مواد ڏانھن هلو

بانو قدسيه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بانو قدسيہ
بانو قدسیہ

اصلي نالو
بانو قدسیہ
قدسیہ چٺہ
ڄمڻقدسيہ چٺہ
28 نومبر 1928ع
فيروزپر، پنجاب، برطانوي ھندستان
وفات4 فيبروري 2017ع (عمر 88 سال)
لاهور، پاڪستان
پيشو
قوميتپاڪستاني
مادرِ علم
موضوع
نمايان ڪمراجا گڌ (1981ع)
نمايان انعامستاره امتياز (1983ع)،
ھلال امتياز (2010ع)،
ڪمالِ-فن اوارڊ (2012ع)،
لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2016ع)
زالاشفاق احمد خان (1956ع– 2004ع)
اولادعنيق احمد خان، انيس احمد خان، اثير احمد خان

اردو زبان جي نامور ناول نويس ۽ ڊرامه نگار بانو قدسيہ جو اصل نالو قدسيه بانو قدسيه آهي. هيءَ 28 نومبر 1928ع تي فيروزپور ۾ پيدا ٿي. 1950ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) جي ڊگري ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مشهور افسانه نگار ۽ ڊرامه نويس اشفاق احمد سان شادي ڪيائين. هن پنهنجي مڙس سان گڏجي هڪ ادبي رسالو ”داستان“ به جاري ڪيو. هن ريڊئي ۽ ٽيليويزن لاءِ ڊراما لکيا. هندستان ۽ پاڪستان جي ادبي رسالن ۾ سندس افسانا ڇپجي چڪا اٿس. هن جون ڪجهه تصنيفون هن طرح آهن[1]:

ناول: ’ايڪ دن‘، ’پروا‘، ’شهر بي مثال‘، موم ڪي گليان‘ ’چهار چمن‘، ’راجا گڌ‘، ”حيرت ڪده“
افسانن جا مجموعا: ’ناقابل ذڪر‘، ’باز گشت‘، ’امر بيل‘، ’ڪڇ اور نهين‘، ’آتشِ زير پا‘
ڊراما: ’آڌي بات‘، ’دوسرا قدم‘، ’حوا ڪي نام‘ ۽ ’تماثيل‘.

هن قدرت الله شهاب جي باري ۾ هڪ تاثراتي ڪتاب ’بردا بريشم‘ جي نالي سان پڻ لکيو. هن جي شهرت جو سبب سندس ناول ”راجا گڌ“ بڻيو.[1]

وفات

[سنواريو]

بانو قدسيہ 4 فيبروري 2017ع تي اتفاق اسپتال لاهور ۾ 88 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي. ھن جي پٽ اثير احمد ٻڌايو تہ ھن سج لٿي جي نماز وقت وفات ڪئي.[2] ھن کي 5 فيبروري تي لاھور تي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ نماز جي ادائگي ماڊل ٽائون، لاھور ۾ ٿي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون.[مئل ڳنڍڻو] سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. Ahmed, Shoaib (5 February 2017). "Celebrated writer Bano Qudsia is no more". Dawn. 5 February 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. "Bano Qudsia laid to rest in Lahore". Radio Pakistan. 5 February 2017. 6 February 2017 تي حاصل ڪيل.