مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

غزه جي پٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Gaza

غَزَّة
Flag of the Gaza Strip
Flag of Palestine
Location of Gaza within Palestine
Location of Gaza within Palestine
حیثیت * Under the Palestinian National Authority according to the Oslo Accords[1]
گادي جو هنڌ Gaza City
31°30′53″N 34°27′15″E / 31.51472°N 34.45417°E / 31.51472; 34.45417
سڀ کان وڏو شهر Gaza City
دفتري ٻوليون Arabic
نسلي گروھ Palestinian
مذهب
مقامي آبادي Palestinian
حڪومت  فلسطين جي رياست
پکيڙ
• جملي
365 km2 (141 sq mi)
آبادي
• 2022 اندازو
2,375,259[2]
•  گھاٽائي
6٬507 /km2 (16٬853.1 /sq mi)
Map of the Governorates of Gaza

غزه جي پٽي (عربي: قطاع غزه؛ انگريزي: Gaza Strip) يا صرف غزه رياست فلسطين جو هڪ خودمختار علايقو آهي ۽ ٻن فلسطيني علائقن مان ننڍو آهي (ٻيو اولهه ڪناري آهي). رومي سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي غزه جي ڏکڻ۔اولهه ۾ مصر ۽ اوڀر ۽ اتر ۾ اسرائيل جي سرحد آهي.

هي علائقو تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن سال 1948ع جي عرب۔اسرائيل جنگ دوران مصر جي قبضي ۾ آيو، ۽ فلسطينين لاءِ پناهه گاهه بڻجي ويو، جيڪي سال  1948ع جي فلسطين جنگ دوران بي دخل ڪيا ويا. بعد ۾، سال 1967ع جي ڇهين ڏينهن واري جنگ دوران، اسرائيل غزه جي پٽي تي قبضو ڪري ورتو ۽ فلسطيني علائقن تي ڏهاڪن تي ۾ محيط فوجي قبضو شروع ڪيو. سال 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ۾ اوسلو معاهدو فلسطيني اٿارٽي (PA) کي ۽ شروعاتي طور تي سيڪيولر پارٽي الفتح جي اڳواڻي ۾ هڪ محدود گورننگ اٿارٽي جي طور تي تسليم ڪيو ويو ۽ سال 2006ع ۾ اسلامي حماس جي هٿان ان پارٽي جي چونڊ ۾ شڪست کان پوءِ، حماس غزه جي حڪومت سنڀالي ۽ بعد ۾ اسرائيل سان جنگ شروع ڪئي.

سال 2005ع ۾، اسرائيل غزه مان پنهنجي فوجن کي واپس وٺي ڇڏيو، ان جي نوآبادين کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ غزه تي هڪ عارضي بندش (blockade) لاڳو ڪئي. سال 2007ع ۾ حماس جي قبضي کان پوءِ بندش غير معين ٿي وئي، مصر طرفان غزه سان گڏ ان جي زميني سرحد تي پابندين ذريعي حمايت ڪئي وئي.  

اسرائيل جي انڪار جي باوجود، اقوام متحده (UNO)، انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس ۽ انساني حقن جون ڪيتريون ئي تنظيمون غزه کي اسرائيلي فوجي قبضي هيٺ رکڻ تي احتجاج جاري رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هن علائقي تي اسرائيل جي موثر فوجي ڪنٽرول کي سمجهي رهيا آهن؛ اسرائيل تڪرار ڪري ٿو ته اهو علائقو تي قبضو رکي ٿو.    

موجوده بندش ماڻهن ۽ سامان کي آزاديء سان داخل ٿيڻ يا علائقي کي ڇڏڻ کان روڪي ٿي، ان ڪري، غزه کي اڪثر ڪري "اوپن ايئر جيل" سڏيو ويندو آهي. اقوام متحده، گڏوگڏ گهٽ ۾ گهٽ 19 انساني حقن جي تنظيمن، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو بندش ختم ڪري. اسرائيل هن پٽي تي پنهنجي بندش کي جواز بڻائي ڇڏيو آهي ته هو هٿيارن جي وهڪري کي روڪڻ چاهين ٿا، پر فلسطيني ۽ حقن جي گروهن جو چوڻ آهي ته اهو اجتماعي سزا جي برابر آهي ۽ زندگين جي سخت حالتن کي وڌائي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ جاري ڏڪار آهي. 

غزه جي پٽي 41 ڪلوميٽر (25 ميل) ڊگھي آھي 6 کان 12 ڪلوميٽر ويڪرو آھي ۽ ڪل ايراضي 365 چورس ڪلوميٽر (141 چورس ميل) آهي. اٽڪل 365 چورس ڪلوميٽر تي تقريبن 20 لک فلسطيني،  غزه دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي جي کثافت مان هڪ آهي. غزه جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پناهگير يا پناهگيرن جي اولاد آهي، جن مان اڌ جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي. مسلمان غزه جي اڪثريتي آبادي آهن ۽ فلسطيني عيسائي اقليت ۾ موجود آهن. غزه جي آبادي جي سالياني واڌ جي شرح %1.99 (2023ع جو اندازو)، دنيا ۾ 39هين نمبر تي آهن. غزه جي بيروزگاري جي شرح، مجموعي طور تي %46 سان ۽ نوجوانن جي بيروزگاري جي شرح %70 سان، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود، علائقي جي خواندگي جي شرح %97 آھي، جيڪو ويجهي مصر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جڏهن ته نوجوانن جي خواندگي جي شرح %88 آهي. غزه کي سالن کان فلسطيني قوميت ۽ مزاحمت جو ذريعو ڏٺو ويو آهي. 

حوالا[سنواريو]


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو