يثرب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
یثرب جو حجاز ۾مقام

يثرب:(انگريزي: Yathrib ) مديني منوره جو پراڻو نالو جيڪو سعودي عرب ۾ واقع آهي. حضرت محمد صه جي ان شھر ۾ آمد کان اڳ اھو حجاز جي اتر اولهه ۾ واقع هڪ خيابان ھيو جيڪو ڳاڙھي سمنڊ جي ڪناري کان اٽڪل ھڪ سئو ميلن جي مفاصلي تي ۽ مڪي کان 300 ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. پھرين اتي عرب آباد ٿيا ۽ پوءِ يھودي بہ اتي آباد ٿيا جيڪي بابل ، يونان ۽روم جي حاڪمن جي ظلم ڪري فلسطين مان ڀڄي آيا ھيا انھن يھودين يثرب، خيبر،فدڪ ۽ ٻين اتر اولھ عربستان ۾ پنھنجيون بستيون اڏيون ھيون . يثرب ۾ انھن جا ٽي قبيلا ھيا: بني نظير، بني قريظہ ۽ بني قنوقہ. پھرين يھودين جي آبادي يثرب ۾ عربن کان وڌيڪ ھئي ۽ انھن جو يثرب تي غلبو ھيو بعد ۾ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ يمن کان ٻہ بت پرست قبيلا اوس ۽ خزرج لڏي آيا ۽ يثرب ۾ آباد ٿيا جنھن ڪري يھودين جو غلبو پورو ٿي ويو. انھن يھودين کان زمينون ھٿ ڪري کين شھر کان ٻاھر ڪيو . انھن عرب قبيلن ۾ اتحاد ڪانہ ھيو. ڇھين صدي عيسويءَ۾ انھن ٻن قبيلن جي پاڙن جو تعداد ويھ ٿي چڪو ھو. ٻنھي قبيلن جو پاڻ ۾ جھيڙو شروع ٿيو ۽ يثرب اھڙي طرح ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويو. بنو نظير ۽ بنو قريظہ اوس وارن جي مدد ڪري رھيا ھئا ۽ بني قينوقہ بنو خزرج جي. سن 616 عيسويءَ ۾ ٻنھي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي جيڪا جنگ بعاث جي نالي سان مشھور آھي. ان جنگ ۾ خزرج وارن کي شڪست ملي ۽ انھن جا کجين جا باغ ساڙيا ويا. پر پوءِ به بني اوس قبيلو پنھنجو شھر تي غلبو حاصل نه ڪري سگھيو. اسلام جي اچڻ بعد انھن کي امن مليو ۽ يثرب شھري رياست جي شڪل اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ ان جو نالو مدينو پئجي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. Book: A Short History of Islam; By: Mazhar ul Haq; Chapter 4' page 49 ; Edition:1984 ; Publisher: Book Land Lahore.