ابن بطوطه

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا

ابو عبدالله بن محمد عبدالله اللواتي ابن بطوطا سياح ٿي گذريو آهي. پاڻ 1303ع ۾ طنجه شهر ۾ ڄائو. 21 سالن کان پوءِ حج ڪرڻ واسطي مڪي روانو ٿيو. هن کي سير سفر جو شوق ٿيو. هن مديني شريف کان سفر شروع ڪيو ۽ تقريباً سڄي دنيا جو سير ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي وطن وريو. هن سفر دوران عجيب ۽ غريب ماڻهو ۽ واقعا ڏٺا. انهن جا حالات هڪ سفر نامي ۾ قلمبند ڪيائين. هن 28 سالن تائين دنيا جو سير ڪيو. اٽڪل 75 هزار ميلن جو سفر طَي ڪيائين. هو سنڌ ۾ به آيو.

سنڌ جي سرزمين تي صدين کان وٺي سياح، مورخ، جاگرافيدان، واپاري ۽ مختلف نمونن سان قسمت آزمائي ڪندڙ ماڻهو ايندا رهيا آهن، انهن مان ڪيترن پنهنجن سفرنامن ۽ مختلف تجربن کي لکيت ۾ پڻ آندو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، شهرن ۽ ماڻهن بابت انتهائي اهم معلومات ڏني آهي. اهڙا واقعا اسان کي سنڌ جي تاريخ متعلق جيڪا معلومات مهيا ڪن ٿا، اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان ملڻ محال آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اهڙيون ئي ڪجهه شاهديون اسان کي اٺين صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ايندڙ هڪ عرب سياح ابن بطوطه جي لکيل سفرنامي مان ملن ٿيون: ابن بطوطه جو پورو نالو محمد بن عبدالله هو. پاڻ 24 فيبروري 1304ع/17 رجب 703هه سومر جي ڏينهن، مراڪش جي شهر طنجه ۾ ڄائو هو. ابن بطوطه سندس خانداني لقب هو، اهو خاندان مراڪش ۾ اڃا به موجود آهي. ابن بطوطه جڏهن پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري 755هه ۾ وطن واپس وريو ته کيس اتي هڪ شهر ۾ قاضيءَ جو عهدو ڏنو ويو، جيڪا سندس خانداني ڪِرت هئي، جتي هن سن 68- 1369ع/ 70- 771هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو سفر ٻاويهن سالن جي عمر يعني سنه 1326ع / 726هه ۾ شروع ڪيو. اٺن سالن جي سير ۽ سفر کان پوءِ ابن طوطه ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪابل کان هلي اچي پهرين محرم 734هه/ ٻارهين سيپٽمبر 1333ع آچر جي ڏينهن سنڌو درياهه تي پهتو. ابن بطوطه جي سفرنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بولان لڪ بلوچستان مان لنگهي ڪاهان کان ٿيندو، جيڪب آباد ضلعي مان ڪٿان اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو هوندو.

سندس سنڌو درياهه ٽپڻ وارو معاملو به ڪجهه غور طلب آهي. سندس چوڻ موجب، ”هو درياهه ٽپي ٻه ڏينهن سفر ڪري جناني شهر مان ٿيندو سيوهڻ پهتو“. جڏهن ته سيوهڻ قديم زماني کان وٺي سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي آباد آهي. ابن بطوطه سيوهڻ پهچڻ کان اڳ ٻيهر درياهه ٽپڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو درياهه جي اصل ۽ وڏي وهڪري بدران سنڌوءَ جي الهندي وهڪري تان ٽپي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي، ان الهندي وهڪري جو کاٻو ڪپ وٺي، لاڙڪاڻي جي هاڻوڪي شهر واري ايراضيءَ جو الهندو پاسو وٺندي، ان وقت قائم شهر ”جناني“ مان ٿيندو دادوءَ جي الهندي پاسي کان لنگهي اچي سيوهڻ پهتو، جيڪر ان کي صحيح سمجهجي ته پوءِ ”جناني“ جو قديم شهر به لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جي وچ واري ايراضيءَ ۾ ڪٿي هجڻ گهرجي. اڃا به ائين چئجي ته اهو قديم شهر جنهن جو نالو به اسان کي ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڪتاب مان نٿو ملي، ”موهين جي دڙي“ جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪٿي موجود هو. جيڪو سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ يا ڪنهن ٻي آفت سبب بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، جنهن جي قديم آثارن جو به ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي. سفر جي اڳئين م رحلي ۾ ابن بطوطه سيوهڻ پهتو، جتي ان وقت هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق شاهه جي پاران سنڌ تي مقرر ڪيل امير عماد الملڪ سرتيز موجود هو. هن دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، جتي امير رهندو هو. ان کانسواءِ اچ، بکر ۽ سيوستان ۾ پڻ سرڪاري ڪارندا رهندا هئا، جيڪي ملڪي حالتن ۽ ٻاهران ايندڙ ماڻهن بابت مڪمل معلومات پنهنجن اميرن معفت بادشاهه کي دهلي پهچائيندا رهندا هئا.

