احمد فراز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد فراز
(اردو ۾: احمد فراز خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 12 جنوري 1931  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوھاٽ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 25 آگسٽ 2008 (77 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
اسلام آباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي University of Peshawar  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو شاعر[1]،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

اردو زبان جي نامياري شاعر احمد فراز، 1931ع ڌاري ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو. هن کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد سيد محمد شاهه ’برق‘ اردوءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. احمد فراز اردوءَ ۽ فارسيءَ ۾ ايم .اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن ايڊورڊ ڪاليج پشاور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ريڊيو پاڪستان لاءِ فيچر لکيا. بي. اي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”تنها تنها“ شايع ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ريڊيي سان معاهدو ختم ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’درد آشوب‘ شايع ٿيو، جنهن تي کيس ’آدمجي ادبي اوارڊ‘ مليو. يونيورسٽيءَ جي ملازمت کان پوءِ پاڪستان نئشنل سينٽر پشاور جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1976ع ڌاري اڪادمي ادبيات پاڪستان جو پهريون سربراهه مقرر ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران سياست کان الڳ ٿي ويو. زندگيءَ جي آخري دور ۾ پاڻ اسلام آباد جي لوڪ ورثه نالي اداري جو سربراهه به ٿيو. احمد فراز غزل ۽ نظم جو تمام وڏو شاعر هو. هن شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن ۾ جديد رنگ ڀريو. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪن جا نالا هي آهن: ’تنها تنها مين‘ (1958ع)، ’درد آشوب‘ (1966ع)، ’جان جانان‘ (1976ع)، ’نابينا شهر مين آئينه (1984ع)‘ ’بي آواز گلي کو چون مين (1882ع)‘. ان کان سواءِ سندس نظم سويڊن، يوگوسلاويه ۽ هالئنڊ ملڪن جي زبانن ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. سندس شاعريءَ جو انتخاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ’ونڊ ان دي ولڊرنيس‘ عنوان سان ڇپجي چڪو آهي. نوجوانن ۾ مقبول هن شاعر جي وفات جولاءِ 2008 ۾ شڪاگو جي هڪ اسپتال ۾ ٿي. کيس اسلام آباد ۾ دفنايو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]