مواد ڏانھن هلو

اوديسا

بيھڪ: 46°29′8.6″N 30°44′36.4″E / 46.485722°N 30.743444°E / 46.485722; 30.743444
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اوديسا
Одеса
شھر
گھڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾: شھر ۾ لڳل ھڪ مجسمو، لائيٽ ھائوس، سٽي گارڊن، ٿيٽر، de Richelieu اسڪوائر
گھڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾: شھر ۾ لڳل ھڪ مجسمو، لائيٽ ھائوس، سٽي گارڊن، ٿيٽر، de Richelieu اسڪوائر
Flag of اوديسا
Coat of arms of اوديساOfficial logo of اوديسا
اوديسا is located in Odessa Oblast
اوديسا
اوديسا
اوديسا صوبي ۾ بيھڪ
اوديسا is located in Ukraine
اوديسا
اوديسا
اوديسا (Ukraine)
جاگرافي بيهڪ: 46°29′8.6″N 30°44′36.4″E / 46.485722°N 30.743444°E / 46.485722; 30.743444
ملڪ  يوڪرين
اوبلاسٽ (صوبو) اوديسا
رائئون (ضلعو) اوديسا
بندرگاھ قائم ٿيو 2 سيپٽمبر 1794ع
Area
 • Total
162.42 ڪ.م2 (62.71 ميل2)
1Metropolitan area population as of 2001

اوديسا (انگريزي: Odessa يا Odesa، روسي: Оде́сса [ɐˈdʲesə]، يوڪريني: Оде́са، (About this sound ٻُڌو)) يوڪرين جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر ۽ سامونڊي بندرگاھ آھي. ھي شھر يوڪرين جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪاري سمنڊ (بحر اسود) جي اتر اولھ واري ساحل تي آباد آھي. ھي شھر اوديسا اوبلاسٽ (صوبي) ۽ اوديسا رائئون (ضلعي) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھن شھر کي ڪاري سمنڊ جو موتي (Pearl of Black Sea)، ڀوڳ چرچن جي گاديءَ جو ھنڌ (The Humor Capital) ۽ ڏاکڻيون تدمر (Southern Palmyra) سڏيو وڃي ٿو[1]. جڏھن يوڪرين سوويت يونين جو حصو ھو تڏھن ھن شھر کي ”ڏاکڻيون گاديءَ جو ھنڌ“ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,015,826 آھي[2]. ھن شھر جا رھواسي يوڪريني ۽ روسي ٻوليون ڳالھائين ٿا.

ھن شھر ۾ بين الاقوامي ھوائي اڏو، اوپيرا ھائوس، ڪيترائي ٿيٽر، مارڪيٽون ۽ يونيورسٽيون موجود آھن.

روس جي زار بادشاھت جو حصو بنجڻ کان گھڻو پھريائين ھتي ھڪ پراڻي يوناني وسندي قائم ھئي. 1440ع ۾ ڪرائيميا جي خان حاجى ڪراي ( Hacı I Giray) ھتي تاتاري وسندي قائم ڪئي[3]. ان بعد ھي علائقو لٿئانيا جي گرانڊ ڊچي رياست جو حصو بنيو. 1529ع کان 1792ع تائين ھي علائقو عثماني سلطنت جو حصو رھيو. 1794ع ۾ روس جي راڻي ڪيٿرين موجودھ اوديسا شھر جو بنياد رکيو. سوويت يونين واري دور ۾ ھي سوويت يونين جو ھڪ اھم بندرگاھ ۽ فوجي اڏو رھيو.

اوڻويھين صديءَ ۾ ھي ماسڪو، سينٽ پيٽرسبرگ ۽ وارسا کان پوءِ روس جو چوٿون وڏو شھر ھو[4]. ھي شھر پنھنجي شاندار عمارتن ۽ تعميراتي فن ۾ ملڪان ملڪ مشھور آھي[5]. ھن شھر ۾ ٻہ بندرگاھ آھن: اوديسا جو بندرگاھ ۽ يوزني بندرگاھ (Port Yuzhne). يوزني بندرگاھ تيل جو ٽرمينل آھي. ان کان علاوھ شھر جي ڏکڻ اولھ ۾ چرنومورسڪ (Chornomorsk) بندرگاھ بہ اوديسا صوبي جو ھڪ اھم بندرگاھ آھي. ھنن ٽن بندرگاھن سبب ھي شھر ھڪ وڏو واپاري مرڪز آھي. ھن شھر جون ڪيميائي ۽ تيل جون صنعتون يورپ ۽ روس جي پائپ لائينن سان ڳنڍيل آھن. 2022ع ۾ روس جي يوڪرين تي چڙھائيءَ کان اڳ ھي شھر سياحت جو وڏو مرڪز ھو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Who's Behind A String Of Bombings In Ukraine's Black Sea 'Pearl'?" (en ۾). NPR.org. https://www.npr.org/sections/parallels/2015/07/01/418905297/whos-behind-a-string-of-bombings-in-ukraines-black-sea-pearl. 
  2. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2022-04-06 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-03-23 
  3. Pultar, Gönül (2014-04-14) (en ۾). Imagined Identities: Identity Formation in the Age of Globalization. Syracuse University Press. ISBN 978-0-8156-3342-6. https://books.google.com/books?id=KhiQAwAAQBAJ&pg=PA355#v=onepage&q&f=false. 
  4. Harvard Ukranian Studies, Vol.1, No. 1, March 1977
  5. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2012-03-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-03-23