سنڌ جو امير الامراء عماد الملڪ سرتيز سلطاني بادشاهه محمد بن تغلق جو ناٺي ۽ فوج جو سپہ سالار هو، جنهن کي بادشاهه بغاوتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏکين پرڳڻن جي انتظام لاءِ مقرر ڪندو هو. کيس ڪجهه عرصو ديوگير جي باغين کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ موڪليو ويو هو. اتان دکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جتي دولت آباد جي لشڪر جي اڳواڻ سردار حسن گنگو سان مقابلو ڪندي سنه 748هه ۾ مارجي ويو. سردار حسن پوءِ ابوالمظفر علاؤالدين حسن گنگو جي نالي سان دکن جي بهمني سلطنت جو باني ٿيو.

سنڌ ان وقت ۾ هندستان جي تغلق حاڪمن جي هٿ هيٺ هئي. ۽ سيوهڻ واري علائقي ۾ مقامي سمن ۽ سومرن جو سردار اميرو نار (ڄام انڙ) ۽ قيصر رومي حاڪم هئا. ۽ سيوهڻ ۾ رهندا هئا. هنن جي فوج ۾ ارڙهن سئو سوار هئا. هن شهر ۾ ”رتن“ نالي هڪ هندو به رهندو هو، جيڪو ڪن اميرن سان گڏجي هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق جي درٻار ۾ پهتو. بادشاهه هن کان متاثر ٿي کيس ”سنڌ سردار جو لقب ڏيئي کيس انهي ملڪ جو حاڪم ڪري سيوهڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور ڏيئي، کيس وڏن اميرن واريون نشانيون، نغارا ۽ جهنڊو عطا ڪري روانو ڪيو. سيوهڻ پهچڻ تي ”(ڄام انڙ) قيصر لاءِ هن جي اطاعت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪري ملڪ رتن کي ماري وڌو ۽ سندس گڏ ڪيل مال ٻارهن هزار دينارن تي قبضو ڪيو. ”اميرو نار“ (ڄام انڙ) کي سڀني پنهنجو سردار مڃي کيس ”ملڪ فيروز“ جو لقب ڏنو. هن سمورو مال لشڪر کي ورهائي ڏنو، پر لشڪر جي گهٽتائي سبب پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ڏانهن هليو ويو. سيوهڻ ۾ باقي بچيل لشڪر قيصر رومي کي پنهنجو سردار بنايو. هن واقعي جي خبر جڏهن سلطان محمد بن تغلق جي مقرر ڪيل سنڌ جي امير الامراء، عماد الملڪ سرتيز کي پهتي، جيڪو ملتان ۾ رهندو هو ۽ ملتان سيوهڻ کان ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي هو ته سرتيز لشڪر وٺي سيوهڻ پهتو. قيصر رومي هن جو مقابلو ڪيو ۽ قلعي ۾ قابو ٿي ويٺو پر آخر جنگ هارائي قيد ٿي قتل ڪيو ويو. عمادالملڪ سرتيز انهن جو مال ضبط ڪيو ۽ روزانو انهن قيدين مان ڪن کي قتل ڪرائي. انهن جون کلون لهرائي بهه سان ڀرائي سيوهڻ قلعي جي ڀت تي ٽنگائي ڇڏيندو هو ۽ ايترا ماڻهو مئا جو انهن جون سسيون وچ شهر ۾ هڪ ڍڳ جيتريون گڏ ٿي ويون. ابن بطوطه هن واقعي کانپوءِ سيوهڻ پهتو هو ۽ اتي جي هڪ وڏي مدرسي ۾ وڃي رهيو هو، جيڪو قلعي جي سامهون هو. ابن بطوطه مدرسي جي ڇت تي سمهندو هو ۽ جڏهن رات جو سجاڳي ٿيندي هيس ته انهن ٽنگيل کلن تي اک وپندي هيس ۽ ان وحشت ۾ اچي دل پريشان ٿي ويندي هُيس. نيٺ ان مدرسي کي ڇڏي ساڳئي شهر ۾ وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ رهيو.

