مواد ڏانھن هلو

اٺين ڪٿا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اٺين ڪٿا سنڌ ۽ هند جي ڪھاڻيڪار موهن ڪلپنا جي ڪھاڻين جو مجموعو، ڊيمي سائيز ۾ سال 1989ع ۾ ڇپيو. قيمت 30 رپيا، ڇپائيندڙ سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن، الھاسنگر. سنڌي ڪھاڻيءَ کي فن ۽ فڪر جي خيال کان بين الاقوامي ليول تي مڃائڻ ۾ موهن ڪلپنا جون ڪھاڻيون موضوع توڙي مضمون ۾ اڳريون آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي تازگي آهي. هو هلندي چلندي زنده موضوع ڳولي وٺندو هو. ڪتاب جي منڍ ۾ موهن پاڻ لکيو آهي تہ ’مون شروع کان پنھنجي اڳيان ڪنھن فيلسوفي واد جو نظريو نہ رکيو آهي، ڇو جو واد ۽ فيلسوفيون هڪ ٻئي کي رد ڪن ٿا، مون زندگيءَ کي الڳ الڳ ڪنڊن کان اٿلائي پٿلائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 15 ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڇپائيندڙ موجب گهڻو ڪري 1988ع کان اڳ لکيل آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]