مواد ڏانھن هلو

گوئينگڊانگ صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوئينگڊانگ صوبو

Guangdong
مٿان کان ھيٺ ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي: گوانگجو ۾ ڪينٽن ٽاور، نينشن ڊسٽرڪٽ، شينجن جو افقي منظر، ھانگ ڪانگ-ژوھائي-ميڪائو پل، ڊينگزيا جبل جو منظر
Map showing the location of Guangdong Province
گوئينگڊانگ صوبو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 23°24′N 113°30′E / 23.4°N 113.5°E / 23.4; 113.5
ملڪعوامي جمهوريه چين
سڃاڻپ广 = ڪشادو، ويڪرو، وسيع
= اوڀر
لفظي معني: " وسعت جي اوڀر وارو پاسو (گئانگزي ان جو اولھ آھي)
گادي جو هنڌ
(۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
گوانگجو
انتظامي ورهاست21 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 1642 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي حڪومت
• باڊيگوئينگڊانگ صوبائي پيپلز ڪانگريس
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريلي شي
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينLi Yumei
• گورنرMa Xingrui
• پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينوئينگ رانگ
ايراضي
• ڪل179,800 چورس ڪلوميٽر (69,400 چورس ميل)
ايراضي درجوپکيڙ ۾ 15ھون نمبر وڏو صوبو
آبادي
 (2018)[2]
• ڪل113,460,000[3]
• اندازو
(2019)
115,210,000
• درجوآبادي م سڀ کان وڏو صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجو7th
رهاڪو نالو۽ گوئينگڊانگي يا گوئينگڊانگيز ۽ ڪينٽوني يا ڪينٽونيز[4]
Demographics
آء ايس او 3166 ڪوڊCN-GD
GDP (2019)[5]¥10.77 trillion
$1.66 trillion
 • Per Capita¥85,738
$13,190
HDI (2018)Increase 0.791[6]
high · 4th
ويب سائيٽwww.gd.gov.cn (in Chinese)
گوئينگڊانگ صوبو
لفظ گوئينگڊانگ آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 广东
روایتي چیني 廣東
لغوي معنیٰ "اوڀرائين وسعت"
اختصار
آسان چیني
روایتي چیني
لغوي معنی ڏکڻ چين جي بائيو جو قديم نالو

گوئينگڊانگ يا گئانگڊونگ (انگريزي: Guangdong )، جنھن کي ڪينٽن صوبو (انگريزي: Canton Province )، يا ڪوانگچنگ پڻ سڏيندا آهن. اھو عوامي جمهوريه چين جي ڏکڻ چين واري ريجن ۾، ڏکڻ چيني سمنڊ تي واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي. ان جي آبادي 2018ع ۾ 11,34,60,000 ھئي[7]. صوبي جي پکيڙ 1,79,800 چورس ڪلوميٽر آهي. اھو 2005ع کان پوءِ آبادي ۾ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان کان اڳ ھينان صوبو پھرين نمبر تي ھيو. پکيڙ ۾ گوئينگڊانگ چين جو 15ھون وڏو صوبو آھي. ھن صوبو جي ڊي پي ۾ پڻ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان جي جي ڊي پي 200 ارب يو ايس ڊالر آھي. ھي صوبو دنيا جي چوٿين وڏي صوبائي معيشت ۾ شمار ٿئي ٿو.[7] پرل ندي ڊيلٽا وارو معاشي زون ۽ چيني مئگاپولس چين جي وڏي ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ ۽ پرڏيھي واپار جو مرڪز آھن. جيڪي پڻ ھن صوبي ۾ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ گوانگجو ۽ ٻيو وڏو شھر شينجن ٻہ وڏا معاشي مرڪز آھن. شينجن چين جو سڀ کان پھريون مخصوص معاشي زون آهي. ٻئين شھر دنيا جي ميگا شھرن ۾ شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي جو 92.7 سيڪڙو آبادي لامذھب ۽ روايتي مذھبن کي مڃيندڙ آھي[8]. گوئينگڊانگ ۾ ٻٽي پارٽي نظام ذريعي حڪومت ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ صوبي جو نگران گورنر ھوندو آھي جنھن جي مٿان ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري نظر رکندو آھي. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو اصل ۾ ھن صوبي جا حصا ھيا جيڪي برطانيا ۽ پورچوگال جي حوالي ٿيا ۽ ھاڻي انھن کي مخصوص انتظامي ريجن جو درجو ڏنل آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Doing Business in China – Survey". Ministry Of Commerce – People's Republic Of China. 5 August 2013 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  2. "National Data". National Bureau of Statistics of China. 6 March 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 April 2016 تي محفوظ ڪيل. 17 April 2016 تي حاصل ڪيل.
  3. 2018年广东国民经济和社会发展统计公报 (چيني ۾). Guangdong Provincial Bureau of Statistics. 27 February 2019. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 22 March 2019 تي محفوظ ڪيل. 14 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  4. Guldin, Gregory E. (1984). "Seven-Veiled Ethnicity: A Hong Kong Chinese Folk Model". Journal of Chinese Studies 1 (2): 139–156. https://www.jstor.org/stable/44289777.
  5. GDP-2019 is a preliminary data, and GDP-2018 is a revision based on the 2018 CASEN: "Home - Regional - Quarterly by Province" (Press release). China NBS. 15 April 2020. 15 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. 17 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. 1 2 "National DATA of China". China NBS. 23 July 2019. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 April 2016 تي محفوظ ڪيل. 23 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  8. Note that this includes China's predominant religious category, Daoism