مٿئين واقعي مان تاريخي معلومات ۽ خاص طرح سمن جي طاقت ۾ اچڻ ۽ هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق جي ڪارندن خلاف بغاوت جون شاهديون ملن ٿيون، جيڪا سنه 733هه جي ذوالحج مهيني مطابق 1333ع جي آگسٽ مهيني ۾ ٿي گذري هئي. مٿئين واقعن مان هن ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته سنڌ جا حڪمران ”سومرا“ توڻي ”سمه“ جيڪي سنڌ جي لاڙ وارن علائقن تي حڪومت ڪندا هئا، دهليءَ جي سلطانن جي ڪمزوري جو فائدو وٺي اچ ۽ ملتان تائين ملڪ قبضو ڪري ويندا هئا ۽ ڪڏهن دهلي مان لشڪر ڪاهي اچي سندن طاقت کي تباهه ڪير کين سنڌ جي لاڙ واري پاسي ڏي ڌڪي ڇڏيندو هو. جڏهن وري سلطاني طاقت ڪجهه ڪمزور ٿيندي هئي يا انهن جا گهرو جهيڙا سندن طاقت کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا ته سنڌي جوڌا پنهنجي آزادي کي قائم رکندي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي ڪڍي آزاديءَ جو اعلان ڪندا هئا.

ابن بطوطه ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي امير الامراء عماد الملڪ سرتيز سان گڏ ملتان مان قاضي علالملڪ فصيح الدين خراساني به مددگار ٿي پنهنجي لشڪر سان سيوهڻ آيو هو – هن کي اڳتي لاهري بندر وڃڻو هو، جيڪو ان جي علائقي سميت هن کي سلطان محمد بن تغلق جاگير ڪري ڏنو هو. ان وقت لاهري بندر جو ساليانو محصول سٺ لک دينار هوندو هو، جنهن مان ويهين پتي يعني ٽي لک دينار جاگيردار کي ملندا ۽ باقي بادشاهه محمد بن تغلق جي خزاني ۾ ستونجاهه لک دينار جمع ٿيندا هئا. لاهري بندر هڪ وڏو شهر ۽ بندر گاهه هو، جتي يمن ۽ فارس جا تمام گهڻا جهاز ۽ واپاري ايندا هئا.

ابن بطوطه جي بيان مان سنڌ جي لاهري بندر جي سالياني اپت ۽ سنڌ جي بندرن تي ٿيندڙ واپار ۽ جهاز راني جي خبر پوي ٿي – جيڪو ان دور جي وڻج واپار جي ترقي جو هڪ اهم ثبوت آهي. معلوم ٿئي ته ان دور ۾ لاهري بندر ئي سنڌ جو اهم سامونڊي بندر هو، جتي پرڏيهه کان جهازن وسيلي مال اچي لهندو هو، جتان درياهه ۽ خشڪيءَ وسيلي اهو مال سنڌ، هندستان ۽ افغانستان جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هن بيان مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن تغلق جي دور ۾ لاهري بندر به سندس هٿ هيٺ هو، جنهن جي جاگير هڪ خراساني امير جي حوالي ڪئي وئي هئي، جيڪو آمدني جي ويهين پتي پاڻ کڻندو هو، جيڪي ٽي لک دينار ٿيندا هئا.

ابن بطوطه سيوهڻ مان ان خراساني جاگيردار سان سن 734هه/1333ع ۾ پنج ڏينهن سنڌو درياهه ۾ سفر ڪري لاهري بندر ويو ۽ اتي پنج ڏينهن رهي بکر ۽ اچي کان ٿيندو ملتان هليو ويو، جتان مختلف شهرن کان ٿيندو وڃي دهليءَ ۾ سلطان محمد بن تغلق جي درٻار ۾ پهتو، جيڪو غير ملڪين کي وڏا انعام اڪرام ۽ عهدا ڏيندو هو. اهي سڀ ابن بطوطه به حاصل ڪيا.

