مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ادب (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادب رسالو حيدرآباد مان ماهوار شايع ٿيندو هو. جنھن جو پھريون شمارو جون 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ان جو چيف ايڊيٽر گل ڪونڌر، ايڊيٽر جاويد سحر قريشي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سيد سردار، سنڌو قاضي، عمران لغاري ۽ عبدالحفيظ جمالي شامل هئا. هي رسالو تمام گهڻو عرصو جاري رهيو ۽ گل ڪونڌر هن جو روح روان رهيو. هن رسالي جا 111 پرچا شايع ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ڊڪلئريشن ورتي وئي تہ ڊڪلئريشن ”اديب“ عنوان سان ملي، ان ڪري رسالي جو نالو ”ادب“ مان بدلائي ”اديب“ ڪيو ويو ۽ ان ريت ”اديب“ 112 کان 138 تائين پرچا شايع ٿي سگهيا. هن رسالي جي پھرئين پرچي کان پوءِ باقي 137 پرچا ادب اشاعت گهر، حيدرآباد پاران شايع ٿيا. هن رسالي جا ڪيترائي پرچا مختلف ادبي شخصيتن جي حوالي سان خاص نمبر طور شايع ٿيا، جن ۾ جي. ايم. سيد، امر جليل، حميد سنڌي، تاج جويو، امداد حسيني، محسن ڪڪڙائي، فوزيہ سومرو، نصير مرزا، ادل سومرو، اياز گل، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، يوسف سنڌي ۽ طارق اشرف وغيره شامل آهن. هن رسالي جو آخري پرچو مئي 2006ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ هي رسالو ڪجهہ مجبورين سبب بند ٿي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]