اروشي بٽاليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اروشي بٽاليا Urvashi Butalia

اروَشي بٽاليا 2011 ۾
پيدائش 1952 (عمر 71–72)
امبالا, هرياڻا، انڊيا
قوميت هندستاني
پيشو پبلشر, اتهاڪسار (تاريخدان)
ڪو-فائونڊر ڪالي فار وومين (1984),
باني زبان بڪس(2003)
رشتيدار پنڪج بٽاليا
ويب سائيٽ
zubaanbooks.com

اروشي بٽاليا (انگريزي ٻولي: Urvashi Butalia) ڀارتي ناري واد (فيمينسٽ) قلمڪار ۽ پبلشر آهي. ۔[1]ڀارت ۾ نسواني تحريڪ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي سبب کان اروشي سُڃاتي ويندي آهي. هن خاموشي جا پيا پاسا: هندستان جو ورهاڱو جا آوازَ (The Other Sides of Silence:Voices from the Partition of India) ۽ امن جي ڳالهه: ڪشمير کان نارين جو آواز(Speaking Peace:Women's Voice from Kashmir) جهڙا ڪتاب لکيا آهن. ريتو مينن سان گڏجي بٽاليا سال1984 ۾ ڪالي فار ويمن (Kali for Women) جي نالو سان هڪ ڇپائي گهر (Publishing house) قائم ڪيو.[2] هن 2003 ۾ زبان بڪس (Zubaan Books) نالو سان ڪالي فار وويمن جي ڇپائي قائم ڪئي. مينن ۽ بثاليا کي هڪٻئي سان گڏجي 2011 ۾ حڪومت هندستان پاران تعليمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض پدم شري ايوارڊ ڏنو ويو۔[3][4]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

اروشي بٽاليا جو جنم 1952 ۾ انبالا، هرياڻا جي هڪ امير، لاادري، پنجابي گهراڻو ۾ ٿيو.[1] بٽاليا جي ميرانڊہ هائوس، دهلي يونيورسٽي کان انگريزي ادب ۾ 1971 ۾ بي-اي ۽ 1973 ۾ ايم-اي ڪئي.[1] هن 1977 ۾ لنڊن يونيورسٽي کان ڏکڻ ايشيا اڀياس (South Asian Studies) ۾ ايم-اي ڪئي.[1][5]

ڪيريئر[سنواريو]

بٽاليا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، نئي دهلي کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن آڪسفورڊ هيڊڪوارٽرز ۾ اَٽڪل هڪ سال تائين ڪم ڪيو.[5] ۽ پوءِ زيڊ بڪس (Zed Books), لنڊن کان 1982 ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳي. بٽاليا پوءِ ڀارت واپس آئي ۽ ريتو مينن سان گڏجي 1982 ۾ ڪالي فار وومين (Kaali for Women) نالي فيمينسٽ چپائي گهر جو بنياد وڌو.[6]
بٽاليا آڪسفيم (Oxford Committee for Famine Relief)، ڀارت مشورو ڏيندڙ ۽ دهلي يونيورسٽي جي ووڪيشنل اڀياس ڪاليج ۾ ريڊر جي عهدي تي ڪم ڪندي رهي.[5] بٽاليا 2004 ۾ زبان بڪس جي بياد وڌي.[7] ڪنن پوشپورا سانحو بابت ڪتاب ڪيا آپ ڪو ڪنن پوشپورہ ياد هي (Do You Remember Kunan Poshpura) ڇپايو هيو۔[7]

لکڻيون[سنواريو]

بٽاليا جا ڪجهه ذڪر لائق لکِڻيون هن ريت آهن:[1]

  • ٻين لفظن ۾:ڀارتي نارين جي نيئن لکڻي (In Other Words: New Writing by Indian Women)
  • بدلاءُ پيش ڪرڻ: ڏکڻ ۾ فيمينسٽ اشاعت (Making a Difference: Feminist Publishing in the South)
  • ناريون ۽ هندو حق (Women and the Hindu Right: A Collection of Essays)
  • ناريون ۽ ساڄي ڌُر تحريڪون، انڊين تجربا (Women and Right Wing Movements: Indian Experiences)
  • خاموشي جو ٻيو پاسو: هندستان جي ورهاڱو جا آواز (The Other Side of Silence: Voices from the Partition of India)
  • امن جي ڳالهه: ڪشمير کان نارين جي آواز (Speaking Peace: Women's Voices from Kashmir)
  • انر لائن (Inner Line: The Zubaan Book of Stories by Indian Women)

ايوارڊ[سنواريو]

بٽاليا کي ڪيترا ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي اعزاز حاصل ٿيل آهن. ڪُجه ذڪر جوڳا هيٺ درج ڪيل آهن.[1]

  • 2000 ۾ بٽاليا کي اشاعت ۾ نارين لاءِ پنڊورا اعزاز (Pandora Award for Women in Publishing) سان نوازيو ويو هيو.
  • 2011 ۾ بٽاليا کي حڪومت هندستان جي طرفان ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ پدم شري ايوارڊ سان نوازيو ويو هيو.[4]
  • 2017 ۾ بٽاليا کي جرمني جي پاران گوئٿي ميڊل (Goethe Medal) سان ڀيٽا پيش ڪري ايوارڊ ڏنو ويو.
  • بيني ميريٽو (Bene Merito Medal)، 2014 ۔ پولستان جو سڀ کان وڏو اعزازي ميڊل مليو هيو.
  • نڪي ايشيا تهذيب لاءِ انعام (Nikkei Asia Prize for Culture )، ڏنو ويو پاران، دي نڪي، جاپان، 2003

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "Urvashi Butalia". Boell. حاصل ڪيل 15 March 2020. 
  2. Daftuar, Swati (28 October 2010). "Identity matters". The Hindu. http://www.thehindu.com/todays-paper/tp-features/tp-metroplus/article853524.ece. Retrieved 26 April 2013. 
  3. "Press Information Bureau". pib.nic.in. حاصل ڪيل 2019-03-07. 
  4. 4.0 4.1 "Padma Awards 2011: The winners". Rediff. حاصل ڪيل 15 March 2020. 
  5. 5.0 5.1 5.2 "Bio – Butalia". Lettre Ulysses Award for the Art of Reportage. حاصل ڪيل 26 April 2013. 
  6. Ghoshal, Somak. "Urvashi Butalia: I want to prove that feminist publishing can survive commercially". Livemint. حاصل ڪيل 16 August 2013. 
  7. 7.0 7.1 "History of Zubaan". Zubaan Books. حاصل ڪيل 15 March 2020.  حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "zubaan" defined multiple times with different content