ابن بطوطه هندستان ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ مختلف علائقا گهميو، ان دوران هن کي ڪيترا چڱا ۽ خراب واقعا پيش آيا، پر هن مضمون ۾ صرف سنڌ متعلق بلڪ خاص طرح سيوهڻ سان لاڳاپيل واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي تاريخي اهميت جون حقيقتون آهن. مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کان سواءِ ابن بطوطه جي سفرنامي مان نه صرف سندس ٻيو دفعو سيوهڻ ۾ اچڻ ثابت ٿئي ٿو، پر سلطان محمد بن تغلق جو سنه 742هه/41-1342ع ۾ پهريون دفعو بادشاهه جي حيثيت ۾ سيوهڻ ۾ اچي ڪافي عرصو رهڻ جي پڻ خبر پوي ٿي، جنهن کي عام طرح ليکڪن ۽ تاريخدانن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن اهم واقعي جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ان جا نتيجا ڪڍيا ويا آهن ته اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري هندستان جو بادشاهه وڏو سفر ڪري سنڌ آيو ۽ ڪيترا مهينا سيوهڻ ۾ اچي رهيو. سڀ کان پهريائين ابن بطوطه جي ان بيان کي هوبهو ڏسڻ گهرجي ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.

ابن بطوطه لکي ٿو ته ”جڏهن شيخ شهاب الدين سان ملڻ جي ڏوهه ۾ بادشاهه محمد شاهه تغلق ناراض ٿي پيو ته مون کي اچي ڊپ ورايو، سو پنهنجو سڀ ڪجهه مال دولت ۽ ڪپڙا ورهائي هڪ گداگر جا ڪپڙا پائي تارڪ الدنيا ٿي ويس. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه سنڌ جي ملڪ ۾ ويل هو. جڏهن بادشاهه کي خبر پئي ته آئون تارڪ الدنيا ٿي ويو آهيان. تڏهن مون کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. ان وقت بادشاهه سيوستان (سيوهڻ) ۾ هو. مان فقيرن جي ڪپڙن ۾ بادشاهه جي سامهون حاضر ٿيس. مون سان بادشاهه تمام نرميءَ سان ٿي ڳالهايو ۽ وري سندس نوڪري ڪرڻ لاءِ مونکي زور ڪرڻ لڳو پر مون صاف انڪار ڪيو ۽ کانئس حجاز جي سفر جي اجازت گهريم، جيڪا هن منظور ڪئي. پوءِ مان بادشاهه وٽان هليو آيس ۽ هڪ خانقاهه ۾، جيڪا ملڪ شير جي نالي سان منسوب هئي، ترسي پيس. هي جماد الثاني جون آخري تاريخون ۽ سنه 742هه/(1341ع هو. آئون رجب وارو سڄو مهينو ۽ شعبان جي ڏينهن تاريخ تائين اتي عباد ڪندو رهيس. هتي مون پنجن پنجن ڏينهن جو روزو رکڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح سان چاليهه ڏينهن پورا ڪيم. جڏهن چاليهه ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن بادشاهه مون ڏانهن هڪ زين سميت گهوڙو، ٻانهيون، غلام، خرچ ۽ ڪپڙا موڪلي ڏنا. پوءِ مون اهي ڪپڙا پهريا. جڏهن آئون بادشاهه وٽ پهتس، ته هن منهنجي اڳي کان به وڌيڪ عزت ڪئي ۽ چيو ته توکي چين جي بادشاهه وٽ پنهنجو سفير ڪري ٿو موڪليان، ڇو ته توکي سير سفر جو شوق آهي.“

هن بيان مان خبر پوي ٿي ته محمد بن تغلق شاهه هندستان جو بادشاهه ٿيڻ کانپوءِ پهريون دفعو سنڌ ۾ سنه 742هه/1341ع ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا سيوهڻ ۾ رهيو هو.

بادشاهه جي سنڌ ۾ اچي هڪ وڏو عرصو سيوهڻ ۾ رهڻ جي هن واقعي جي ابن بطوطه جي سفرنامي کانسواءِ ٻئي ڪنهن به حوالي مان خبر ڪانه ٿي پوي ۽ نه ئي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته سلطان جي اچڻ سبب ڪڙو هو.

