احفاظ الرحمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احفاظ الرحمان
 

معلومات شخصيت
ڄم 4 اپريل 1942   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 12 اپريل 2020 (78 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو صحافي ،شاعر [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

احفاظ الرحمان -اردو- ۽ -انگريزي- زبان جو صحافي ۽ -ترقي- پسند شاعر ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي، هن صحافتي دنيا ۾ سدائين صحافت جي -آزادي- ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هو 4 -اپريل- 1942ع تي جبلپور شهر ۾ ڄائو، -پاڪستان- ٺهڻ بعد سندس خاندان لڏي اچي ڪراچي -آباد- ٿيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شاگرد جماعت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو ۽ 1962ع ۽ 1964ع واري شاگرد تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن صحافت شروع ڪئي ته کيس پرڏيهي ٻولين جي صحافتي اداري بيجنگ چين ۾ نوڪري ملي. هن چين ۾ ثقافتي -انقلاب- پنهنجي اکين سان ڏٺو، 1972ع ۾ ڪيترائي چيني ڪتاب ۽ مائوزي -تنگ- جون لکڻيون -اردو- ۾ ترجمو ڪيون. 1972ع ۾ وطن موٽيو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان -اخبار- ”مساوات“ ۾ سينيئر عهدي تي ڪم ڪيو. 1978ع ۾ جنرل ضياءُ -الحق- خلاف صحافين جي تاريخي تحريڪ (78-1977ع) ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين ۽ اخباري ڪارڪنن جي گڏيل ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. صحافين واري تحريڪ جي ٽنهي مرحلن ۾ اڳيان رهيو. جيئن تحريڪ ختم ٿي ته وڏين اخبارن کيس بليڪ لسٽ ڪري نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊگهي عرصي کان پوءِ 1993ع ۾ -جنگ- -اخبار- جي ميگزين ۾ نوڪري مليس. کيس 2002ع ۾ -پاڪستان- فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر چونڊيو ويو. هن صحافين کي ويج بورڊ مطابق پگهارون ۽ سهولتون ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. احفاظ ايڪسپريس -اخبار- ۽ ٽي ويءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. هن جا ڪتاب ”-جنگ- -جاري- رهي“، ”نئين الف ليليٰ“ -تاريخ- چين ’چوُ اين لائي‘ جي سوانح عمري 2008ع ۾ شايع ٿيا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Library of Congress authority ID: https://id.loc.gov/authorities/n2008200042 — خالق: Library of Congress
  2. احفاظ الرحمان : (Sindhianaسنڌيانا)