باگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باگراڻي (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

ٽالپرن جي هڪ پاڙي جو نالو. بلوچن جو هڪ قبيلو.[1] باگراڻين جا سنڌ ۾ وڏا راڄ هئا. سندن سردارن مان سوائي خان ۽ ميوا خان شهداداڻي سرڪار وٽ عهديدار هئا[2]. ڪرم خان سهراباڻي سرڪار وٽ عهديدار هو. علي مراد خان جيڪو ميوا خان جي ٻي پيڙهي مان هو، تنهن کي خدمتن جي عيوض پهرئين چؤياري پاران سوني ترار ملي[2]. هر هڪ بلوچ سردار کي سندس رتبي موجب جاگير ۽ عهدا مليا. ڇاڪاڻ جو جنگ وقت ٽالپر فوجن کي امداد ڏيندا هئا. مير نصير خان جي زماني ۾ علي مراد خان باگراڻي ڪاردار هو. کيس شهدادپور ۾ جاگير مليل هئي. سنه 1860ع ۾ هن وفات ڪئي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. باگراڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو