احسان فقير لانگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
احسان فقير لانگاھ
پيدائش سيوهڻ
وفات 1897
ٽنڊو الهيار
شھرت جو ڪارڻ سنڌي شاعري

احسان فقير لانگاھ بابت تسلي بخش احوال نٿو ملي. شاهه جي رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾ سندس بيت ملن ٿا. 1920ع ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائيءَ، ’ڪيڏارو‘ نالي ڪتابڙي ۾ ڪن شاعرن جا بيت گڏ ڪيا، جن ۾ احسان فقير جا بيت پڻ شامل آهن. ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ پڻ شروعاتي صفحن ۾ سر ڪيڏاري تي بحث ڪندي سندس نالو ذڪر هيٺ آيو آهي.

هڪ روايت موجب احسان فقير لانگاهه، سيوهڻ جو ويٺل هو، جو پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. نِيرَ جو ڪم ڪندو هو. مصري شاهه نصرپوريءَ سان سندس صحبت هئي. 1315ھ/1897ع ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]