مواد ڏانھن هلو

ابن ابي اصيبه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابن ابي اصيبه
(عربي ۾: أحمد بن القاسم بن خليفة بن يونس الخزرجي الأنصاري)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم
موت
ڌرم
عملي زندگي
استاد
پيشو
مادري ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي
دلچسپي

مشهور سياح، طبيب ۽ ليکڪ ابن ابي اصيبه جو اصل نالو احمد بن قاسم السعدي الخرجي ’موقف الدين‘ هو. هيءُ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پويان پاڻ کي ’ابن ابي اصيبه‘ سڏائيندو هو ۽ ان ئي نالي سان مشهور ٿيو. هـيءُ 1203ع ڌاري دمـشـق ۾ ڄـائـو. هـن طـب جـي ماهر ’ابن البيطار اندلسي‘ (1248ع) وٽان طب جي تعليم ورتي ۽ ڄاڻو حڪيم ٿيو. سندس ڏاڏو سلطان صلاح الدين به طبيب هو. ابن ابي اصيبه جلد ئي پهرين قاهره جي هڪ شفا خاني ۾ طبيب مقرر ٿيو. ان کانپوءِ امير ”صرخر“ جو خاص طبيب ٿيو. ايوبي دور ۾ به مختلف عهدن تي فائز رهيو. هن علم طب تي ’عيون الالنباء في طبقات الاطباءِ‘ سان ڪتاب تصنيف ڪيو. جنهن ۾ ڇهه سؤ مشهور حڪيمن جون سوانح عمريون درج ڪيائين. هن پنهنجي ڪتاب جي ٻئين جلد ۾ سنڌ ۽ هند جي طبيبن ۽ انهن جي علاج معالجي جو تذڪرو تفصيل سان آندو آهي. هن طبيب هئڻ جي ناتي ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺا. هن 1270ع ڌاري وفات ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]