ناري واد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عورتازاد (feminism): فيمنزم يا ناري واد ڪيترين ئي تحريڪن تي مشتمل هڪ نظريو، هڪ فڪر آهي[1]،[2] جنهن جو مقصد عورتن لاءِ سياسي ، سماجي، معاشي حقن ۽ موقعن جي حاصلات آهي[3]، جيڪي کين جنسي برابريءَ جي بنياد تي ملڻ گهرجن. ڇو ته عورتن واري انهي تحريڪ مطابق مردن پنهنجي مخصوص نظام تحت عورتن کي هميشه سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي طور محروم ۽ غلام رکيو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان وڏو الزام انهي تحريڪ پاران پدري نظام Patriarchy کي ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه سندن چوڻ موجب پدري نظام جنسيت Sexist تي مبني آهي، جيڪو غلط آهي. پدري نظام موجب عورتون پيدائشي طور ڪمتر Inferior، جڏهن ته مرد Superior ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته عورتازاد انهي حياتياتي فرق (Biological Difference) کان انڪاري نه هوندي به انسان طور برابريءَ جي لاءِ ڪوشان آهي. سندن چوڻ موجب اها سڃاڻپ ثقافتي ۽ سماجي گهڙت Social Construction آهي، جيڪا ئي عورتن کي عورت بجاءِ مادي، هيڻي يا زناڻو بڻائي ٿي، ڇوته عورت جي ڪمزور، هيڻي ۽ نااهل هجڻ واري سڃاڻپ بايولاجيڪل نه، پر پدري اثر واري ثقافتي ۽ سماجي آهي. پدري نظام ئي اهڙي شناخت تي زور ڏي ٿو. سنڌي ادب ۾ خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه، فهميده حسين، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، عطيه دائود، امر سنڌو ۽ ٻين ڪيترن ليکڪائن جي لکڻين ۾ ان فڪر جا عڪس ملن ٿا. [4]

سنڌي ٻولي اختياري جي سنڌي لغت مطابق:عورتا- واد اهڙو فڪري رويو آهي، جنهن موجب عورتا- واد وارا سمجهن ٿا ته ٻن انساني صنفن ۾ صنفي فرق فقط سماجي طور جڑيل ناهي، پر عورت موروثي طور تي مرد کان گهٽ تشدد پسند ۽ گهڻ جنگجو آهي ۽ ٻنهي صنفن ۾ حياتياتي ، جذباتي ، نفسياتي ُ ، ۽ روحاني طور وڏو تفاوت آهي. اهو گڻ عورت کي امن جي حمايتي ۽ دنيا ۾ ميٺ محبت جي پرچارڪ ثابت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. هي رويو دنيا ۾ ٿيندڙ جنگاڻ جو ڪارڻ ۽ محرڪ مرد ۽ سندس فطري ويڙهاڪ طبيعت کي ڳڻائي ٿو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته، مرد ۾ پيدائشي ۽ ڪائناتي طور اُھرائي پسند لاڙا آهن. انهن اڻ- سُڌريل فطري لاڙن جي تسلسل ۾ مردن تاريخ ۾ هميشه عورت کي دٻائي ۽ پوئتي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Feminism in Indus Roman Sindhi - English-Indus Roman Sindhi Dictionary | Glosbe". glosbe.com. حاصل ڪيل 2023-01-31. 
  2. "Feminism | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-17. 
  3. "Feminism word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2023-01-31. 
  4. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  5. http://www.markfoster.net/dcf/feminism-Sindhi.pdf