جڏهن ابن بطوطه اچي بادشاهه سان مليو تڏهن جمادي الثاني جون آخري تاريخون هيون. جيڪر هن کي ويهين تاريخ سمجهجي ته پوءِ جمالد الثاني جا ڏهه ڏينهن رجب جو سڄو مهينو ۽ شعبان جا ڏهه ڏينهن، يعني پوڻا ٻه مهينه عبادت ۾ گذاريا، جنهن کانپوءِ بادشاهه سلامت هن کي انعام اڪرام ۽ اعزاز ڏيئي نوڪريءَ ۾ ٻيهر رکيو ۽ سفير ٿي وڃڻ لاءِ چيائينس. ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو ته سيوستان کان ملتان تائين، جيڪو سنڌ پرڳڻي جي گادي جو هنڌ آهي. ڏهن ڏينهن جو رستو آهي ۽ ملتان کان دارالخلافت دهليءَ تائين پنجاهه ڏينهن جو رستو آهي. سندس ان بيان کي سامهون رکي جيڪر غور ڪجي ته ائين سمجهه ۾ ايندو ته بادشاهه محمد بن تغلق سيوهڻ پهچڻ کانپوءِ ابن بطوطه جو حال احوال معلوم ڪري هن کي سيوهڻ گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو هوندو ته ان جي دهلي پهچي ابن بطوطه کي سيوهڻ آڻڻ ۾ پڪ سان چار مهينا لڳي ويا هوندا“ چار مهينا سفر وارا ۽ ٻه مهينا سيوهڻ ۾ رهڻ وارا ڇهه ئي مهينا بادشاهه محمد بن تغلق جو پڻ سيوهڻ ۾ هجڻ سمجهڻ گهرجي، جيڪو هڪ بادشاهه لاءِ گاديءَ جي هنڌ کان ٻاهر بنا ڪنهن سبب جي سيوهڻ ۾ رهڻ ممڪن نٿو نظر اچي. پر اهو مسئلو ابن بطوطه جي سفرنامي مان ئي حل ٿي وڃي ٿو. هو لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ٽپال ٻن قسمن جي ٿيندي آهي“ هڪڙي گهوڙي واري ۽ ٻي پيادي. گهوڙي واري ٽپال ”اولاق“ لاءِ هر چئن ڪوهن يعني ٻن ميلن تي هڪ چونڪي يا ”ڍاٻو“ هوندو آهي، انهيءَ وچ ۾ ٻه ڳوٺ ٻڌل هوندا آهن. هر هڪ ڳوٺ وٽ پيادو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي، جنهن جي مٿي تي ٽامي جا گهينگهرا ٻڌل هوندا آهن، اهو همراهه ٽپال جو لفافو هٿ ۾ جهلي، گهينگهرن واري لٺ هٿ ۾ کڻي وٺي ڊوڙندو آهي. اڳتي وري ٻيو همراهه گهينگهرن جو آواز ٻڌيو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي. هيءَ ٽپال گهوڙن کان به جلد پهچندي آهي. هن طريقي سان تازا ميوا ڪابه گهربل شئي يا ماڻهو پنجن ڏينهن ۾ پهچي ويندي آهي.

مٿئين بيان مان اهو سمجهڻ آسان ٿي پيو ته ابن بطوطه کي هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق جي سيوهڻ ۾ ڇهه مهينا نه پر وڌ ۾ وڌ هڪ مهينو لڳو هوندو، پر هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته بادشاهه ٽن مهينن کان وڌيڪ سنڌ جي سرزمين سيوهڻ تي ترسيل هو. پر اهڙو احوال سواءِ هن سفرنامي جي ٻيو ڪٿان به ملي نه سگهيو آهي، جنهن جي آڌار تي سندس سيوهڻ ۾ اچڻ جو ڪو واضح سبب بيان ڪري سگهجي. جڏهن ته بادشاهه جي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو ڏڪار ۽ وبا سبب دارالحڪومت کان ٻاهر رهڻ جي شاهدي ملي ٿي.

ابن بطوطه ۽ بين تاريخدانن جي ليکتن جو جائزو وٺڻ سان ڪجهه حقيقتون هن طرح واضح ٿين ٿيون. ابن بطوطه موجب جمادي الاول جي نائين تاريخ بادشاهه معبر جي بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ لشڪر سان روانو ٿيو. ابن بطوطه سال سنه 742هه ڏنو آهي. ٻنهي حوالن کي گڏي اها تاريخ 9 جمادي الاول 742هه مطابق 21 آڪٽوبر 1341ع آچر جو ڏينهن سمجهيو ويندو.

