مواد ڏانھن هلو

ابو ايوب انصاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابو ايوب انصاري رضی اللہ تعالٰی عنہ
ابو ايوب

مسجد أيوب سلطان، استنبول، ترڪي جتي ابو ايوب انصاري جو مقبرو واقع آهي
مديني جو انصاري صحابي
پورو نالو
خالد بن زيد بن ڪليب
گهراڻو بنو خزرج جي شاخ بنو نجار
پيءُ زيد بن كليب بن ثعلبة بن عبد بن عوف بن غنم بن مالك بن النجار بن ثعلبة بن عمرو بن الخزرج.[1]
ماءُ هند بنت سعيد بن عمرو بن امرئ القيس بن مالك بن ثعلبة بن كعب بن الخزرج بن الحارث بن الخزرج،[2]
جنم خالد
يثرب ھاڻوڪو مدينو منوره
لاڏاڻو سن 52 ھجري
قسطنطنيہ ، بازنطيني ايمپائر يا سامراج.
تدفين قسطنطنيہ جي قلعي جي ٻاهران ( ھاڻوڪي استنبول شھر اندر مسجد ايوب سلطان)
مذھب اسلام

حضرت ابو ايوب انصاري رضی اللہ تعالٰی عنہ حـضـور نبي ڪريـم صلي الله عليه وسلم جا جان نثار اصحابي ھئا ء ھجرت کانپوء حضور نبي ڪريـم صلي الله عليه وسلم جا میزبان ھئا. نالو "خالد بن زيد" ء ڪنيـت "ابو ايوب" ھئي.

احوال زندگي

[سنواريو]

سندس اصل نالو خالد هو . سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: خالد -بن- زيد -بن- ڪليب -بن- ثعلبه -بن- غنم -بن- مالڪ -بن- نجار . سندس والده جو نالو زهراء بنت سعد -بن- قيس -بن- عمرو -بن- امرؤ القيس هو . هن جو تعلق انصارن جي قبيلي خزرج جي شاخ بنو نجار سان هو . رسول اڪرم صلي -الله- عليھ وسلم جي پڙ ڏاڏي هاشم -بن- عبد مناف بنو نـجـار جي هڪ نيڪ خصلت خاتون سلميٰ سان شادي ڪئي هئي . پاڻ ڪريمن صلي -الله- عليھ وسلم جو ڏاڏو عبدالمطلب هن جي پيٽان ڄائو هو . انهي نسلي تعلق سبب انصارن جي ٻين قبيلن کان بنو نجار کي وڌيڪ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو . حضرت ابو ايوب -انصاري- بنو نجار جو سردار هو . ابو ايوب اُن جي ڪنيت هئي . اعلان نبوت جي ٻارهين سال حضرت مصعب -بن- عمير رضي -الله- عنه -اسلام- جو پهريون داعي بنجي مديني شريف آيو ته ٻين انصارن سان گڏ 18 سالن جي نوجوان حضرت ايوب -انصاري- به سندس هٿ تي -اسلام- قبول ڪيو . نبوت جي تيرهين سال -انصاري- اصحابن مڪي شريف طرف منيٰ جي جبلن جي لڪ عقبھ وٽ وڃي حضور نبي ڪريم صلي -الله- عليھ وسلم -جن- سان -بيعت- ڪئي هئي ، حضرت ايوب -انصاري- انهن ۾ مکيه هو ، هن -بيعت- کي ” -بيعت- عقبھ “ چيو وڃي ٿو ، اُن ڪري ابو ايوب -انصاري- کي -انصاري- ، نجاري کان سواءِ عقبي جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي . حضورصه -جن- جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا ته سندن ڏاچي حضرت ابو ايوب -انصاري- جي گهر وٽ گوڏا کوڙي ويهي رهي ۽ مديني ۾ رسول پاڪصه سندن مهمان بڻيو . سيرت الحلبيه جي روايت آهي ته ڪجهه انصارن ڏاچيءَ کي اتان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏاچي اتان نه اٿي ۽ اهو عظيم اعزاز حضرت ابو ايوب انصاريءَ کي حاصل ٿيو . حضرت ابو ايوب انصاريءَ جي جاءِ جا هيٺ ۽ مٿي ٻه طبقا هئا . پاڻ ڪريمصه -جن- هيٺئين طبقي ۾ رهڻ پسند فرمايو . ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي خيال اچي ٿيو ته محبوب هيٺ هجن ۽ مان مٿان رهان ، اها بي ادبي آهي . سو کين راضي ڪري مٿي رهايائين ۽ پاڻ هيٺ رهڻ لڳو . مسجد نبويءَ جي جاءِ ٻن يتيمن جي هئي جيڪا هن جي گهر جي ڀرسان هئي پاڻ سڳورن اها خريد ڪري مسجد ٺاهڻ ٿي چاهي . انهن يتيمن اها جاءِ مفت ڏيڻ ٿي چاهي . پر پاڻ سڳورن قبول نه ڪئي ، آخر -ان- جي ڏهه دينار رقم مقرر ٿي ، جا حضرت ابو ايوب انصاريءَ ادا ڪئي ۽ مسجد نبويءَ جي تعمير ۾ -ان- وقت ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين . -ان- کان پوءِ حرمِ نبويءَ جي حجرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو . حضرت ايوب -انصاري- حرمِ نبويءَ جي زمين جي حصول ۽ انهن جي اڏاوت ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ڀرپور حصو ورتو . پاڻ ڪريم -جن- ست مهينا حضرت ابو ايوب -انصاري- جي گهر ۾ مهمان طور رهيا ، -ان- کان پوءِ مڪي مان پنهنجي گهر وارن کي مديني گهرائي پنهنجي حرمن سان حجرن ۾ رهيا . حضرت ابو ايوب -انصاري- جي مواخات ( ڀائپي ) حضرت مصعب -بن- عميررضه سان ٿي . حضرت ابو ايوب -انصاري- -جنگ- -بدر- ، احد ، خيبر ، -بيعت رضوان- ، حديبيه ، فتح مڪه ، حنين ، تبوڪ ۽ هر انهيءَ مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو ، جنهن ۾ رسول خدا شرڪت ڪئي . ابن حجر عسقلاني لکي ٿو ته: ” رسول -الله- صلي -الله- عليھ وسلم -جن- جي وصال کان پوءِ به حضرت ابو ايوب -انصاري- سدائين جهاد ڪندو رهيو . -تان- جو قسطنطنيه واري مهم ۾ وفات ڪيائين . “ -اسد- الغابه جو بيان آهي ته: سواءِ هڪ سال جي ڪڏهن به جهاد کان پوئتي نه رهيو . -ان- سال هڪ نوجوان کي لشڪر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو . -ان- ڪري ابو ايوب -انصاري- -ان- جي ماتحتي ۾ وڙهڻ پسند نه ڪيو ، بعد ۾ هن -ان- تي پڇتايو ۽ چوندو هو ته منهنجو -امير- ڪير آهي ، -ان- جو مون تي ڪو بار ڪونهي ، مون کي هر حال ۾ وڙهڻو آهي . هن برن ۽ بحرن ۾ جهاد ڪيو . حضرت ابو ايوب -انصاري- جڏهن سامونڊي جنگين ۾ شريڪ ٿيو ، تڏهن سندس عمر 76سال هئي . مسلمانن جي چئني اميرن ( خلفاء الراشدين ) سان هر معاملي ۾ گڏ رهيو . هو علم حلم ۾ ، جهاد ۽ ملڪي معاملات ۾ فضيلت وارو هو . حضرت ايوب انصاريرضه 52ھ ۾ قسطنطنيه ۾ وفات ڪئي ، -ان- وقت سندس عمر ٻياسي ورهيه هئي .[3]

ابو ايوب -انصاري- مشهور -اصحابي- ٿي گذريو آهي. سندس نالو ’خالد‘ هو. ’ابو ايوب‘ سندس ڪنيت هئي. سندس واسطو مديني جي قبيلي ’بنونجار‘ سان هو. حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم -جن- جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني ۾ آيا ته هر مسلمان جي اها -آس- هئي ته پاڻ سڳورا انهن وٽ رهن. پاڻ سڳورن اهڙي صورتحال ڏسندي فيصلو ڪيو ته جنهن گهر وٽ سندن ڏاچي (جنهن تي پاڻ سڳورا سوار هئا) اچي بيهندي، -ان- شخص وٽ رهائش اختيار ڪبي. پاڻ ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي سواري حضرت ابو ايوب انصاريءَ جي گهر وٽ اچي ويٺي ۽ پاڻ سڳورا سندن گهر ۾ ست مهينا رهيا. حضرت ابو ايوب انصاريءَ -اسلام- جي حرمت لاءِ ڪيئي جنگيون به وڙهيون، -ان- ڪري کيس انهن اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جيڪي -اصحابي- هجڻ سان گڏ مجاهد پڻ هئا. 42ھ/ 662ع ۾ قسطنطنيه ۾ وفات ڪيائين.[4]

حوالا

[سنواريو]