بسڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بِسڪُوٽ يا بسڪٽ (biscuit) اٽي يا مَيدي، سڻڀ ۽ مٺاڻ مان پڪل مِٺي يا ڦڪي ٽِڪي (مِٺا يا کارا بسڪوٽ). هي انگريزي ٻوليءَ جو لفظ بِسڪِٽ Biscuit آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ بسڪُوٽ رائج ٿي ويو آهي. جدا جدا ذائقي وارا گهڻن ئي قسمن جا بسڪوٽ ٺھندا آهن. ڪن هنڌن تي بسڪوٽ چانھ مان ٻوڙي کائڻ جو رواج آهي. سنڌ ۾ سڀ کان اول سکر ۾ بسڪِٽن جي فيڪٽري ’JB منگهارام بسڪٽ‘ ۽’يعقوب بسڪٽ فيڪٽريءَ‘ جي نالي سان شروع ٿي هئي ۽ پاڪستان کان اڳ ان جا ٺاهيل بسڪِٽ گهڻا پسند ڪيا ويندا هئا. هن وقت تہ تمام گهڻن نالن سان بسڪٽ ملن ٿا.

بسڪوٽ