ابن بطوطه کي بادشاهه ويندي مهل قطب الدين مبارڪ شاهه خلجي (716هه- 720هه) جي مقبري ٺهرائڻ، ان جي سنڀال ۽ غريبن جي کاڌي کارائڻ تي مقرر ڪري ويو، سندس وڃڻ کانپوءِ هندستان ۾ سخت ڏڪار پيو، ايتري قدر جو ماڻهو مئل گهوڙا ۽ ماڻهو جو ماس کائڻ لڳا ۽ اناج جي قيمت ڇهه درهم في مڻ ٿي وئي. سلطان جي لشڪر ۾ به اچي وبا پکڙي ۽ پاڻ به بيمار ٿي پيو ۽ ان مهم کي اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو. ضياءَ الدين برني تاريخ فيروز شاهي ۾ لکي ٿو ته هن دور ۾ ڪيترا علائقا بادشاهه جي هٿ مان نڪري ويا. ظلمن ۽ ماڻهن کي قتل ڪرائڻ سان به امن امان قائم نه ٿيو. گجرات ۽ ديگير کان سواءِ ڪو به علائقو سندس هٿ هيٺ نه رهيو. هر طرف بغاوت پکڙي وئي. بادشاهه محمد بن تغلق ڪاوڙ ۾ جيئن جيئن ماڻهو مارايا تيئن سندس خلاف نفرت وڌندي وئي. ماڻهن ڏڪار ۽ وبا سبب محصول ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا. بادشاهه ڪجه ڏينهن دهليءَ ۾ رهي حالتن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پر حالتون سڌري نه سگهيون. بادشاهه ڪيترا دفعا گهوڙن ۽ مال جي چاري لاءِ لشڪر سميت دهلي کان نڪري گجرات ۽ سنڌ جي علائقن ڏانهن هليو ويندو هو ۽ وري موٽي ايندو هو. پر تڏهن به مال ۽ ماڻهو مرندا رهيا. ابن بطوطه جي بيان موجب ”کيس ان دوران شيخ شهاب الدين سان ملڻ جي ڏوهه ۾ پهري هيٺ رکيو ويو هو. شيخ شهاب الدين جي قتل کانپوءِ هن کي آزادي ملي پر بادشاهه جي خوف کان وڃي شيخ ڪمال الدين عبدالله غازي جي خدمت ۾ رهيو، جيڪو وڏو عابد زاهد ۽ الله وارو هو. هن ڪيترا مهينا اتي عبادت ۾ گذاريا. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه سنڌ ملڪ ۾ ويل هو.“

شيخ شهاب الدين جو ڏوهه اهو هو ته هن بادشاهه محمد بن ٿغلق کي عادل چوڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس ظالم چيو هئائين. انهي حقيقت تان بادشاهه جو ڏمر ڏسڻو پيس، ۽ نيٺ شهادت حاصل ڪيائين. ابن بطوطه ان سان هڪ دفعو ملڻ جي ڏوهه ۾ قابو ٿيو پر ڀاڳ ڀلا هئس جو نئين حياتي مليس ۽ جيئن چين روانو ٿيو ته وري هندستان ڏي منهن نه ڪيائين.

سنڌ جي آبادي، سرسبزي خوشحالي ۽ مٿين واقعن کي سامهون رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته بادشاهه محمد بن تغلق هندستان جي ڏڪار، وبا ۽ بغاوتن کان بيزار ٿي، پنهنجي لشڪر ۽ مال سميت سنڌ جو رخ رکيو ۽ سيوستان يعني سيوهڻ ۾ اچي ديرو ڄمايائين. سنڌو درياهه جي ڪپ تي ان جا انبار ۽ منڇر جي علائقي ۾ مشهور چراگاهون موجود هيون، جتي ماڻهو ۽ مال کائي پي سکيا ستابا ٿيا. هن علائقي جو حاڪم به بادشاهه جو ناٺي ”عماد الملڪ سر تيز سلطاني“ هو، جنهن بادشاهه ۽ سندس لشڪر جي بي انتها خدمت ڪئي. بادشاهه هتي پنهنجي پياري ۽ اڪيلي ڌيءَ سان پڻ ملاقات ڪئي هوندي ۽ ڪيترا مهينا آرام، عافيت ۽ سڪون سان گذاريا.

ابن بطوطه جي ڏنل تاريخ جماد الثاني جي آخر کي جيڪر 20 جمادي الٿاني 742هه/پهرين ڊسمبر 1341ع ڇنڇر ڏينهن سمجهجي ته ڏهين شعبان 712/19 جنوري 1342ع ڇنڇر جي ڏينهن تائين صرف اهي پوڻا ٻه مهينا ٿي ٿا وڃن ۽ پڪ سان ان کان وڌيڪ ڪجهه وقت بادشاهه مهمد بن تغلق سيوهڻ ۾ گذاريا ۽ پوءِ ملتان کان ٿيندو وڃي دهليءَ پهتو.

هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهو واقعو آهي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان مان نه صرف هندستان جي تغلق حاڪم محمد شاهه جي سنڌ ۾ اچي ڪافي وقت سيوهڻ ۾ رهڻ جو ثبوت ملي ٿو، پر ابن بطوطه جي ٻيهر سيوهڻ اچڻ جي پڻ خبر پوي ٿي. جنهن ۾ هو بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ”ملڪ علي شير“ جي خانقاه ۾ رهڻ جو ذڪر ٿو ڪري، جيڪا اصل ۾ سيوهڻ جي اڳوڻي حاڪم ملڪ علي شير جوڙايل خانقاهه هئي. ابن بطوطه سنڌ مان دهلي ويو ۽ اتان چين جو سفر شروع ڪيائين جتان موٽي هو پنهنجي ملڪ مراڪش هليو ويو.

سيوهڻ بابت هن تاريخي اهميت جي حوالي جو سواءِ ابن بطوطه جي ٻئي ڪنهن به ذڪر نه ڪيو آهي، جيڪر ابن بطوطه هن کي پنهنجي سفرنامي ۾ شامل نه ڪري ها ته اسان کي ان هاڪاري ۽ ظالم حڪمران جنهن بي پناهه لشڪر سان ٺٽي تي 752هه/3151ع ۾ ڪاهه ڪئي ۽ سنڌوءَ جي ڪپ تي پلو کائي بيمار ٿي مري ويو، جي سندس حياتيءَ ۾ سيوهڻ ۾ اچي ڪيترا مهينا رهڻ جي ڪابه سڌ نه پئجي سگهي ها. نتيجا: ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ سنڌ باري ۾ ۽ خاص طرح سيوهڻ بابت ڪيترا تاريخي حوالا ملن ٿا، جن کي اسان جي تاريخدانن بلڪل وساري ڇڏيو آهي. جن تي غور ڪرڻ سان اهڙي تاريخي معلومات ملي ٿي، جيڪا ڪنهن به تاريخي ڪتاب مان ملڻ ممڪن ڪونهي. • ابن بطوطه سنڌ ۾ بلوچستان کان ٿيندو جيڪب آباد ضلعي مان داخل ٿيو هو ۽ سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو نه پر ان جي الهندي وهڪري کي پار ڪري لاڙڪاڻي ۽ دادو وارين ايراضين مان ٿيندو سنه 734هه/1333ع ۾ سيوهڻ پهتو. • سنڌ تي ان وقت هندستان جي تغلق حڪمران محمد بن تغلق جو راڄ هو ۽ سندس پاران امير عماد الملڪ سر تيز مقرر ٿيل هو، جنهن جو مرڪز ملتان ۾ هو جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سيوهڻ کان ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي هو، سنڌ جو امير عماد الملڪ سر تيز ان وقت سيوهڻ جي انتظام درست ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۾ ترسيل هو. • سنه 733هه/1333ع ۾ سيوهڻ جي انتظام لاءِ ڄام انڙ ۽ قيصر رومي مقرر ڪيل هئا، پر پوءِ انهن جي مٿان ملڪ رتن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هنن ٻنهي برداشت نه ڪيو ۽ گڏجي کيس قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪيائون. ڄام انڙ لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لاڙ واريءَ ايراضيءَ ڏي هليو ويو. قيصر روميءَ کي عماد الملڪ سرتيز ملتان مان لشڪر چاڙهي اچي قيد ڪيو ۽ پوءِ ٻين باغين سميت مارائي ڇڏيو. • ابن بطوطه محرم 734هه/آگسٽ 1333ع ۾ انهن باغين جون بهه ڀريل کلون سيوهڻ جي قلعي جي ڀت تي ٽنگيل ۽ انهن جي سسين جو وڏو ڍڳ وچ شهر ۾ گڏ ٿيل ڏٺو هو، جنهن مان ان بغاوت کي سختيءَ سان ختم ڪرڻ جي شاهدي ملي ٿي. • سنه 734هه/1333ع ۾ سنڌ جي سري وارن علائقن ملتان، اچ، بکر ۽ سيوهڻ کان سواءِ لاڙ جا ڪجهه علائقا ۽ خاص طرح لاهري بندر تغلق حڪمرانن جي حڪم هيٺ هئا. لاهري بندر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقا بادشاهه محمد بن تغلق پاران قاضي علاالملڪ فصيح الدين خراساني کي جاگير طور مليل هئا. لاهري بندر جو ساليانو محصول سٺ لک دينار (سونا سڪا) هو. ويهين پتي يعني ٽي لک دينار جاگيردار ۽ باقي ستونجاهه لک دينار سلطاني خزاني ۾ جمع ٿيندا هئا. لاهري بندر وڏو بندرگاهه ۽ سهڻو شهر هو جتي سڄي دنيا جا جهاز ۽ ماڻهو ايندا هئا. • سنڌ جا اهم ۽ وڏا شهر پيادن ۽ گهوڙن جي ٽپال وسيلي هندستان جي تختگاهه دهليءَ سان ڳنڍيل هئا ۽ سلطاني فرمان، سوکڙيون ۽ ٻي ڪابه گهربل شئي پنجن ڏينهن ۾ سيوهڻ کان دهلي پهچندي هئي. • هندستان جو سلطان محمد بن تغلق، جيڪو ٺٽي تي بي پناهه لشڪر سان ڪاهه ڪري آيو هو ۽ پلو کائي سنڌوءَ جي ڪناري 752هه/1351ع ۾ گذاري ويو. اهو پنهنجي حياتي ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا جمادي الثاني، رجب ۽ شعبان 742هه مطابق نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري 1341ع سيوهڻ ۾ اچي رهيو هو ۽ ابن بطوطه کي دهلي مان سيوهڻ گهرائي اڳيان ڏوهه معاف ڪري چين جو سفير ٿي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. محمد بن تغلق جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ سيوهڻ ۾ ايتري وقت لاءِ رهڻ جو سبب دهليءَ ۾ ڏڪار، بيماري ۽ ملڪ ۾ بغاوتون سمجهڻ ۾ اچن ٿيون، جن کان بچڻ لاءِ سنڌ جهڙي سائي ستابي ۽ خوشحال ملڪ ۾ آيا. سندس ناٺي عمادالملڪ سرتيز سنڌ جو حاڪم هو، جنهن وٽ سڪون سان ڳچ مهينا رهي پاڻ سيوهڻ ۾ ساهه پٽيائين ۽ سندن گهوڙا ۽ ٻيا جانور منڇر جي علائقي وارن سر سبز ميدانن ۾ گاهه ۽ داڻو چرندا رهيا. خاص طرح سان سيوهڻ بابت مٿين تايرخي حوالن بابت سواءِ ابن بطوطه جي ڪنهن به ٻئي سياح يا تاريخدان ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن محقق ان تي روشني وڌي آهي.

