بنگلاديش ۾ اُردو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

1971ع تائين بنگلاديش پاڪستان جو حصو ھو ۽ ان جي سڃاڻپ اوڀر پاڪستان جي طور ھئي۔ اردو کي ھتان جي مقامي بنگالي زبان وانگر سرڪاري حمايت حاصل ھئي۔ پر 1971ع کان بعد جا واقعا جن کان بعد جڏھن ھي ملڪ وجود ۾ آيو، اردو ٻولي کي ھتان جي سڃاڻپ سان ٽڪرائيندڙ سمجھيو ويو ۽ ھتان جي بھاري آبادي جيڪا اردو ڳالھائيندڙ آھي، غیر شھري سمجھيو ويو۔ ھاڻوڪي دور ۾ اردو دان آبادي جي تعداد چار لک ٻڌائي وڃي ۔[1]

بنگلاديش جي ٺھڻ کان بعد اردو تعليم جو ختم ٿيڻ[سنواريو]

1971ع کان فوراََ بعد اسڪولي سطح تي اردو تعليم عملاً ختم ٿي وئي۔ ڪاليج جي سطح تي ھي سلسلو 2002ع ۾ ختم ٿيو ڇو ته اردو جا استاد موجود نه ھئا۔ پر ديني مدرسن ۾ اردو جي پڙھائي اڄ به جاري آھي۔ [1]

ادب ۽ ثقافت کان اردو جي دوري[سنواريو]

بنگلاديش ۾ گذريل چار پنج ڏھاڪن کان ڪٿي به ڪو اردو ڊرامو پيش نہ ڪيو ويو آھي ۽ نہ ئي اردو تمثيل نگاري ڪا زنده فن جي طور تي موجود آھي۔ اھڙي طرح سان نثري ادب مثلاً ناول نگاري ۽ افسانہ نويسي جو ھتي ڪوئي وجود ناھي۔ تنھن ھوندي به شعرو شاعري جي شعبي ڪجھ اڳڀرائي ڪئي آھي۔ [1]

دستوري عدم امتياز جو دفعو ۽ لساني برابري[سنواريو]

بنگلاديش دستور جي دفعي 28 جي رو کان جنس، مذھب ۽ ذات پات جي بنياد تي مساوات جي طمانیت(؟) ڏني وئي آھي۔ تنھن ھوندي به ان ۾ لساني برابري جي ڳالھ نہ ڪئي وئي ۔ [1]

2008 جو عدالتي حڪم[سنواريو]

ھڪ ڊگھي قانوني ڇڪتاڻ کان بعد بنگلاديش جي عدالت حڪم جاري ڪيا تہ اردو دان بھاري ماڻھن کي بنگلاديش جي شھريت ڏني وڃي۔ ان جو تڪڙو نتيجو اھو ڏٺو ويو تہ بنگلاديش جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سياسي جماعتون جديد ترين شھريت يافتہ اردو ڳالھائيندڙ بھاريين کي پنھنجي طرف ڪرڻ جي لاءِ اردو ۾ ورق ڇپرايق۔ [2]

آبادڪاري جي جدوجھد[سنواريو]

جيتوڻيڪ گھڻن تڻن اردو دان ماڻھن کي 2008ع کان بعد شھريت ڏني وئي ھئي، پر پوءِ ان جي اڪثريت پناھگير ڪئمپن ۾ زبون حالي جي زندگي گذاري رھي آھي۔ ان ڪري ھاڻي ھي ماڻھو نون رھائشي انتظام ۽ مفت اسڪولي تعليم جي ڪوشش ڪري رھيا آھن۔ [3] غالبًا انھن بھارين جي آبادڪاري کان بعد ھن ملڪ ۾ اردو جي بھتر حالتن جي بجا طور تي توقع ڪري سگھجي ۔

حوالا[سنواريو]