جامع ابن طولون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

خليفه بغدادمعتزباالله جي ڪمزور دور حڪومت ۾ ترڪ فوجي وڏي طاقت حاصل ڪري چڪا هئا ۽ خليفو انهن جي هٿ ۾ هڪ بي وس حاڪم هو. سنه 253 هه ۾ خليفي هڪ ترڪ سرداربابڪيال کي مصر جي گورنري عطا ڪئي. بابڪيال خود بغداد ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي هڪ زبردست سردار احمد بن طولون کي پنهنجو نائب ڪري مصر روانو ڪيو. هن جو پيءُ طولون هڪ ترڪ شهزادو، جو ننڍپڻ ۾ فرغانه جي جنگين ۾ قيد ٿي خليفي جي درٻار ۾ پهتو ۽ اتي ئي شاهي غلامن ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ سندس پٽ احمد پڻ دارالخلافه ۾ تعليم ۽ تربيت وٺي حڪومت جي ڪاروبار ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي. احمد بن طولون کي مصر ۾ نائب مقرر ڪيو ويو، جتي هن ايتري مهارت حاصل ڪئي جو خليفه وقت کي به مٿس ڪو زور نه هو، اگرچ احمد خطبي ۾ خليفه بغداد جو نالو قائم رکيو. خليفه معتزل کان پوءِ خليفيمهــدَي پڻ احمد بن طولون کي مصر جو پروانو عطا ڪيو. احمد بن طولون مصر جو انتظام نهايت سهڻي نموني سان هلايو ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خوب پيسو خرچ ڪيائين ۽ عوام سندس حڪومت مان نهايت خوش هو. احمد مصر ۾ جيڪي تعميرات ۽ رفاه عام جا ڪم ڪيا، انهن ۾ سندس ٺهرايل (مسجد ابن طولون) اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هي مسجد ان زماني جي فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي. هن مسجد جو سنگ بنياد سنه 876ع ۾ رکيو ويو، چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ يعني 879ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن مسجد جو نقشو بلڪل عمرو بن العاص جي مسجد جهڙو آهي، جا مصر جي پهرين مسجد آهي. جيڪا عمروبن العاص سن 21 هجري مطابق سنه 642ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. ابن طولون جي مسجد جي ايراضي هن مسجد جي اڌ جيتري آهي. مسجد جي وچ ۾ هڪ چورس ڪشاده اڱڻ آهي ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪشاده ورانڊا آهن، جيڪي ڪيترن ئي وڏن ٿنڀن تي محرابن وانگر ٺهيل آهن. هنن محرابن جون ڪمانون مٿي وڃي چهنبدار ٿين ٿيون ۽ انهن جو هيٺيون پيلرن وارو حصو گهوڙي جي نال وانگر آهي جيڪو هيٺ ويڪرو ٿيندو ويو آهي ۽ اها خاص عربي طرز تعمير آهي، ڇو ته گهوڙو عرب جو خاص قومي نشان آهي. هنن محرابن جا ٿنڀا عام رواجي ٿنڀن جهڙا نه آهن، پر انهن ٿنڀن جي ڪنڊن کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو ڄڻ چئني ڪنڊن تي چار ننڍا ننڍا ٿنڀا نظر اچن ٿا. انهن ٿنڀن جو هيٺيون حصو مشرقي فن تعمير جو نمونو ڏيکاري ٿو. اهڙي نموني اهي چئن پيلرن وارا ٿنڀا ۽ مٿان نوڪدار محرابون هڪ عجيب منظر پيدا ڪن ٿيون ۽ اهڙي طرز تعمير گاٿ قومن جي ديولين ۽ عبادتگاهن ۾ عام نظر اچي ٿي. انهن محرابن جي مٿان ڇت مسجد عمرو بن العاص جي ڇت وانگر تعمير ٿيل آهي، ۽ مٿانئس ڪي به نقش نگار اڪريل ڪونهن. ليڪن اهي نوڪدار محرابيون جڏهن ڪنهن گنبذ جي سامهون تعمير ڪيون وڃن ٿيون ته سندن مٿي کنيل ڪماندار گردنون ڄڻ ته گنبذ جي سامهون تمام نازڪ ۽ خوشنما نظارو پيش ڪن ٿيون ۽ گنبذ جي بلندي ۽ عظمت کي نهايت وضع دار ۽ خوبصورت بنايو ڇڏين، خاص ڪري مشرقي اڏاوت جي ٿورو دٻيل گنبذ جي خوبصورتي کي چمڪايو ڇڏين. هن مسجد جي اندرين اڏاوت عام طرح جيئن مسجدن ۾ محراب ٿيندو آهي. اهڙي نموني سان هڪ شاندار ڪمان تي محراب آهن جنهن جو رخڪعبة الله شريف ڏي آهي ۽ محراب جي سڄي هٿ تي هڪ عاليشان منبر آهي، جنهن تي خطيب بيهي خطبو ڏيندو آهي. مسجد طولون جي اندرئين ۽ ٻاهرين ڀتين، ٿنڀن، ڪمانن ۽ جارن تي قرآن پاڪ جون آيتون نهايت خوش خطي سان ڪاٺ جي تختن تي اڪريل آهن، جنهن مان وقت جي ڪاريگرن جي عظيم عظمت ظاهر ٿئي ٿي ۽ ڏسندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. مشهور مؤرخفلپ - ڪي - هٽي، ”هسٽري آف عربس“ ۾ لکي ٿو ته مسجد طولون ۾ قرآن پاڪ جو 17/1 حصو ڪاٺ تي اڪريل آهي. هي فن خطاطي ۽ عمارت سازي جو خاص عربي نمونو پيش ڪري ٿو. ان کان سواءِ درين جي مٿان، پاسن کان ۽ محرابين جي مٿان ڪيترا گل ڦل ۽ ٻوٽا نهايت خوبصورتيءَ سان بنايا ويا آهن. جنهن سان مسجد جي خوبصورتي وڌي ويئي آهي. مسجد طولون جون ٻاهريون ديواريون ڪنگريدار آهن، هي سڄي مسجد پڪ سري ٺهيل آهي ۽ مٿانئس گچ جو پلستر ٿيل آهي ۽ مسجد ۾ نقش نگار، گل ۽ ٻوٽا پڻ گچ سان اهڙي طرح اڪر تي ٺهيل آهن جو ڄڻ اصل گل ۽ ٻوٽا پيا سمجهه ۾ اچن. هن مسجد تي ڪيترائي مينار ٺهيل هئا. هر گنبذ ۽ هر ڪنڊ تي مينار هو، جيڪي سڀ هن وقت ڊهي ويا آهن. هن وقت فقط هڪ مينار نظر اچي ٿو. هن مينار جي خوبصورتي به ڏسڻ وٽان آهي. هي مينار هيٺان بلڪل هم چورس آهي، وچ ۾ ڇهه ڪنڊو ۽ مٿي اٺ ڪنڊو آهي، جنهن ۾ اڪيچار دريون نظر اچن ٿيون. مسجد جي وسيع اڱڻ ۾ هڪ وڏو پاڻيءَ جو حوض آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو آهي، جنهن مان حوض کي پاڻي ملي ٿو. ان جي چوڌاري وضو ڪرڻ جون سندليون آهن، جي پڻ پختي گچ سان خوبصورت ٺهيل آهن. ڦوهاري واري عمارت جي دروازي تي وڏيون دريون آهن، جن جي مٿان ڪمان عيوض ٽڪنڊيون محرابيون ٺاهيون ويون آهن. سڄي عمارت جو فرش ٽائلس وانگر ڪاشيءَ جي رنگين سرن سان فرشبندي ڪيل آهي. مطلب وچين دور جي مسلمانن دين جي سربلنديءَ سان گڏ دنيا جي علمن ۽ هنرن ۾ به زبردست ترقي ڪئي ۽ ايندڙ دنيا جا معلم بنيا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. جامع ابن طولون -- مصر جي عظيم عبادتگاهه---سيف الله بلوچ ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