بھائينڊ جيڪب لائن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بھائينڊ جيڪب لائن
يو سي 11 بھائينڊ جيڪب لائن
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪرنل جان جيڪب جو مجسمو جنھن جي نالي سان ھيء يو سي منصوب آھي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪرنل جان جيڪب جو مجسمو جنھن جي نالي سان ھيء يو سي منصوب آھي.
بھائينڊ جيڪب لائن is located in سنڌ
بھائينڊ جيڪب لائن
بھائينڊ جيڪب لائن
بھائينڊ جيڪب لائن is located in Pakistan
بھائينڊ جيڪب لائن
بھائينڊ جيڪب لائن
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′09″N 67°02′13″E / 24.86917°N 67.03694°E / 24.86917; 67.03694مڪانيت: 24°52′09″N 67°02′13″E / 24.86917°N 67.03694°E / 24.86917; 67.03694
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

بھائينڊ جيڪب لائن(انگريزي: Behind Jacob Line) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جو نالو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي رکيل آهي. ان جي اوڀر ۾ گارڊن ۽ صدر ۽ اتر ۾ مارٽن ڪوارٽرز، شڪارپور ڪالوني ۽ عامل ڪالوني واقع آھن، ۽ اولھ ۾ جٽ لينڊ لائينز ۽ ڏکڻ ۾ سينٽرل جيڪب لائن واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل سينٽرل جيڪب لائن نمبر 9 ھيو. 2013 ۾ ان کي سينٽرل جيڪب لائن کان ڌار ڪري ٻيا علائقا ملائي ھڪ علحده يونين ڪاميٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي وسيم اختر چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي فيصل رفيق چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھتي خواجه غريب نواز پارڪ، قائداعظم پارڪ، جناح پارڪ، موسا گرائونڊ، شاھراھ قائدين، ڪشمير روڊ، دادا ڀائي نئوروجي روڊ، ڪڇي پاڙا-لائينز ايريا روڊ، قبا مسجد، بلال روڊ، خدادا ڪالوني، مدينه عيدگاهه گرائونڊ واقع آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/