مواد ڏانھن هلو

اسماعيل هنيه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسماعيل ھانيہ
إسماعيل هنية
هنيه سال 2020ع ۾
فلسطيني نيشنل اٿارٽي جو وزيراعظم
عهدي ۾
29 مارچ 2006ع  2 جون، 2014ع 14 جون 2007 کان (تڪراري)
صدر
پيشرواحمد قريي
جانشينرامي حمدالله
حماس جي سياسي بيورو جو چيئرمين
عهدي ۾
6 مئي 2017ع  31 جولاءِ 2024ع
ڊپٽيصالح العاروري[1]
(2017–2024)
پيشروخالد مشعل
غزه جي پٽي ۾ حماس جو سربراهه
عهدي ۾
2 جون 2014ع  13 فيبروري 2017ع
رهنماخالد مشعل
جانشينيحيٰ سنور
ذاتي تفصيل
ڄائوالشاطي پناهگير ڪئمپ، مصر جي قبضي واري غزه پٽيپ
قوميتفلسطيني
سياسي پارٽيحماس
ٻار13 (3 اسرائیلی حملی م شھید تی ویا)
رهائشدوحہ، قطر
الما ميٽراسلامي يونيورسٽي غزه
(*) هنيه کي 14 جون 2007 تي عباس طرفان برطرف ڪيو ويو، جنهن جي بدران فياض مقرر ڪيو ويو. اهو قانون ساز ڪائونسل طرفان غير قانوني قرار ڏنو ويو، جيڪو ھانيه کي تسليم ڪرڻ جاري رکي. فلسطيني اٿارٽي اولهه ڪناري تي حڪومت ڪري ٿي جڏهن ته حماس غزه جي پٽي تي حڪومت ڪري ٿي. سال 2014ع ۾ اتحادي حڪومت قائم ٿي.

اسماعيل هنيه (پيدائش: 29 جنوري 1962) هڪ فلسطيني سياستدان هو جنهن کي وڏي پيماني تي حماس جو اهم سياسي اڳواڻ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو سال 2007ع کان غزه جي پٽي تي حڪومت ڪري رهيو هو.[2] هو حماس جي سياسي بيورو جو موجوده چيئرمين ھو. سال 2023ع تائین ھو قطر ۾ رھندو ھو.[3]

اسماعیل ھانيه 1962ع ۾ مصر جي قبضي واري غزه پٽي ۾ الشاطي پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ پيدا ٿيو. هن غزه جي اسلامي يونيورسٽي ۾ پڙهيو،[4] [5] جتي هو پهريون ڀيرو حماس ۾ شامل ٿيو ۽ سال 1987ع ۾ عربي ادب ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي. سال 1997ع ۾ حماس جي آفيس جو سربراهه مقرر ٿيو، ان کان پوءِ هو تنظيم جي صفن ۾ وڌي ويو.

ھانيه حماس جي ان فهرست جو سربراهه هو جنهن 2006ع جي فلسطيني قانون سازي جي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پوءِ فلسطين جي رياست جو وزيراعظم ٿيو. بهرحال، محمود عباس، فلسطيني نيشنل اٿارٽي جو صدر، 14 جون 2007ع تي ھانيه کي سندس عهدي تان برطرف ڪيو. ان وقت جي فتح۔حماس جي تڪرار جي ڪري، ھانيه عباس جي فرمان کي تسليم نه ڪيو ۽ غزه جي پٽي ۾ وزيراعظم جي اختيار کي استعمال ڪرڻ جاري رکي.[6]

ھانيه سال 2006ع کان فيبروري 2017ع تائين غزه جي پٽي ۾ حماس جو اڳواڻ هو، جڏهن هن جي جاءِ تي يحيٰ سنور مقرر ڪيو ويو. 6 مئي 2017ع تي، ھانيه کي، خالد مشعل جي جاءِ تي، حماس جي سياسي بيورو جو چيئرمين چونڊيو ويو؛ ان وقت، ھانيه غزه جي پٽي مان قطر ڏانهن منتقل تي ويو.[7] [8]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اسماعیل ھانيہ جو قتل

31 جولاءِ 2024ع تي ھن کي ايران جي شهر تھران ۾ سندس رهائشگاهہ تي صبح جو سوير ھڪ ميزائيل حملي ۾ قتل ڪيو ويو. ھانيہ نئين چونڊيل ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي افتتاحي صدارتي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي رھائشگاھ تي آيو ھو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Hamas appoints West Bank terror chief as its deputy leader". The Times of Israel. 5 October 2017. Archived from the original on 8 February 2021. Retrieved 7 December 2017.
  2. Alshawabkeh, Lina (2023-10-17). "Who are the leaders of Hamas?". BBC News (in برطانوي انگريزي). Archived from the original on 19 October 2023. Retrieved 2024-02-19.
  3. "Ismail Haniyeh". Counter Extremism Project (in انگريزي). Archived from the original on 28 October 2023. Retrieved 28 October 2023.
  4. "Profile: Hamas PM Ismail Haniya". BBC. 14 December 2006. http://news.bbc.co.uk/2/hi/middle_east/4655146.stm.
  5. Donald Macintyre (3 January 2009). "Hamas PM Ismail Haniyeh at war with Israel – and his own rivals". Belfast Telegraph. http://www.belfasttelegraph.co.uk/news/world-news/hamas-pm-ismail-haniyeh-at-war-with-israel-and-his-own-rivals-28459936.html.
  6. "Abbas sacks Hamas-led government". BBC News. 14 June 2007. http://news.bbc.co.uk/2/hi/middle_east/6754499.stm.
  7. "Ex-Gaza leader Haniyeh reportedly to replace Mashaal as Hamas head". The Times of Israel. 5 September 2016. http://www.timesofisrael.com/ex-gaza-leader-haniyeh-reportedly-to-replace-mashaal-as-hamas-head/.
  8. "Hamas says Ismail Haniyeh chosen as Islamic group's leader". Yahoo News. 7 May 2017. Archived from the original on 6 May 2017. Retrieved 7 May 2017.