انڌي ٻلهڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درياه ۾ ملندڙ ٻلهڻ مڇي جو هڪ نسل آهي جنهن کي ڊولفن به چيو ويندو آهي۔ هي بنگلاديش، ڀارت، نيپال ۽ پاڪستان ۾ ملندڙ قسم آهي. هن کي سنڌي ۾ انڌي ٻلهڻ چيو ويندو آهي۔ هي جانور مئمل آهي ۽ مادي پنهنجي ٻچي کي کير پياريندي آهي. قدرتي طور تي هي جانور انڌو نه آهي پر دريائن ۾ گندگي وڌڻ جي ڪري هن جو نسل انڌو ٿي چڪو آهي. هن جو نسل خطري ۾ آهي جنهنڪري هن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ سرڪاري ڪوششن کان پوء ٻلهڻ جي تعداد ۾ ڪجهه واڌارو آيو آهي.