جاپان جو ثقافتي ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ثقافتي ڏينهن
سرڪاري نالو بونڪا-نو-هي (文化の日)
ملهائڻ وارا جاپان
قسم قومي
اهميت ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخ 3 نومبر
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو

جاپان جو ثقافتي ڏينهن (文化の日, بونڪا-نو-هي)، هر سال 3 نومبر تي جاپان ۾ ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن تي جاپان ۾ عام موڪل هوندي آهي. هن ڏينهن تي جاپاني ثقافت کي اجاگر ڪيو ويندو آهي.

تاريخ[سنواريو]

هي ڏينهن پهريون دفعو 1948ع تي ملهايو ويو. هن ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ 3 نومبر 1946ع تي جاپان جي آئين جي ذريعي ڪيو ويو.[1]

1868ع تي هن ڏينهن کي قومي موڪل جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو، جنهن کي تينچو ستسو (天長節)، چيو ويندو هو. هي ڏينهن جاپاني سلطنت جنهن کي ميجي شهنشاهت چيو ويندو هو، جي ٻيهر واپسي واري ڏينهن تي ملهايو ويندو هو. 1912ع تي ميجي جي وفات کان پوءِ 1927ع تائين اهو ڏينهن نومبر 3 تي ئي ملهايو ويندو هو، پر ان کان پوءِ ميجي جي سالگراهه واري ڏينهن کي مخصوص ڏينهن ميجي ستسو(明治節) تي ملهائڻ جو اعلان ٿيو. 1927 کان 1848ع تائين 3 نومبر واري ڏينهن ملهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو.[1]

موجوده تقريبون[سنواريو]

ثقافتي ڏينهن جاپان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن ته مقامي ۽ صوبائي حڪومتون مختلف تقريبون منعقد ڪنديون آهي، جنهن ۾ آرٽ ايگزيبيوشن، ثقافتي ميلا، ۽ پريڊ شامل آهن. مثال طور، هڪونه جا ماڻهو ڪاناگاوا پريفيڪچر ۾ هر سال هنڪني ديميو گوئيرستو (箱根大名行列) نالي هڪ امير ماڻهن جي پريڊ جو احتمام ڪندا آهن، جنهن ۾ قديم دور جي سلطنت ايدو جا ڪپڙا پائيندا آهن.[2] هن ڏينهن تي يونيورسٽين ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان نوان ريسرچ ۽ پروجيڪٽ پڻ جمع ڪرايا ويندا آهن. اسڪول جي ٻاران لاءِ ثقافتي ميلا لڳايا ويندا آهن.[3]

1936ع کان آرڊر آف ڪلچر نالي سان ايوارڊ تقريب هن ڏينهن تي ٿيندي آهي.[4] هي ايوارڊ جاپاني بادشاهه پاران انهن کي ڏنو ويندو آهي، جنهن سائنس، ثقافت يا فنون لطيفه جي شعبن ۾ بهترين مهارت ڏيکاري هجي. هي انعام صرف جاپانين لاءِ مخصوص ناهي، هي ايوارڊ اپالو 11 جي خلابازن کي به ڏنو ويو جيڪي چنڊ تان واپس زمين تي پهتا هئا. ان سان گڏ اديب ڊونلڊ ڪين کي پڻ ڏنو ويو.[5]

هي ڏينهن جاپان ۾ مشهور ڏينهن آهي، 1965ع کان 1996ع تائين صرف ٽن سالن دوران ٽوڪيو ۾ برسات پئي جنهن لاءِ تقريبون متاثر ٿيون.[6]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "November 3, Culture day 文化の日 (Bunka no hi) Japan". Jappleng University. حاصل ڪيل November 1, 2017. 
  2. GoJapan: Japanese Autumn Holidays, Retrieved November 17, 2005
  3. "School life 学校生活". A Taste of Languages at School (ATLAS). يونيورسٽي ڪاليج لنڊن. حاصل ڪيل November 2, 2011. 
  4. "Decoration Bureau". Cabinet Office, Government of Japan. وقت August 9, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 2, 2011. 
  5. Literary Scholar Donald Keene Awarded the Order of Culture. 16. Consulate-General of Japan in New York. November 2008. http://www.ny.us.emb-japan.go.jp/en/c/2008/japaninfo0811.html. Retrieved November 2, 2011. 
  6. Kids Web Japan: Culture Day, Retrieved November 17, 2005