اديتي ڀاٽيا
| اديتي ڀاٽيا | |
|---|---|
![]() | |
| سَرگَرمُ سالَ | سال 2006–کان هينئر تائين |
| شھرت جو ڪارڻ | یہ هين محبتين |
اديتي ڀاٽيا (انگريزي ٻولي: Aditi Bhatia) ڀارتي اداڪارِ ۽ ماڊل آهي. اسٽار پلس جي سيريئل يہ هين محبتين ۾ اديتي روحي ڀلا جو ڪردار نڀائيندي هئي. وواهہ، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا، سرگوشيان آپ ڪي، سندس اهم فلمون آهن. هن ڪيترن ئي سيرئيل پروگرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ يہ هين محبتين، جيڪو ڏاڍو مشهور آهي. چانس پہ ڊانس ۾ اديتي مشهور باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪيو آهي، ۽ عمران خان جي فلم سرگوشيان ۾ فريدهہ جلال وغيرہ سان گڏ ڪم ڪيو اٿس.[1]
جنم ۽ تعليم
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا 29 آڪٽوبر 1999 تي ڀارت جي مشهور شهر ممبئي، مهاراشٽرا م جنم ورتو هيو. اديتي جي ماءُ بينا ڀاٽيا ڪُرت جي لحاظ کان اُستادياڻي آهي.[2] [3] [4]۔ اديتي جي تعليم ٺاڪر پبلڪ اسڪول ۽ ٺاڪر ڪاليج آف سائنس اينڊ ڪامرس منجهان ٿيل آهي.[5] اديتي 2018 ۾ مهاراشٽرا اسٽيٽ بورڊ آف سيڪينڊري اينڊ هائر سيڪينڊري ايجوڪيشن منجهان ٻارنهين درجي جو امتحان سُٺن نمبرن سميت پاس ڪيو هيو.[6]
ڪيريئر
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا 2006 ۾ ٻار اداڪار (چائلڊ اِيڪٽر) طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ۽ ڪُجهہ اشتهارن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي فلمن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. وواهہ (انگريزي:Vivah)، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا (انگريزي: Shootout at Lokhandwala)، دي ٽرين (انگريزي: The Train)، چانس پہ ڊانس (انگريزي: Chance Pe Dance) ۽ سرگوشيان (انگريزي: Sargoshiyan) نالي سان فلمن ۾ آديتي ڪم ڪيو آهي.[7] 2015 ۾ زي-ٽي جي تاشان عشق سيريئل ڀاٽيا ببلي تانيجا جو ڪردار نڀايو هيو. 2016 کان وٺِي 2019 تائين هن پاران اسٽار پلس جي ڊرامو يہ هين محبتين سيريئل ۾ روحي ڀلا جو ڪردار نڀايو هيو.ڀاٽيا ڪلرز ٽي وي جي سيريئل ڪاميڊي نائٽس بچاءٌ تازا (انگريزي: Comedy Nights Bachao Taaza) ۾ پڻ حصو ورتو هيو.[8] سال 2018 ۾ حقيقت تي ٻَڌل شو ڪاميڊي سرڪس (انگريزي: Comedy Circus) ۾ هن حصو ورتو هيو، ۽ سال ن2019 ۾ ڪلرز ٽي وي جي خطرہ خطرہ خطرہ ۾ پڻ نظر آئي هئي.[9]
فلمون
[سنواريو]آديتي ڀاٽيا جون نمايان فلمون هن ريت آهن:[1]
| سال | فلم | ڪردار |
|---|---|---|
| 2007 | شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا | اي اي خان جي نياڻي (ڌيءَ) |
| دي ٽرين | نڪي | |
| 2010 | چانس پہ ڊانس | شنايا |
| 2017 | سرگوشيان | پايل |
ٽيلي ويزن
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا جا ڪُجهہ ٽيلي ويزن پروگرام هيٺين ريت آهن:
| سال | سيريئل | ڪردار | چينل |
|---|---|---|---|
| 2004 | هوم سوئيٽ هوم | ڪرشما | زي سمي |
| 2015 | تاشان عشق | ببلي تانيجا | زي ٽي وي |
| 2016–2019 | يہ هين محبتتين | روحي ڀلا | اسٽار پلس |
| 2016 | 'ڪاميڊي نائٽس بچاءُ تازا | مخالف | ڪلرز ٽي وي |
| 2018 | ڪاميڊي سرڪس | سوني ٽي وي | |
| 2019 | خطرہ خطرہ خطرہ | ڀاتي (شريڪ) | ڪلرز ٽي وي |
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Movies of Aditi Bhatia". IMDB. 9 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Vivek Dahiya reunites with former co-star Aditi Bhatia on this TV show". India Today. 9 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Aditi Bhatia: Movies, Photos, Videos, News, Biography & Birthday | eTimes". timesofindia.indiatimes.com.
- ↑ "Aditi Bhatia's birthday celebration in Budapest was a cake feast you would love to be a part of!". 1 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Profile of Aditi Bhatia". Famous Birthdays. 9 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ye Hai Mohabbatein actress Aditi Bhatia passes her 12th class exams, posts the results". Times of India. 30 May 2018. 9 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Did you know Aditi Bhatia featured in this movie as a kid?". The Times of India. 29 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Aditi Bhatia excited to show her comic skills in Comedy Circus". The Times of India. اصل نسخو مان 4 October 2018 تي محفوظ ڪيل. 29 August 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Yeh Hai Mohabbatein actress Aditi Bhatia to join Comedy Nights Bachao Taaza". India.com (انگريزي ۾). 29 August 2018 تي حاصل ڪيل.
