مواد ڏانھن هلو

احوال شاھ عبداللطيف جو (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
احوال شاھ لطيف جو
ليکڪمرزا قليچ بيگ
اصل عنواناحوال شاھ لطيف جو
ملڪسنڌ, پاڪستان
ٻوليسنڌي
موضوعصوفي ازم (تصوف)
ثقافت
تاريخ
صنفنثر
ڇاپيندڙپوڪرداس تاجر ڪتب، شڪارپور(پھريون ڇاپو)
ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڪميٽي(نئون ڇاپو)
ڇپائي تاريخ15 نومبر 1897
(نئون ڇاپو مارچ 1972)
پنا54


احوال شاھ عبداللطيف جو (انگريزي: Ahwal Shah Abdul Latif Jo) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جو نئون ڇاپو، جيڪو مارچ 1972ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، سو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو سنواريل آهي. نئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتاب بابت لکي ٿو تہ: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو غالباً ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ (جنهن جو ديباچي جي هيٺان نالو ڏنل آهي) 15 نومبر کانپوءِ سن 1897ع ۾ شايع ڪيو. اُن بعد ٻيو ڇاپو 1905ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ شايع ٿيو.[1] ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾، ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي جي سرورقن جا عڪس ڏنل آهن، جن مان خبر پوي ٿي تہ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو لاهور جي ”اسلاميہ پريس“ ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو وڪٽوريہ پريس سکر ۾ ڇپيو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ”سائو پن يا ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، ص: 54.
  2. ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور"، مھراڻ رسالو سال 2003ع، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.