البرٽ آئنسٽائن

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
البرٽ آئنسٽائن

20 صديءَ جو عظيم نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئنسٽائن 14 مارچ 1879ء ۾ جرمنيءَ جي ’اُلم‘ (Ulm)شهر ۾ ڄائو. هو يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ هو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم جمنازيئم اسڪول مان ورتي. هن نصابي تعليم سان گڏ موسيقيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 26 سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ جي ڪنهن اداري ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر تخليقي صلاحيتن هئڻ ڪري، اهو ڪم پسند نه آيس. سندس چوڻ موجب ”ڪلرڪيءَ ۽ موچڪي ڪم ۾ ڪو فرق نه آهي“.

سائنسي ڪارناما[سنواريو]

ملازمت دوران ئي هن فزڪس جي موضوع تي سائنس مئگزين جي مختلف ايڊيشنن ۾ مضمون لکيا ۽ فزڪس متعلق اهڙا انڪشاف ڪيا، جن سائنسي تحقيقات جو رُخ بدلائي ڇڏيو. هن روشنيءَ کي توانائيءَ جي شڪل قرار ڏنو، جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ائين ثابت نه ڪئي هئي. هن اهو ثابت ڪيو ته روشني هميشه لهرن جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. آئنسٽائن روشنيءَ جي رفتار ۽ رُخ متعلق جيڪي نظريا پيش ڪيا، اهي ئي سندس بنيادي سڃاڻپ بنيا. 1905ء ۾ پنهنجو مشهور ”اضافت جو نظريو“ پيش ڪيائين. 1909ء ۾ آئنسٽائن کي زيورچ يونيورسٽيءَ ۾ غير معمولي پروفيسر جو عهدو ڏنو ويو. ڪجهه وقت پراگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهيو. 1913ء ۾ هن کي فزيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آئنسٽائن اهو اڪيلو سائنسدان آهي، جنهن فزڪس جو بهترين نظريو (theory) پيش ڪيو ۽ ملندڙ انعام (5000 آمريڪي ڊالر) وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئن اسٽائن فزڪس کان سواءِ ڪيمسٽريءَ جو به ماهر هو. انهيءَ علم ۾ هن مادي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو دريافت ڪيو. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيمسٽريءَ جي دريافت ڪيل 99 عنصرن جو نالو آئن اسٽائن جي نالي تي ’آئن اسٽلائم‘ رکيو ويو. 1922ء ۾ هن کي فزڪس تي نوبل انعام مليو.

سماجي پھلو[سنواريو]

آئنسٽائن يهودي هئڻ جي باوجود هڪ آزاد خيال انسان هو ۽ ٻئي طرف کيس پوري دنيا ۾ شهرت ملي رهي هئي، برلن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ئي هو ته 1923ء ۾ جرمنيءَ تي نازي پارٽيءَ جو قبضو ٿيو. جرمنيءَ جي بنياد پرست ماڻهن سندس مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. نازين هن جي جائداد ۽ يونيورسٽيءَ واري نوڪريءَ سان گڏ جرمنيءَ جي شهريت به ختم ڪري ڇڏي. آخر آئنسٽائن جرمنيءَ کي الوداع چئي، آمريڪا جي شهر نيوجرسيءَ جي شهر پرنسٽن (USA) ۾ وڃي رهيو.
1939ء ۾ هن آمريڪا جي صدر روزويلٽ کي هڪ خفيه خط لکيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ائٽم بم ڪيئن تيار ڪيو وڃي. 1940ء ۾ آئنسٽائن کي آمريڪا جي خاص قانون مطابق ’آمريڪي مڃتا‘ ڏني وئي. جلد ئي کيس مئٿميٽڪس (علم رياضيءَ) جي اداري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. 1950ء ۾ هن unified field وارو نظريو پيش ڪيو. ”مادي جي طاقت ۾ تبديليءَ“ واري عمل جي نتيجي ۾ ائٽم بم ٺهيو. 6 آگسٽ 1945ء تي ان کي جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو، جنهن ۾ 60 هزار ماڻهو مُئا ۽ هڪ لک انسان زخمي ٿيا. هن دردناڪ واقعي تي آئنسٽائن کي زبردست ڏک پهتو، هن کي اها توقع هئي ته ائٽمي توانائيءَ کي انساني بهتريءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو. 1952ء ۾ آئنسٽائن کي اسرائيل جي صدارت جي پيشڪش ڪئي وئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.
آئنسٽائن ويهين صديءَ جو وڏو ذهين انسان هو. ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي چوڻ موجب: ”سڄي دنيا وارن جا دماغ هڪ طرف ۽ آئنسٽائن جو دماغ ٻئي طرف“. بقول شيخ اياز: ”ڪروڙين هٽلر گڏ ٿين، تڏهن به آئنسٽائن جهڙو دماغ پيدا نه ڪري سگهندا.“ آئن اسٽائن جا نظريا اڄڪلهه جا سائنسدان پاڻ لاءِ مشعل راهه سمجهندا آهن ۽ انهيءَ بنياد تي ئي فزڪس ۾ نوان تجربا ڪيا پيا وڃن.

وفات[سنواريو]

هن 18 اپريل 1955ء تي آمريڪا جي پرنسٽن شهر ۾ وفات ڪئي. [1]