ايملي هاز
| ايملي هاز Emily Hauze | |
|---|---|
| پيدائش | July 26, 1982 ٽينيسي، آمريڪا[1] |
| قوميت | آمريڪي |
| تعليم | جرمن ادب موسيقي |
| مادر علمي | يونيورسٽي آف پينسلوينا[1] |
| شھرت جو ڪارڻ | فوٽوگرافي سنڌ سان محبت |
| جيون ساٿي | انڊريو هاز [2] |
| ويب سائيٽ | |
| www | |
ايملي هاز (انگريزي ٻولي: Emily Hauze)، جيڪا پاڻ کي آمريڪي سنڌياڻي سڏائي ٿي، آمريڪا جي هڪ فوٽوگرافر ۽ بلاگر آهي. ايملي سنڌ کي پنهنجو اصل ديس ڪوٺيندي آهي.[1][3] هي آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ پيدا ٿي.[4]
ذاتي زندگي
[سنواريو]ايملي آمريڪي رياست ٽينيسي جي هڪ ننڍي ٽائون ۾ پيدا ٿي ۽ پوءِ پينسلوينا لڏي آئي. پينسلوينا جي يونيورسٽي مان هن بي. اي. ۽ ايم. ايم جرمن ادب ۽ موسيقي ۾ ڪئي.[4] ايملي جي شادي اينڊريو هاز سان ٿيل آهي.[2]
سنڌ بابت
[سنواريو]ايملي سنڌ کي پنهنجو اصل گھر ڪوٺيندي آهي ۽ سندس خواهش آهي ته سندس سنڌ کي دنيا جا ماڻهو گهمڻ اچن.[3] آمريڪا ۾ ماڻهو شاهه لطيف کي نه سڃاڻين، پر سنڌ اچي خبر پئي، ته لطيف شيڪسپيئر جي پائي جو شاعر آهي.[5]
مسئلا
[سنواريو]ايملي سنڌ جي مسئلن تي مختلف سيمينارن ۾ ڳالهائي ۽ مقالا پيش ڪري چڪي آهي،[6] هن جي نظر ۾، پوري دنيا ۾ عورتن سان مسئلا آهن، پر سنڌ ۾ مختلف رسمن رواجن ۽ مرد جي هڪ هٽيءَ سبب عورتن جا مسئلا وڌيڪ نظر اچن ٿا.[7]
هم اثر رايا
[سنواريو]شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ايملي هائوزي شاهه جي سورمي ڪوٺيو.[8] نامياري ليکڪ حسن مجتبي جي بقول سنڌ ۾ مون کان ۽ نثار کوکر کان وڌيڪ سنڌي ايملي هاز کي سڃاڻين.[9]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 Emily, Hauze. "What I do..." emilyhauze.com. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Emily, Hauze. "Guest edition! by Andrew Hauze". emilyhauze. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Punjabi Excursion (1 of 2): Born anew in Lahore". emilyhauze.com. Emily Hauze. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 ""If Someone Speaks Unfairly Of Pakistan, It Is Painful To Me…" – Says Emily An American". travel.jumia.com. Jumia. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Glowing tribute paid to Shah Abdul Latif Bhittai Literature Conference". FAWAD MAQSOOD. Business Recorder. 6 november 2017. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Check date values in:|date=(مدد) - ↑ "لطيف ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل، سوين ماڻهو شريڪ". روزاني ڪلياڻ. روزاني ڪلياڻ. 5 November 2017. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ آزاد, اصغر (9 March 2018). "عورتن جو عالمي ڏينهن، سڄي سنڌ ۾ تقريبون ريليون". سنڌ سماچار. سنڌ سماچار. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ بخش, محمد (6 november 2017). "شاهه لطيف نفيس ۽ حساس شاعر هو نوجوانن کي ان جي فلسفي کي سمجهڻو پوندو: ساڃهه وند". روزاني مهراڻ. روزاني مهراڻ. 3 July 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Check date values in:|date=(مدد)[مئل ڳنڍڻو] - ↑ کوکر, نثار. لاپتا محبت. روشني پبليڪشن ڪنڊيارو. ص. 11.
{{cite book}}:|access-date=requires|url=(مدد); More than one of|pages=and|page=specified (مدد)
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: dates
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 errors: redundant parameter
- CS1 errors: access-date without URL
- آمريڪي شخصيتون