ايوانِ صدر
ڏيک
(ايوان صدر کان چوريل)
| ايوانِ صدر صدارتي محل | |
|---|---|
پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه | |
| مقام | ريڊ زون، اسلام آباد، پاڪستان |
ايوان صدر يا صدارتي محل (انگريزي: Aiwan-e-Sadr) پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه ۽ آفيس آهي. ايوانِ صدر جو انتظامي اڳواڻ صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري هوندو آهي.[1]
ايوان صدر ۾ رهائش اختيار ڪندڙ پهريون صدر غلام اسحاق خان هو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ اتر اوله طرف آهي. صدارتي محل شارع دستور ۾ پارليامنٽ جي عمارت جي پاسي ۾ واقع آهي. ايوان صدر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ صدارتي محل جي پويان هڪ ڪالوني جڙيل آهي، جنهن کي صدارتي ڪالوني چيو ويندو آهي.[2]
پرويز مشرف ڪڏهن به صدارتي هائوس ۾ رهائش اختيار نه ڪئي، فوج جي جنرل جي حيثيٽ ۾ هي راولپنڊي جي فوج گھر ۾ رهندو هو. آصف علي زرداري صدارت کان هڪ ڏينهن اڳ ئي صدارتي محل ۾ رهائش اختيار ڪئي.
تصويرون
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ ايوانِ صدر سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- ايوانِ صدر، اسلام آباد
- رات جي وقت
- آمريڪي صدر بش، صدارتي محل ۾
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 04 نومبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 جون 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 02 مارچ 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 جون 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)