مواد ڏانھن هلو

امام دين گجراتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام دين گجراتي

اصلي نالو
امام الدين
قلمي نالو
امام دين گجراتي
حياتياتي معلومات
ڄمڻ
امام الدين
اپريل 15 1870(1870-04-15)ء
گجرات، برطانوي هندوستان (موجودهه پاڪستان)
وفات
فيبروري 22 1954(1954-02-22)ء
گجرات، پاڪستان
پيشو
شاعر
ٻولي
اردو، پنجابي
صنف
شاعري
شهريتسانچو:پرچم عڪسپاڪستاني

📖 نمايان تصنيفون

بانگ دهل
بانگ رحيل
صور اسرافيل


استاد امام دين گجراتي (پيدائش: 15 اپريل، 1870ء - وفات: 22 فيبروري، 1954ء) پاڪستان سان تعلق رکڻ وارو اردو ۽ پنجابي ٻولي جو شهرہ آفاق مزاحيه شاعر هيو۔

زندگي جا حالات

[سنواريو]

امام دين گجراتي 15 اپريل، 1870ء تي گجرات، برطانوي هندوستان (موجوده پاڪستان) ۾ پيدا ٿيو۔ ان جو اصل نالو امام الدین هيو[1][2]۔ ان جي تعليم صرف پرائمري تائين هئي۔هو بلديه گجرات جي شعبة محصول چونگي ۾ ملازم هيو۔

ادبی خدمتون

[سنواريو]

امام دين گجراتی جي ڪلام کي اردو ۽ پنجابي شاعري ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي۔ شروع ۾ هو پنجابي شاعري ڪرندو رهيو پر بعد ۾ پنهنجي قريبي دوست ۽ شاعر وصحافي راحت ملڪ جي وڏي ڀاءُ ملڪ عبد الرحمن خادم جي اصرار تي اردو ۾ بہ شعر چوڻ لڳو ۔ جيئن ته هو اردو ٻولي تي ملڪہ نہ رکندو هيو لهٰذا انهن پنهنجي شاعري جي لاء اردو ۽ پنجابي ٻولي جي آميزش سان پنهنجو الڳ انداز ايجاد ڪيو جيڪو ان وقت بہ ڪافي مقبول ٿيو ۽ اڄ بہ آهي انتها مقبول آهي جيئن تہ اڄ ڪيترائي شاعر استاد امام دين گجراتي جو انداز اپڻائي ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي۔

ان جي مجموعيء ڪلام ۾ بانگ دهل، بانگ رحيل ۽ صور اسرافيل جي نالن سان اشاعت پذير ٿيا۔ ان کان علاوه انهن هڪ ڪتاب شاعري جو پرنسپل بہ مرتب ڪيو هيو۔

تصنيفون

[سنواريو]
  • بانگ دهل
  • بانگ رحيل
  • صور اسرافيل
  • شاعري جو پرنسپل

وفات

[سنواريو]

امام دين گجراتي 22 فيبروري، 1954ء گجرات، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو۔

حوالا

[سنواريو]

سانچو:اردو مزاح نگار