احوال شاھ عبداللطيف جو (ڪتاب)
ڏيک
مصنف | مرزا قليچ بيگ |
---|---|
اصل عنوان | احوال شاھ لطيف جو |
ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
ٻولي | سنڌي |
موضوع | صوفي ازم (تصوف) ثقافت تاريخ |
صنف | نثر |
شايع ڪندڙ | پوڪرداس تاجر ڪتب، شڪارپور(پھريون ڇاپو) ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڪميٽي(نئون ڇاپو) |
ڇاپي جي تاريخ |
15 نومبر 1897 (نئون ڇاپو مارچ 1972) |
صفحا | 54 |
احوال شاھ عبداللطيف جو (انگريزي: Ahwal Shah Abdul Latif Jo) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جو نئون ڇاپو، جيڪو مارچ 1972ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، سو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو سنواريل آهي. نئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتاب بابت لکي ٿو تہ: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو غالباً ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ (جنهن جو ديباچي جي هيٺان نالو ڏنل آهي) 15 نومبر کانپوءِ سن 1897ع ۾ شايع ڪيو. اُن بعد ٻيو ڇاپو 1905ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ شايع ٿيو.[1] ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾، ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي جي سرورقن جا عڪس ڏنل آهن، جن مان خبر پوي ٿي تہ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو لاهور جي ”اسلاميہ پريس“ ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو وڪٽوريہ پريس سکر ۾ ڇپيو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ”سائو پن يا ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، ص: 54.
- ↑ ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور"، مھراڻ رسالو سال 2003ع، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.