شيخ برهان الدين اعراج سان گڏجاڻي[سنواريو]

ابن بطوطا (ابن بطوطه) جڏهن مصر جي بندر اسڪندريا تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ، ابن بطوطه کي اڳواٽ چئي ڇڏيو هو ته: سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي. [1]

حوالا[سنواريو]

[1] [2] [3] [4] [5] [6] [7] [8]

[9]

  1. محمد ابراهيم عباسي، (مترجم سنڌي) ابن بطوطه جو سفر سني ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976.
  2. محمد حسين (مترجم اردو) سفرنامه ابن بطوطه يعني عجائب الاسفار، بڪ لينڊ ڪراچي 1961.
  3. يحى بن احمد عبدالله السيهرندي تاريخ مبارڪ شاهي (فارسي) ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال، بپٽسٽ مشن پريس ڪلڪتو، 1931ع.
  4. ضياءُ الدين برني، ڊاڪٽر سيد معين الحق (مترجم اردو) تاريخ فيروز شاهي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1969.
  5. محمد قاسم فرشته، عبدالحئي خواجه (مترجم اردو) تاريخ فرشته، شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور 1969.
  6. محمد قاسم فرشته، عبدالحئي خواجه (مترجم اردو) تاريخ فرشته، شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور 1969.
  7. M.h.Panwahar, Chronological Dictionary of Sindh,Institute of Sindhology Sindh University, Jamshoro, 1983
  8. Jamini Mahan Banarjee, History of Feroz Shah Tughluq, Progressive Books Lahore, 1976
  9. G.S.P. Freeman Grenville, The Muslim mand Christian Calenders, Oxford University Press, London, 1963