تتر (پکي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
تتر

تتر (انگريزي ٻولي: Partridge) جهنگ جو پکي آهي. هي پنهنجو آکيرو جھنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهي ٿو. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرن ٿا. تترن جا شڪاري تترن جا ننڍا ٻچا هٿ ڪري پاليندا آهن, پالڻ دوران کين سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ کانپوءِ انهن کي جھنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪندا آهن.

تتر جا قسم[سنواريو]

هونئن ته تتر جا ڪيترائي قسم آهن، پر ٿلهي ليکي اهو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو، هڪ ”ڪارڙو تتر“ ۽ ٻيو ” ڀورو تتر“.

وڌيڪ تفصيلَ[سنواريو]

بالغ تتر جو بُت لڳ ڀڳ 33 سينٽي ميٽر قد ٿئي ٿو. سرمائي ناسي ڀورو ۽ اخروٽي رنگ جي پٺي ۽ پرن تي ناسي رنگ جي کرڙي ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿي. پيٽ ۽ ڇاتيءَ جو رنگ ڪجهه حلقو هوندو اٿس. ڳچيءَ وارو حصو ڪاري ليڪ سان ميرانجهڙو هيڊو هلڪو ٿيئي ٿو. چهنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿينس ٿا. تتر نه رڳو سهڻو پر ڏاڍو سٺو ٻوليندڙ پکي آهي. ٻوليندو آهي ته ان کي ”ڪِيڙو ڪيڙو“ چوندا آهن. نر تتر جي ٻوليءَ کي ’ٽهڪو‘ سڏين ٿا ۽ مادي جيڪا ساڻس سر جهلائيندي آهي ان کي ’کيتو‘ چئبو آهي. پنهنجي قدرتي ماحول ۾ ڪٽنب سوڌو ٽولين ۾ رهي ٿو. پنهجي رنگ سبب پٿريلي ۽ ٻُوڙن سان ڀريل ماحول ۾ چڱيءَ طرح لڪي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي پکي سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ سري لنڪا تائين موجود آهي. خشڪ کليل ميدانن ۽ ڇڊن ٻيلن ۾ رهي ٿو. تتر ڊوڙ جو سٺو ھوندو آهي، انڪري خطري مهل اڏامڻ بدران ڊوڙ کي ترجيح ڏيئي ٿو. اهو ئي سبب آهي، گهڻا ئي شڪاري پاڻ سان گڏ شڪاري ڪتا وٺي ويندا آهن، ته جيئن تترَ لِڪڻ بدرآن اڏامن ۽ اهي بندوق سان انهن جو شڪار ڪري سگهن. هي پکي وارياسي ميدانن يا واريءَ جي ڦٽل دڙن، جنگهلي ماحول، جيئن ديوي، ٻير، ڪرڙ، سرن جي ٻوڙن ۾ رهي ٿو. ڪارڙي تتر جي ماديءَ کي ’ڪَٻي‘ يا ’ڪٻوهڙي ‘ سڏين ٿا. ڪاري تتر جي ٻولي ”ڪَر... ڪَر... ڪِي ... ڪَي ... ڪِي“ ٿئي ٿي، جنھن کي سنڌي ماڻھو ”خضر پير ... خضر پير ..“ ســان تشبــيھه ڏين ٿا. لَڳ جي مند ۾ ڏينھن جو ڪنھن به وقت ڪنھن وڻ يا ٿُـڙ تان ٻوليندو آھي.[1]

تتر ۽ چوماسي جي مند[سنواريو]

تتر زمين تي رهندڙ تمام گهٽ اڏامندڙ پکين مان هڪ آهي. ٿر ۾ اڇڙو تتر وڌيڪ ٿئي ٿو . اڇڙو تتر گاهه ، گاهن جو سنهو ٻج ، اڏوهي ۽ مٽي جا جيت کائيندڙ پکي آهي. اهو ڏينهن جو ٻنين ۾ کوٽاڙي ڪندو ۽ جيت کائيندو رهي ٿو، پر رات جو عام حالتن ۾ وڻن تي وڃي رهي ٿو. چوماسي جي مند ۾ جڏهن گرمي ۽ آڙنگ ٿيندو آهي. تڏهن فضا ۾ موجود هوائن جي سبب زمين ۾ رهندڙ جيتن جي چرپر ۽ ٻين سببن جي ڪري مٽيءَ مان به هڪ قسم جي مهڪ اٿندي آهي، جنهن کي محسوس ڪري تتر به مينهن جي آمد کان اڳواٽ خبردار ٿي ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ اهو ٻوليون ٻوليندو آهي جن کي ٻڌي هارين ۽ جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن کي مينهن جي اچڻ جو اڳواٽ اندازو ٿي ويندو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]