شئنڊانگ صوبو
| شئنڊانگ صوبو | |||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "شئنڊانگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون) | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني | 山东 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 山東 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنیٰ | "(تائيھانگ) جبلن جو اوڀر" | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||
شئنڊانگ يا شينڊانگ(انگريزي: Shandong ) جنھن کي شروع ۾ شينتونگ (انگريزي: Shantung ) طور رومانيو ويو ھو، عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي جيڪو چين جي اوڀر ريجن ۾ واقع آهي[5]. صوبي جو سڀ کان بلند ترين ھنڌ تائي جبل آھي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1545 ميٽر آھي. شئنڊانگ جي اتر ۾ بوھائي سمنڊ جي اتراولھ ۾ ھيبئي، اولھ ۾ ھينان، ڏکڻ ۾ جئانگسو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ پيلو سمنڊ واقع آهن.

ھي صوبو تاريخ ۾ تائوازم، چيني ٻڌازم ۽ ڪنفيوشسزم جو اھم مرڪز رھيو آھي. ان صوبي ۾ واقع تائي جبل تائوازم ۾ عقيدت جو اھڃاڻ آهي جتي مذھبي پوڄا ڪئي ويندي آهي[6] صوبائي گادي واري هنڌ جينان جي ڏکڻ واري جبلن ۾ ٻڌن جا مندر چين اندر ٻڌ مذھب وارن جو ھڪ اھم مرڪز آھن[7] چوفو شھر ڪنفيوشس جي جنم ڀومي آهي جيڪو بعد ۾ ڪنفيوشسزم جو مرڪز ٿي[8] ھن صوبي جي پکيڙ 157100 چورس ڪلوميٽر آهي. ھن صوبي جي آبادي 2019ع ۾ ڏھ ڪروڙ ست لک ھئي ۽ آبادي ۾ ھي چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي[2] آبادي جي گھاٽائي ۾ ھن صوبي جو چين ۾ پنجون نمبر آھي. صوبي جي آبادي جو 99.3 سيڪڙو ماڻھو ھان چيني نسل سان تعلق رکندڙ آهن. ھي صوبو چين جي ٽيون نمبر وڏي معيشت آھي. ان جي 2018ع ۾ جي ڊي پي 7.65 ٽرلين يوئان ھئي جيڪا 1.156 ٽرلين آمريڪي ڊالرن جي برابر ھئي[9].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Doing Business in China - Survey". Ministry Of Commerce - People's Republic Of China. اصل نسخو مان 4 June 2019 تي محفوظ ڪيل. 5 August 2013 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "National Data of the National Bureau of Statistics of China on Major Figures of the 2016 Population Census [1] (No. 2)".
- ↑ 山东省2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Shandong on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Shandong Bureau of Statistics. 2018-02-27. اصل نسخو مان 2018-03-17 تي محفوظ ڪيل. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 13 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Atlas of World Heritage: China. Long River Press. 2005. ص. 70.
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "Mount Taishan". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Kelly, Margaret (2007). China (انگريزي ۾). Fodor's Travel Publications. ص. 157. ISBN 9781400017317.
- ↑ "Confucianism". Asia Society (انگريزي ۾). 2020-11-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "China's wealth gap widens as more provinces missed 2018 growth targets". South China Morning Post (انگريزي ۾). 2019-02-12. 2019-06-05 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 uses چيني-language script (zh)
- CS1 چيني-language sources (zh)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Articles containing Chinese-language text
- شئنڊانگ صوبو
- اوڀرين چين
- چين جا صوبا