بگڙو تتر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بگڙو يا ڀورو تتر
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): پريڊڪس
جنس: Template:Taxonomy/پريڊڪس{. پريڊڪس
حياتياتي نالو
پريڊڪس پريڊڪس
ڪارل لينيوئس
ذيلي جنس

8

پي. پريڊڪس      اصل وطن

     نئون وطن


بگڙو تتر يا ڀورو تتر (انگريزي: Grey Patridge ) 28 کان 32 سينٽي ميٽر قد بت واري هن پکي ۾ نر ۽ ماد لڳ ڀڳ هڪجهڙا ٿين ٿا. سرمائي ناسي ڀورو ۽ اخروٽي رنگ جي پٺي ۽ پرن تي ناسي رنگ جي کرڙي ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿي. پيٽ ۽ ڇاتيءَ جو رنگ ڪجهه هلڪو هوندو اٿس. ڳچيءَ وارو حصو ڪاري ليڪ سان ميرانجهڙو هيڊو هلڪو ٿئس ٿو. چهنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿينس ٿا. سٺو ٻوليندڙ آهي. ٻوليندو آهي ان کي"ڪِيڙو ڪِيڙو" چوندا آهن. هن تتر جي نر ٻوليءَ کي "ٺهڪو" چئبو آهي ۽ مادي جا ساڻس سر جھلائيندي آهي ان کي "کيتو" چئبو آهي. پنهنجي رنگ سبب پٿريلي ۽ ٻُوڙن سان ڀريل ماحول ۾ چڱيءَ طرح لڪي وڃي ٿو.
سڄي هندستان ۾ سري لنڪا تائين موجود آهي. خشڪ کليل ميدانن ۽ ڇڏن ٻيلن ۾ رهي ٿو. تتر ڊوڙ جو سٺو هوندو آهي. انڪري خطري مهل اڏامڻ بدران ڊوڙ کي ترجيح ڏيندو آهي ۽ پوءِ پر تي ڀڙڪو ڏيئي اڏامي پري وڃي لهندو ۽ غائب ٿي ويندو آهي يا وري خطري وقت ٻوڙن ۾ لڪي ويندو آهي پر جيڪڏهن خطرو سڌو ٻوڙن طرف اچي ته پوءِ ولر جي صورت ۾ ڀڙڪو ڏيئي اڏرندو ۽ زمين سان هيٺاهين اڏام اڏامندو پري هليو ويندو آهي. ڀورو تتر ماڻهو سان جلدي هري ويندو آهي انڪري عام طرح پاليو به ويندو آهي۽ هنن کي پاڻ ۾ وڙهائيندا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. بقرة
  2. "تتر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-22. 


گيلري[سنواريو]