مواد ڏانھن هلو

شنگهائي

(شنگھائي کان چوريل)
شنگھائي
上海市
چيني حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
مٿان کاٻي کان ساڄي پاسي:لجيئازئي وارو افقي منظر، يو گارڊن، نانجنگ روڊ، ايڇ ايس بي سي بلڊنگ، چيني آرٽ ميوزم، پراڻو شھر
اشتقاق: 上海浦 (شنگھائي پيو)
" ھوئانگپيو ندي جو اصل نالو."
چين ۾ شنگھائي ميونسپلٽي جو حصو مقام
چين ۾ شنگھائي ميونسپلٽي جو حصو مقام
متناسقات (پيپلز اسڪوائر): 31°13′43″N 121°28′29″E / 31.22861°N 121.47472°E / 31.22861; 121.47472
ملڪ عوامي جمهوريه چين
ريجن اوڀر چين
آبادي جي شروعات ت.4000 ق م[1]
چنگلانگ شھر جو قيام
746
 - شنگھائي ڪائونٽي 1292[2]
 - ميونسپلٽي 7 جولاءِ 1927
انتظامي ورهاست
  ڪائونٽي سطح:
  ٽائون شپ سطح:

16 ضلعا
210 ٽائون ۽ ذيلي ضلعا
حڪومت
  قسم ميونسپلٽي
  مجلس شنگھائي ميونسپل پيپلز ڪانگريس
  ڪميونسٽ پارٽي شنگھائي جو سيڪريٽري لي چيانگ
  ميئر گانگ جينگ
  ڪانگريس چيئرمين Jiang Zhuoqing
  ميونسيپل چيئرمين سانچو:Ill[3]
پکيڙ[4][5]
  ميونسپلٽي 6,341 ڪ.م2 (2,448 ميل2)
  پاڻي 697 ڪ.م2 (269 ميل2)
  شھري (2018)[6] 4,000 ڪ.م2 (1,550 ميل2)
بلندي 4 ميل (13 ft)
بلند ترین  پیمائش (شيشان ٽڪري) 118 ميل (387 ft)
آبادي (2019)[7]
  ميونسپلٽي 26,317,000
  تخمينو  (2020) 27,058,000
شنگهائي
عام چيني ٻولي ۾ لکيل لفظ شنگھائي
چیني 上海
لغوي معنیٰ "سمنڊ مٿان"

شنگھائي (Shanghai) عوامي جمهوريه چين جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو چين جي سڌي اختيار واري شنگھائي ميونسپلٽي ۾ واقع آهي جنھن تي چين جي رياستي ڪائونسل جي حڪومت آھي. اھو يانگزي ندي جي سمنڊ ۾ پوندڙ ڏاکڻي شاخ لڳ واقع آهي جتي ھوئانگپيو ندي ان سان ملي ٿي. شھر جي آبادي سال 2019ع ۾ 2،42،80،000 ھئي. ھي آبادي ۾ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. شھر عالمي مالياتي مرڪزن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي مرڪزن، آمد و رفت ۽ مينيوفيڪچرنگ جي عالمي مرڪزن ۽ دنيا جي مصروف ترين بندرگاھن ۾ شامل آهي.

شھر شروع ۾ ھڪ مھاڻن جو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو وڌي مارڪيٽ ٽائون جي درجي تي پهتو. اوڻويھين صدي عيسوي ۾ شھر کي واپار ۽ بندرگاھ جي لاء سازگار مقام ھجڻ سبب چاڙھ مليو. پھرين آفيم جي جنگ بعد پرڏيهي تجارت لاء جيڪي پنج بندرگاھون زبردستي ٺاھيون ويون انھن ۾ شنگھائي واري بندرگاھ پڻ شامل ھئي. شھر ھڪ وڏو عالمي تجارتي مرڪز ٿي ويو پر سال 1949 ۾ سوشلسٽ انقلاب جی بعد تجارتي سرگرميون زوال پذير ٿي ويون. سال 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ڊينگ شيائوپنگ جي آندل معاشي سڌارن ذريعي ھن شھر تمام تيزي سان ترقي ڪئي. خاص طور تي پيوڊانگ وارو نئون حصو تجارتي ۽ مالياتي سيڙپ جي واپسي سان عالمي مرڪز ٿي ويو. ھن شھر جي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي ڏھ وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجن مان ھڪ آھي. شنگھائي مفت ٽريڊ زون چين جي مفت ٽريڊ زونن ۾ پھريون زون ھيو. سال 2020ع ۾ ھن شھر جو شمار الفا پلس شھرن ۾ ٿي ويو. ھي دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ارب پتي ماڻھن جو شھر سڏيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "The Shanghainese of 6000 Years Ago – the Majiabang Culture", Shanghai Qingpu Museum, اصل کان 4 January 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 July 2017۔
  2. (ٻولي ۾ چيني), Government of Shanghai https://web.archive.org/web/20160305192548/http://www.shtong.gov.cn/node2/node70393/node70403/node83902/node83904/userobject1ai121430.html, اصل کان 5 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 November 2017۔ خالي يا غائب |title= (مدد)
  3. "آرڪائيو ڪاپي" (zh-CN ۾). Xinhua. 27 January 2018. Archived from the original on 27 January 2018. https://web.archive.org/web/20180127143345/http://www.xinhuanet.com/2018-01/27/c_1122325601.htm. Retrieved 5 April 2021.
  4. "Doing Business in China – Survey", Ministry Of Commerce of the People's Republic of China, اصل کان 26 May 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 5 August 2013۔
  5. "Land Area", Basic Facts, Shanghai Municipal People's Government, اصل کان 3 October 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 19 July 2011۔
  6. Cox, W. (2018). Demographia World Urban Areas. 14th Annual Edition. St. Louis: Demographia. p. 22. http://www.demographia.com/db-worldua.pdf. Retrieved 15 June 2018.
  7. [Statistical Communiqué of Shanghai on the 2019 National Economic and Social Development] |trans-title= گهرجي |title= (مدد), tjj.sh.gov.cn (ٻولي ۾ چيني), Shanghai Municipal Statistics Bureau, 9 March 2020, اصل کان 24 March 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 24 March 2020۔