ادب ٻولي تعليم
ادب ٻولي تعليم ڪتاب سنڌي ڏاهي ۽ اديب محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي. ڪتاب جو مواد پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جنھن ۾ جويي صاحب جي ويچارن، لاڙن ۽ نقطۂ نظر جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڪتاب جي پرئين ڀاڱي ۾ ”ادبي سنگت“، ”مھراڻ“ ۽ ”سنڌو“ بابت ڊاڪٽر دائود پوٽي، رحيمداد مولائي شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن ۽ ٻين ادب دوستن جا ادبي خط ۽ پڙهندڙن جا پيغام شامل آهن. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”ادبي پڌرناما“ صدارتي خطبا ۽ متفرقہ مضمونن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو ٻولي ۽ تعليم تي، جڏهن تہ چوٿون ڀاڱو تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ پنجون ڀاڱو ”پيغام ۽ شعر“ ۽ ٻين مختصر انٽرويوز تي مشتمل آهي. مجموعي طرح محمد ابراهيم جويي جو هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ جامي چانڊيي لکيو آهي، هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد سيپٽمبر 1998ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جي قيمت 250 رپيا رکيل آهي. هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 588 صفحن تي مشتمل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ادب ٻولي تعليم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-05-29.