جتوئي (قبيلو)
جتوئي (Jatoi) سنڌ ۽ بلوچستان جي اوڀر واري ڪڇي جي ميدانن ۾[1] ڦهليل هڪ بلوچ قبيلو آهي.[2][3][4] [5][6][7][8] بلوچي روايتن ۾ مير جلال خان نالي هڪ سردار جو ذڪر آهي، جنهن کي چار پٽ؛ رند، لاشاري، هوت ۽ ڪورائي هئا ۽ هڪ ڌيءَ، جتو هئي، جنهن انهنجي ڀائٽي مراد سان شادي ڪئي. انهن بيتن مطابق اهي پنج ئي آهن، جن مان پنجن قبيلن رند، لاشاري، هوت، ڪورائي ۽ جتوئيءَ جا باني آهن.[9] جڏهن ته اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته جتوئي جاتن مان آهي، جيڪو مير جلال خان جو پنجون پٽ هو.[10]
تعلق
[سنواريو]جتوئي ھڪ روايت مطابق، مير جتوئي جي اولاد آهن ۽ سندن ڏاڏو/نانو مير جلال خان بلوچ هو. مير جلال خان بلوچ کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ "جتو" هئي. جتو جو مڙس اولاد ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويو هو. جنهن جي افسوس ۾ مائي جتو پاڻ پٿر (تڏو) ڪيو هو. ڪجهه مهينن پوء هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو، هن پنهنجي نالي جي نسبت سان "جتوئي" رکيو، جنهن کي "مير جتوئي" سڏيو ويو.[11] ڪتاب، "قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو" ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته نوس بن هرين جي هڪ پٽ جو نالو مير مراد خان هو. جنهن کي پهرين زال مان اولاد ڪو نه هو. اولاد خاطر هن پنهنجي سوٽ جتوءَ سان نڪاح ڪيو. هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو اولاد "جتوئي" آهن.
ايس. صادق علي پڻ هن راءِ سان متفق آھي. هڪ روايت موجب جتوئي، جت آهن، جيڪا مير چاڪر خان جو جنگي سامان کڻندا هئا ۽ بيرڪ بردار هئا. فرمانبرداري، ايمانداري، وفاداري ۽ شجاعت سبب مير چاڪر خان، جتوئين کي پنهنجي جھنڊي هيٺان آڻي بلوچ قوم ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ جتوئي جتن بجاءِ جتوئي سڏجن ٿا.[12] اصل ڪتاب، "بلوچ اور بلوچستان" (صفحو: 130) موجب "جتوئي" ساتڪ زئي قبيلي جو پاڙو آهي. جتوئي قبيلي جو اصل وطن ڪڇيءَ ۾ "ڀنر" جتوئي رياست هئي. زماني جي لاهن چاڙهن سبب اتان هجرت ڪري پنجاب جي سرائي پٽيءَ کان ٿيندا بکر کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سرائي پٽيءَ ۾ رهڻ ڪري هنن سرائيڪي ٻولي اختيار ڪئي. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين بلوچيءَ جي بجاءِ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو هنن ساٿ ڏنو، جنهن سبب کين جاگيرون عطا ڪيون ويون. سال 1857ع ۾ سردار امام بخش خان جتوئيءَ کي نوشهري ۽ دادوءَ جي علائقن ۾ انگريزن جاگير ڏني، جنهن کان پوء فتح خان جتوئي شڪارپور وارو، جتوئي قبيلي جو سردار مقرر ٿيو.[11] مغلن جي دؤر ۾ ڪڇيءَ ۾ ڀنڙ سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين "جتوئڪو" رياست قائم ڪيائون، جيڪا سال 1857ع تائين قائم رهي.[13]
مذھب
[سنواريو]ٻوليون
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکر سرڪار جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻو "جتوئي پرڳڻو" مشهور هو. هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بڙدي ۽ ڪورائي قبيلا آباد هئا، جيڪا سڀئي بلوچ نسل جا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه وقت سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا هئا.[11] ڪڇي ۾ سندن رياست "ڀنڙ جتوئي" هئي. پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين هنن "جتوئڪو رياست" قائم ڪئي، جيڪا سال 1857ع تائين قائم رهي.[14]
سردار
[سنواريو]هڪ صدي اڳ سنڌ ۾ جتوئين جو سردار فتح خان جتوئي هو، جيڪو تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ نيپئر آباد ۾ رهندو هو. جتوئين جا پاڙا هي آهن: جتوئي، عارباڻي، بُلا، بڊاڻي، بارگاڻي، برهماڻي، رمضاڻي،دائوداڻي، سيدخاناڻي، عطراڻي، مصراڻي، قادراڻي، جعفراڻي، ڪھرياڻي، راڄاڻي، مرڙاڻين، ڀرڳڙي، ڏياڻي، جانب، گاڏهي، گشڪوري، هاليلاڻي، هيسباڻي، تڙت، حسناڻي، ڪوش، کيرا، خشڪ، کروس، ڪرسي، کودا، مزاراڻي، نوچاڻي، نوتڪاڻي، اتيرا، شاهداڻي ۽ شر. ڪن روايتن موجب سُندراڻي، حاجيجا ۽ زنگيجا به جتوئين جا پاڙا آهن.[11]
سياستدان
[سنواريو]جتوئي قبيلي مان سياسي ميدان تي مرحوم غلام رسول خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ خان، عبدالحميد خان، لياقت علي جتوئي، ابراهيم جتوئي سميت ڪيترين ئي شخصيتن کي شهرت حاصل رهي آهي.[11]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Spooner, Brian. "BALUCHISTAN i. Geography, History and Ethnography". Encyclopedia Iranica.
- ↑ Ibbetson, Sir Denzil; Maclagan (1990) (en ۾). Glossary of the Tribes and Castes of the Punjab and North West Frontier Province. Asian Educational Services. ISBN 978-81-206-0505-3. https://books.google.com/books?id=1QmrSwFYe60C&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA48.
- ↑ (en ۾) Imperial Gazetteer of India .... Clarendon Press. 1908. https://books.google.com/books?id=xAZwY5MSte8C&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA120.
- ↑ Cheesman, David (2013-12-16) (en ۾). Landlord Power and Rural Indebtedness in Colonial Sind. Routledge. ISBN 978-1-136-79449-0. https://books.google.com/books?id=vQZeAgAAQBAJ&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA39.
- ↑ (en ۾) Gazetteer of the Jhang District: 1883. 1883. https://books.google.com/books?id=3agIAAAAQAAJ&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=RA1-PA55.
- ↑ Kaul, Hari Kishan; Tomkins, L. L. (1914) (en ۾). Report on Questions Relating to the Administration of Criminal and Wandering Tribes in the Punjab. Superintendent, Government Printing, Punjab. https://books.google.com/books?id=VGY6AQAAMAAJ&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA48.
- ↑ (en ۾) Provincial Series: Bombay Presidency .... Superintendent of government printing. 1909. https://books.google.com/books?id=CltuAAAAMAAJ&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA267.
- ↑ Baluchistan (Pakistan) (1908) (en ۾). Baluchistan District Gazetteer Series: Index, v. 1-8. printed at Bombay Education Society's Press. https://books.google.com/books?id=b-G1AAAAIAAJ&dq=jatoi+tribe%C2%A0&pg=PA13.
- ↑ Spooner, Brian. "BALUCHISTAN i. Geography, History and Ethnography". Encyclopedia Iranica.
- ↑ Ram, Hutto (1907). Tareekh Balochistan. pp. 10.
- ↑ 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ 13.0 13.1 ڪتاب جو نالو؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
- ↑ [1][مئل ڳنڍڻو] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو