اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڳتي قدم پبلڪيشن جو بنياد سنڌ جي شاعر شيخ اياز آگسٽ 1947ع ۾ وڌو هو. هن پبليڪيشن پاران ’سوويت روس‘ نالي هڪ ڪتاب بہ شايع ڪرايو ويو هو. ان ڪتاب کان سواءِ ماهوار ’اڳتي قدم‘ بہ شايع ڪيو ويندو هو، جنهن جا فقط ٽي پرچا شايع ٿيا. شيخ عبدالرزاق ’راز‘ لکي ٿو تہ 1947ع جي شروعات ۾ شيخ اياز شڪارپور مان ’اڳتي قدم‘ رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ظاهر ظهور مارڪسزم جي تائيد ڪئي ۽ گڏوگڏ جديد ادب کي سوشلزم جي اصولن تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو تہ: رسالي ’اڳتي قدم‘ جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز هن رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان مختصر عرصي ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ’اڳتي قدم‘ رسالي جي ٽنهي پرچن نهايت ئي معياري ادب ڇپيو. اڳتي قدم جي ٽنهي پرچن جي مواد کي 2000ع ۾ محمد ابراهيم جويي، پنهنجي پيش لفظ سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي ڊيمي سائيز ۾ ڪتابي صورت ۾ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ’اڳتي قدم‘ بابت تفصيلي مضمون بہ شامل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]