شريعت جي طريقن سان گڏ حقيقت جو شناسا هو، کيس مجتهد جو درجو به حاصل هو. اسلام جي به تبليغ ڪيائين ۽ جهاد ۾ به حصو ورتائين. سري سقطي، حضرت جنيدرحه جي باري ۾ چيو آهي ته ”حضرت جنيد بغداديرحه همه تن درد ۽ عشق آهن.“ جنيد بغدادي 7 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مرشد سان حج تي ويو. اتي سڀني حاجين کي شڪراني جا لفظ ادا ڪرڻا هئا ته ان موقعي تي جڏهن سندس وارو آيو ته هن چيو: ”الله تعاليٰ جيڪا نعمت توهان کي ڏني آهي، ان جي نافرماني نه ڪريو ۽ نعمت کي مصيبت جو ذريعو نه بڻايو“. تصوف جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته”هن رستي تي اهو هلي سگهي ٿو، جيڪو الله جي ڪتاب کي سڄي هٿ ۾ کڻي ۽ سنت مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي کٻي هٿ ۾ کڻي، انهن ٻنهي شين جي روشنيءَ ۾ هلڻ وارو شڪ ۽ شبهي جي ڪنهن کڏ ۾ نه ڪرندو، يا بدعت جي اونداهيءَ ۾ نه ڀٽڪندو.“ جنيد بغداديءَ جي پهرئين شاگرد منصور بن حلاج کانئس پنهنجي موت جي باري ۾ پڇيو، ان تي حضرت جنيد رح وراڻيو: ”ظاهري طرح تنهنجو موت پيو نظر اچي، پر باطن جو ڳجهه مالڪ ئي ڄاڻي.“[1]
عبديت جون خصلتون
[سنواريو]جنيد بغداديءَ جي عبديت جون ٻه خصلتون آهن:[1]
- ماڻهوءَ کي هر ظاهر ۽ باطن ٻنهي ۾ راضي رهڻو آهي ۽ چوڻو آهي ته منهنجا موليٰ! جيڪا تنهنجي رضا اها منهنجي رضا، جتي تون چاهين، اتي رک، ڇو ته تنهنجي رضا ۾ ئي منهنجي رضا آهي.
- رسول الله صلي الله عليه وسلم سان پوري محبت ڪرڻ، سندن حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۽ پنهنجي خيال جي حفاظت ڪرڻ.
نفس کي فنا ڪرڻ
[سنواريو]جنيد بغداديءَ مطابق جيستائين ڪو ماڻهو پنهنجي دنياوي خواهشن ۽ نفس کي ’فنا‘ نٿو ڪري، تيستائين هو خدا جي رستي تي نٿو هلي سگهي. هن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪڻڪ جو داڻو مٽيءَ سان ملندو آهي تڏهن پنهنجو ظاهري ۽ حقيقي وجود وڃائي ويهندو آهي، پر وري جڏهن نروار ٿيندو آهي ۽ زمين مان تيار ٿي نڪرندو آهي، تڏهن ڪنهن ٻئي رنگ ۾ هوندو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن خدا جي راهه ۾ هلڻو آهي ته پنهنجي نفس کي فنا ڪرڻو پوندو. هن جي تعليمات موجب: نفس کي ٽن طريقن سان وس ۾ ڪري سگهجي ٿو:[1]
- انا يعني ”مان ۽ منهنجي“ کي ختم ڪرڻ.
- عيش ۽ آرام کي ختم ڪري، درد ۽ عشق جي راهه وٺڻ.
- ظاهريت تي باطنيت کي فوقيت ڏيڻ ۽ ظاهر کي باطن جو ذريعو سمجهي، حقيقي علم تائين پڄڻ.
- تصوف جو مطلب پنهنجي نفس کي دنياوي شين کان پاڪ ڪرڻ آهي.
وفات
[سنواريو]هن جي جيَد عالم 910ع ڌاري وفات ڪئي.[1]