ابن ابي اصيبه
| ابن ابي اصيبه | |
|---|---|
| (عربي ۾: أحمد بن القاسم بن خليفة بن يونس الخزرجي الأنصاري) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| استاد | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | عربي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | |
| ترميم | |
مشهور سياح، طبيب ۽ ليکڪ ابن ابي اصيبه جو اصل نالو احمد بن قاسم السعدي الخرجي ’موقف الدين‘ هو. هيءُ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پويان پاڻ کي ’ابن ابي اصيبه‘ سڏائيندو هو ۽ ان ئي نالي سان مشهور ٿيو. هـيءُ 1203ع ڌاري دمـشـق ۾ ڄـائـو. هـن طـب جـي ماهر ’ابن البيطار اندلسي‘ (1248ع) وٽان طب جي تعليم ورتي ۽ ڄاڻو حڪيم ٿيو. سندس ڏاڏو سلطان صلاح الدين به طبيب هو. ابن ابي اصيبه جلد ئي پهرين قاهره جي هڪ شفا خاني ۾ طبيب مقرر ٿيو. ان کانپوءِ امير ”صرخر“ جو خاص طبيب ٿيو. ايوبي دور ۾ به مختلف عهدن تي فائز رهيو. هن علم طب تي ’عيون الالنباء في طبقات الاطباءِ‘ سان ڪتاب تصنيف ڪيو. جنهن ۾ ڇهه سؤ مشهور حڪيمن جون سوانح عمريون درج ڪيائين. هن پنهنجي ڪتاب جي ٻئين جلد ۾ سنڌ ۽ هند جي طبيبن ۽ انهن جي علاج معالجي جو تذڪرو تفصيل سان آندو آهي. هن طبيب هئڻ جي ناتي ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺا. هن 1270ع ڌاري وفات ڪئي.[1]