اوديسا
اوديسا
Одеса | |||||
|---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||
گھڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾: شھر ۾ لڳل ھڪ مجسمو، لائيٽ ھائوس، سٽي گارڊن، ٿيٽر، de Richelieu اسڪوائر | |||||
| |||||
| Coordinates: 46°29′8.6″N 30°44′36.4″E / 46.485722°N 30.743444°E | |||||
| ملڪ | |||||
| اوبلاسٽ (صوبو) | اوديسا | ||||
| رائئون (ضلعو) | اوديسا | ||||
| بندرگاھ قائم ٿيو | 2 سيپٽمبر 1794ع | ||||
| Area | |||||
• Total | 162.42 km2 (62.71 sq mi) | ||||
| Elevation | 40 m (130 ft) | ||||
| Highest elevation | 65 m (213 ft) | ||||
| Lowest elevation | −4.2 m (−14 ft) | ||||
| Population (2021) | |||||
• Total | 1,015,826 | ||||
| • Density | 6,254.3/km2 (16,199/sq mi) | ||||
| Demonym(s) | انگريزي ٻولي: Odessite Ukrainian: одесит, одеситка Russian: одессит, одесситка | ||||
| Time zone | UTC+2 (EET) | ||||
| • Summer (DST) | UTC+3 (EEST) | ||||
| Postal codes | 65000–65480 | ||||
| Area code | +380 48 | ||||
| Website | www.omr.gov.ua/en/ | ||||
| 1Metropolitan area population as of 2001 | |||||
اوديسا (انگريزي: Odessa يا Odesa، روسي: Оде́сса [ɐˈdʲesə]، يوڪريني: Оде́са، (
ٻُڌو)) يوڪرين جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر ۽ سامونڊي بندرگاھ آھي. ھي شھر يوڪرين جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪاري سمنڊ (بحر اسود) جي اتر اولھ واري ساحل تي آباد آھي. ھي شھر اوديسا اوبلاسٽ (صوبي) ۽ اوديسا رائئون (ضلعي) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھن شھر کي ڪاري سمنڊ جو موتي (Pearl of Black Sea)، ڀوڳ چرچن جي گاديءَ جو ھنڌ (The Humor Capital) ۽ ڏاکڻيون تدمر (Southern Palmyra) سڏيو وڃي ٿو[1]. جڏھن يوڪرين سوويت يونين جو حصو ھو تڏھن ھن شھر کي ”ڏاکڻيون گاديءَ جو ھنڌ“ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,015,826 آھي[2]. ھن شھر جا رھواسي يوڪريني ۽ روسي ٻوليون ڳالھائين ٿا.
ھن شھر ۾ بين الاقوامي ھوائي اڏو، اوپيرا ھائوس، ڪيترائي ٿيٽر، مارڪيٽون ۽ يونيورسٽيون موجود آھن.
روس جي زار بادشاھت جو حصو بنجڻ کان گھڻو پھريائين ھتي ھڪ پراڻي يوناني وسندي قائم ھئي. 1440ع ۾ ڪرائيميا جي خان حاجى ڪراي ( Hacı I Giray) ھتي تاتاري وسندي قائم ڪئي[3]. ان بعد ھي علائقو لٿئانيا جي گرانڊ ڊچي رياست جو حصو بنيو. 1529ع کان 1792ع تائين ھي علائقو عثماني سلطنت جو حصو رھيو. 1794ع ۾ روس جي راڻي ڪيٿرين موجودھ اوديسا شھر جو بنياد رکيو. سوويت يونين واري دور ۾ ھي سوويت يونين جو ھڪ اھم بندرگاھ ۽ فوجي اڏو رھيو.
اوڻويھين صديءَ ۾ ھي ماسڪو، سينٽ پيٽرسبرگ ۽ وارسا کان پوءِ روس جو چوٿون وڏو شھر ھو[4]. ھي شھر پنھنجي شاندار عمارتن ۽ تعميراتي فن ۾ ملڪان ملڪ مشھور آھي[5]. ھن شھر ۾ ٻہ بندرگاھ آھن: اوديسا جو بندرگاھ ۽ يوزني بندرگاھ (Port Yuzhne). يوزني بندرگاھ تيل جو ٽرمينل آھي. ان کان علاوھ شھر جي ڏکڻ اولھ ۾ چرنومورسڪ (Chornomorsk) بندرگاھ بہ اوديسا صوبي جو ھڪ اھم بندرگاھ آھي. ھنن ٽن بندرگاھن سبب ھي شھر ھڪ وڏو واپاري مرڪز آھي. ھن شھر جون ڪيميائي ۽ تيل جون صنعتون يورپ ۽ روس جي پائپ لائينن سان ڳنڍيل آھن. 2022ع ۾ روس جي يوڪرين تي چڙھائيءَ کان اڳ ھي شھر سياحت جو وڏو مرڪز ھو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Who's Behind A String Of Bombings In Ukraine's Black Sea 'Pearl'?". NPR.org (انگريزي ۾). 2022-03-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2022-04-06 تي محفوظ ڪيل, 2022-03-23 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Pultar, Gönül (2014-04-14) (en ۾). Imagined Identities: Identity Formation in the Age of Globalization. Syracuse University Press. ISBN 978-0-8156-3342-6. https://books.google.com/books?id=KhiQAwAAQBAJ&pg=PA355#v=onepage&q&f=false.
- ↑ Harvard Ukranian Studies, Vol.1, No. 1, March 1977
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2012-03-06 تي محفوظ ڪيل, 2022-03-23 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing Ukrainian-language text
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Articles containing انگريزي-language text
- Pages using Lang-xx templates
- Articles containing Russian-language text
- Pages using infobox settlement with possible demonym list
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: unsupported parameter
- اوڊيسا شهر
- اوڊيسا اوبلاسٽ
- يوڪرين جا شهر
- يوڪرائين ۾ آباد ساحلي هنڌ