مواد ڏانھن هلو

جئانگسو صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جئانگسو صوبو

Jiangsu
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: نانجنگ ۾ زيفينگ ٽاور، سُوجَو ۾ جوجئانگ، ٽائيگر ھل پگوڊا، شوجو وارو ٽي وي ٽاور، سن يات سين جو مقبرو
Map showing the location of Jiangsu Province
نقشي ۾ جئانگسو نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E / 32.9; 119.8
ملڪچين عوامي جمهوريه چين
سڃاڻپ جئانگ – جئانگجنگ (ھاڻي: نانجنگ)
سوسوجو
گادي جو هنڌنانجنگ
وڏي ۾ وڏو شھرسوجو
انتظامي ورهاست13 پريفيڪچر، 106 ڪائونٽيون، 1488 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي حڪومت
• باڊيصوبائي پيپلز ڪانگريس
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريلو چنجيان
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينلُو چِنجِيان
• گورنروو جينگلانگ
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينھوئانگ لشين
ايراضي
• ڪل102,600 چورس ڪلوميٽر (39,600 چورس ميل)
ايراضي درجو25ھون وڏو صوبو
آبادي
 (2018)[1]
• ڪل80,400,000
• اندازو
(2019)
8,07,00,000
• درجوپنجون وڏو صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجو4th
Demographics
آء ايس او 3166 ڪوڊCN-JS
GDP (2018)CNY 9.3 trillion
USD 1.4 trillion
$2.849 trillion (PPP)[2] (2nd)
 • per capita¥115,768
$17,488 (4th)
$34,752 (PPP)
 • growthIncrease 6.7%
HDI (2018)0.820[3] (very high) (4th)
ويب سائيٽwww.jiangsu.gov.cn
جئانگسو
"جئانگسو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 江苏
روایتي چیني 江蘇
لغوي معنیٰ "جئانگ(ننگ) ۽ سو(جو)"


جئانگسو(انگريزي: Jiangsu )江苏 (پھرين رومن ۾ ان لاء لفظ ڪيئانگسو (انگريزي: Kiangsu) استعمال ٿيو بعد ۾ رومن ۾ جئانگسو ٿيو) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ اوڀر واري ساحلي صوبي جو نالو آهي. اھو چين جي ماليات، تعليم، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ھر اول صوبو آهي. ان جي گادي جو هنڌ نانجنگ آھي پر ھن صوبي جو وڏي ۾ وڏو شھر سوجو آھي. جئانگسو پکيڙ ۾ چين جو ٽيون نمبر ننڍي ۾ ننڍو صوبو آهي، پر آبادي ۾ پنجون وڏو صوبو آھي ۽ سڀ کان وڏو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي. ھي صوبو گوئينگڊانگ کان پوءِ جي ڊي پي ۾ چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي.[4] جئانگسو جي اتر ۾ شئنڊانگ، اولھه اينھئي، ڏکڻ ۾ زئجيانگ صوبو ۽ شنگھائي ميونسپلٽي واقع آهن. ھن صوبي جي ساحلي پٽي جي ڊيگھه 1000 ڪلوميٽر (620 ميل) آھي. يانگزي ندي ۽ پيلي ندي ھن صوبي جي ڏاکڻي حصي مان گذرن ٿيون. ھي علائقو سوئي گھراڻي ۽ تانگ گھراڻي جي دؤر کان چين جو معاشي ۽ واپاري مرڪز رھيو آھي ان جو ھڪ سبب گرينڊ ڪينال، چين جي تعمير پڻ آهي. ھن صوبي جي وڏي شھرن ۾ نانجنگ، سوجو، ووشي، چنگجو شامل آهن ۽ شنگھائي، جيڪو 1927ع ۾ جئانگسو کان الڳ ڪيو ويو، سڀ معاشي مرڪز ھيا. 1990ع ۾ معاشي سڌارن شروع ٿيڻ کان وٺي جئانگسو معاشي ترقيءَ جو مرڪزي مقام بڻجي ويو. ان جو شمار چين جي سڀ کان وڌيڪَ ترقي يافته صوبن منجھ ٿي ويو.[3] جئانگسو صوبو اليڪٽرانڪ سامان، ڪيميڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي چوٽي وارن برآمد ڪندڙن جو ديس آهي.[5] سال 2006ع کان پوءِ چين ۾ پرڏيهي سيڙپ سڀ کان گھڻي ھن صوبي ۾ ٿي آھي. 2018ع ۾ ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 1.39 ٽرلين آمريڪي ڊالر ھئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. 29 April 2011. اصل نسخو مان 27 July 2013 تي محفوظ ڪيل. 4 August 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. 江苏省2017年国民经济和社会发展统计公报 (چيني ۾). Jiangsu Bureau of Statistics. 2019-01-25. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2019-01-26 تي محفوظ ڪيل. 2019-01-26 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. 2020-04-17 تي حاصل ڪيل.
  4. 赵婷婷. "Top 10 regions with highest GDP in China[2]- Chinadaily.com.cn". ChinaDaily.com.cn. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 28 October 2016 تي محفوظ ڪيل. 22 January 2017 تي حاصل ڪيل.
  5. "China provinces 'to be bigger than Russia'". FT.com. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 6 April 2012 تي محفوظ ڪيل. 22 January 2017 تي حاصل ڪيل.