مواد ڏانھن هلو

شئنڊانگ صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شئنڊانگ

شينڊانگ

Shandong
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: جينان ۾ ھزار ٻڌ جبل، چنگڊائو جو فضائي منظر، تائي جبل تي آسمان جي ڏاکڻي دروازي جو منظر، چوفو ۾ ڪنفيوشس جو مندر
Map showing the location of Shandong Province
نقشي ۾ شئنڊانگ صوبو نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 36°24′N 118°24′E / 36.4°N 118.4°E / 36.4; 118.4
ملڪ عوامي جمهوريه چين
سڃاڻپ شان—"(تائيھانگ) جبل"
ڊانگ— "اوڀر"
"(تائيھانگ) جبلن جو اوڀر
گادي جو هنڌجينان
وڏي ۾ وڏو شھرلنيي (آبادي ۽ پکيڙ)

جينان (شھري آبادي ۾)

چنگڊائو ( شھري واپاري مرڪز ۾ )
انتظامي ورهاست16 پريفيڪچر، 140 ڪائونٽيون، 1941 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي حڪومت
• باڊيشئنڊانگ صوبائي پيپلز ڪانگريس
• ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريليو جيئايي
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينليو جيئايي
• گورنرلي گانجئي
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينفو جيفانگ
ايراضي
• ڪل157,100 چورس ڪلوميٽر (60,700 چورس ميل)
ايراضي درجو20ھون وڏو صوبو
آبادي
 (2018)[2]
• ڪل100,472,400
• اندازو
(2019)
100,700,000
• درجوٻيون نمبر وڏو صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجوپنجون وڏو صوبو
Demographics
ISO 3166 ڪوڊCN-SD
GDP (2018)CNY 7.65 trillion
USD 1.156 trillion
$2.0 trillion (PPP)[3] (3rd)
 • per capitaCNY 76,908
USD 11,617 (9th)
HDI (2018)Increase 0.765[4]
high · 10th
ويب سائيٽSD.gov.cn
شئنڊانگ صوبو
"شئنڊانگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 山东
روایتي چیني 山東
لغوي معنیٰ "(تائيھانگ) جبلن جو اوڀر"


شئنڊانگ يا شينڊانگ(انگريزي: Shandong ) جنھن کي شروع ۾ شينتونگ (انگريزي: Shantung ) طور رومانيو ويو ھو، عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي جيڪو چين جي اوڀر ريجن ۾ واقع آهي[5]. صوبي جو سڀ کان بلند ترين ھنڌ تائي جبل آھي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1545 ميٽر آھي. شئنڊانگ جي اتر ۾ بوھائي سمنڊ جي اتراولھ ۾ ھيبئي، اولھ ۾ ھينان، ڏکڻ ۾ جئانگسو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ پيلو سمنڊ واقع آهن.

مقدس تائي جبل

ھي صوبو تاريخ ۾ تائوازم، چيني ٻڌازم ۽ ڪنفيوشسزم جو اھم مرڪز رھيو آھي. ان صوبي ۾ واقع تائي جبل تائوازم ۾ عقيدت جو اھڃاڻ آهي جتي مذھبي پوڄا ڪئي ويندي آهي[6] صوبائي گادي واري هنڌ جينان جي ڏکڻ واري جبلن ۾ ٻڌن جا مندر چين اندر ٻڌ مذھب وارن جو ھڪ اھم مرڪز آھن[7] چوفو شھر ڪنفيوشس جي جنم ڀومي آهي جيڪو بعد ۾ ڪنفيوشسزم جو مرڪز ٿي[8] ھن صوبي جي پکيڙ 157100 چورس ڪلوميٽر آهي. ھن صوبي جي آبادي 2019ع ۾ ڏھ ڪروڙ ست لک ھئي ۽ آبادي ۾ ھي چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي[2] آبادي جي گھاٽائي ۾ ھن صوبي جو چين ۾ پنجون نمبر آھي. صوبي جي آبادي جو 99.3 سيڪڙو ماڻھو ھان چيني نسل سان تعلق رکندڙ آهن. ھي صوبو چين جي ٽيون نمبر وڏي معيشت آھي. ان جي 2018ع ۾ جي ڊي پي 7.65 ٽرلين يوئان ھئي جيڪا 1.156 ٽرلين آمريڪي ڊالرن جي برابر ھئي[9].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Doing Business in China - Survey". Ministry Of Commerce - People's Republic Of China. 5 August 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 "National Data of the National Bureau of Statistics of China on Major Figures of the 2016 Population Census [1] (No. 2)".
  3. 山东省2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Shandong on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Shandong Bureau of Statistics. 2018-02-27. اصل نسخو مان 2018-03-17 تي محفوظ ڪيل. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل.
  4. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 13 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. Atlas of World Heritage: China. Long River Press. 2005. ص. 70.
  6. Centre, UNESCO World Heritage. "Mount Taishan". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
  7. Kelly, Margaret (2007). China (انگريزي ۾). Fodor's Travel Publications. ص. 157. ISBN 9781400017317.
  8. "Confucianism". Asia Society (انگريزي ۾). 2020-11-04 تي حاصل ڪيل.
  9. "China's wealth gap widens as more provinces missed 2018 growth targets". South China Morning Post (انگريزي ۾). 2019-02-12. 2019-06-05 تي حاصل ڪيل.