ايليا ڪازان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايليا ڪازان ( انگريزي: Elia Kazan) (ولادت:9 سيپٽمبر، 1909ء، قسطنطنيه، سلطنت عثمانيه موجوده استنبول، ترڪي - وفات: 28 سيپٽمبر، 2003ء، مين هيٽن، نيويارڪ شهر، رياست نيو يارڪ، آمريڪا) هاليوڊ جو معروف فلم ساز، هدايت ڪار، اداڪار ۽ فلم نويس هيو۔ ۔ايليا ڪازان جو تعلق هڪ يوناني خاندان سان هيو۔ جڏهن هن جي عمر چار سال هئي ته هن جا والدين آمريڪا ۾ رهڻ اچي ويا۔ ايليا ڪازان پنهنجو ڪيريئر براڊوي تي اسٽيج ڊرامن جي هدايتڪاري سان شروع ڪيو۔ 1948ء ۾ هن کي هن جي فلم ’جينٽل مينز ايگريمينٽ‘ جي لاء بهترین هدايتڪار جو آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو۔ هن فلم جو اهم اداڪار گريگري پيڪ هيو ۽ فلم جو موضوع آمريڪي معاشري ۾ يهودين جي خلاف تعصب هيو۔

ڇهن سالن بعد هن کي ’آن دا واٽر فرنٽ‘ جي لاء پھر بهترين هدايتڪار جي آسڪر ایوارڊ سان نوازيو ويو۔ هن فلم ۾ مارلن برانڊو بهترين اداڪاري ڪئي ۽ هي ڊاڪ يارڊ مافيا جي خلاف مزدورن جي مزاحمت جي ڪهاڻي هئي۔ ايليا ڪازان جي هڪ ٻي مشهور فلم ’ايسٽ آف ايڊن‘ هئي جنهن ۾ جيمز ڊين يادگار ڪردار ادا ڪيو۔

90 سالن جي عمر ۾ هن کي فلم اڪيڊمي جي طرفان ايوارڊ سان به نوازيو ويو۔ ايليا ڪازان جي فلمن آمريڪا ۾ سماجی ۽ خانداني مسئلن کي انتهائي حقيقت پسند ۽ مضبوط انداز ۾ بيان ڪيو.