آرامي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آرامي ٻوليءَ جي الفابيٽ

آرامي ٻولي (انگريزي: Aramaic language) ’سامي خاندان‘ جي ھڪ ٻولي، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام کان اڳ توڙي پوءِ، ڪيترين ئي صدين تائين عراق، الجزائر، شام ۽ فلسطين ۾ رائج ھئي. جڏھن عبراني ٻولي ختم ٿي ته آراميءَ انھيءَ جي جاءِ والاري ۽ توريت جا ڪيترائي ڀاڱا آرامي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا ۽ اھي ترگوم (Targum) سڏيا ويا.
”آرامي“ جون ڪئين شاخون آھن. اھا شاخ جيڪا سريا (شام) ۾ رائج ھئي، سرياني (Syriac) سڏي وئي. اسلامي سوڀن (ستين صدي عيسوي) کان پوءِ آراميءَ جي جاءِ تي آھستي آھستي عربي ٻولي ايندي وئي ۽ ان جي جڳهه والاريائين.
عراق، شام، فلسطين، ڪنعان ۽ ڪن عرب علائقن ۾ آباد قومون سامي نسل جون آھن، انھيءَ ڪري انھن جي ٻولين کي ”سامي زبانون“ چيو ويو. سامي ۽ آرامي ساڳئي نسل جون ٻوليون آھن.[1]