مواد ڏانھن هلو

اروشي بٽاليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اروشي بٽاليا Urvashi Butalia

اروَشي بٽاليا 2011 ۾
پيدائش 1952 (عمر 7273)
امبالا, هرياڻا، انڊيا
قوميت هندستاني
پيشو پبلشر, اتهاڪسار (تاريخدان)
ڪو-فائونڊر ڪالي فار وومين (1984),
باني زبان بڪس(2003)
رشتيدار پنڪج بٽاليا
ويب سائيٽ
zubaanbooks.com

اروشي بٽاليا (انگريزي ٻولي: Urvashi Butalia) ڀارتي ناري واد (فيمينسٽ) قلمڪار ۽ پبلشر آهي. ۔[1]ڀارت ۾ نسواني تحريڪ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي سبب کان اروشي سُڃاتي ويندي آهي. هن خاموشي جا پيا پاسا: هندستان جو ورهاڱو جا آوازَ (The Other Sides of Silence:Voices from the Partition of India) ۽ امن جي ڳالهه: ڪشمير کان نارين جو آواز(Speaking Peace:Women's Voice from Kashmir) جهڙا ڪتاب لکيا آهن. ريتو مينن سان گڏجي بٽاليا سال1984 ۾ ڪالي فار ويمن (Kali for Women) جي نالو سان هڪ ڇپائي گهر (Publishing house) قائم ڪيو.[2] هن 2003 ۾ زبان بڪس (Zubaan Books) نالو سان ڪالي فار وويمن جي ڇپائي قائم ڪئي. مينن ۽ بثاليا کي هڪٻئي سان گڏجي 2011 ۾ حڪومت هندستان پاران تعليمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض پدم شري ايوارڊ ڏنو ويو۔[3][4]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

اروشي بٽاليا جو جنم 1952 ۾ انبالا، هرياڻا جي هڪ امير، لاادري، پنجابي گهراڻو ۾ ٿيو.[1] بٽاليا جي ميرانڊہ هائوس، دهلي يونيورسٽي کان انگريزي ادب ۾ 1971 ۾ بي-اي ۽ 1973 ۾ ايم-اي ڪئي.[1] هن 1977 ۾ لنڊن يونيورسٽي کان ڏکڻ ايشيا اڀياس (South Asian Studies) ۾ ايم-اي ڪئي.[1][5]

ڪيريئر

[سنواريو]

بٽاليا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، نئي دهلي کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن آڪسفورڊ هيڊڪوارٽرز ۾ اَٽڪل هڪ سال تائين ڪم ڪيو.[5] ۽ پوءِ زيڊ بڪس (Zed Books), لنڊن کان 1982 ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳي. بٽاليا پوءِ ڀارت واپس آئي ۽ ريتو مينن سان گڏجي 1982 ۾ ڪالي فار وومين (Kaali for Women) نالي فيمينسٽ چپائي گهر جو بنياد وڌو.[6]
بٽاليا آڪسفيم (Oxford Committee for Famine Relief)، ڀارت مشورو ڏيندڙ ۽ دهلي يونيورسٽي جي ووڪيشنل اڀياس ڪاليج ۾ ريڊر جي عهدي تي ڪم ڪندي رهي.[5] بٽاليا 2004 ۾ زبان بڪس جي بياد وڌي.[7] ڪنن پوشپورا سانحو بابت ڪتاب ڪيا آپ ڪو ڪنن پوشپورہ ياد هي (Do You Remember Kunan Poshpura) ڇپايو هيو۔[7]

لکڻيون

[سنواريو]

بٽاليا جا ڪجهه ذڪر لائق لکِڻيون هن ريت آهن:[1]

  • ٻين لفظن ۾:ڀارتي نارين جي نيئن لکڻي (In Other Words: New Writing by Indian Women)
  • بدلاءُ پيش ڪرڻ: ڏکڻ ۾ فيمينسٽ اشاعت (Making a Difference: Feminist Publishing in the South)
  • ناريون ۽ هندو حق (Women and the Hindu Right: A Collection of Essays)
  • ناريون ۽ ساڄي ڌُر تحريڪون، انڊين تجربا (Women and Right Wing Movements: Indian Experiences)
  • خاموشي جو ٻيو پاسو: هندستان جي ورهاڱو جا آواز (The Other Side of Silence: Voices from the Partition of India)
  • امن جي ڳالهه: ڪشمير کان نارين جي آواز (Speaking Peace: Women's Voices from Kashmir)
  • انر لائن (Inner Line: The Zubaan Book of Stories by Indian Women)

ايوارڊ

[سنواريو]

بٽاليا کي ڪيترا ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي اعزاز حاصل ٿيل آهن. ڪُجه ذڪر جوڳا هيٺ درج ڪيل آهن.[1]

  • 2000 ۾ بٽاليا کي اشاعت ۾ نارين لاءِ پنڊورا اعزاز (Pandora Award for Women in Publishing) سان نوازيو ويو هيو.
  • 2011 ۾ بٽاليا کي حڪومت هندستان جي طرفان ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ پدم شري ايوارڊ سان نوازيو ويو هيو.[4]
  • 2017 ۾ بٽاليا کي جرمني جي پاران گوئٿي ميڊل (Goethe Medal) سان ڀيٽا پيش ڪري ايوارڊ ڏنو ويو.
  • بيني ميريٽو (Bene Merito Medal)، 2014 ۔ پولستان جو سڀ کان وڏو اعزازي ميڊل مليو هيو.
  • نڪي ايشيا تهذيب لاءِ انعام (Nikkei Asia Prize for Culture )، ڏنو ويو پاران، دي نڪي، جاپان، 2003

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 "Urvashi Butalia", Boell, حاصل ڪيل 15 March 2020۔
  2. Daftuar, Swati (28 October 2010). "Identity matters". The Hindu. http://www.thehindu.com/todays-paper/tp-features/tp-metroplus/article853524.ece. Retrieved 26 April 2013.
  3. "Press Information Bureau", pib.nic.in, حاصل ڪيل 07 مارچ 2019۔
  4. 1 2 "Padma Awards 2011: The winners", Rediff, حاصل ڪيل 15 March 2020۔
  5. 1 2 3 "Bio – Butalia", Lettre Ulysses Award for the Art of Reportage, حاصل ڪيل 26 April 2013۔
  6. Ghoshal, Somak (14 June 2013), "Urvashi Butalia: I want to prove that feminist publishing can survive commercially", Livemint, حاصل ڪيل 16 August 2013۔
  7. 1 2 "History of Zubaan", Zubaan Books, حاصل ڪيل 15 March 2020۔ حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "zubaan" defined multiple times with different content