اٺاڻي ٽپال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

08 آگسٽ 1854ع تي انگريز سرڪار ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ”ڪئيمل ٽرين“ (Camel Train) جي شروعات ڪئي. اُٺَ سيوهڻ، لاڙڪاڻي، شڪارپور، سکر، ڪوٽ سبزل ۽ ڀاولپور کان ٿيندا ملتان ٽپال کڻي ويندا هئا. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ هن اُٺاڻي ڪافلي جون شاخون هونديون هيون. هر ٻارنهن ڪوهن کان پوءِ اُٺَ مٽايا ويندا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]