آپ بيتي جڳ بيتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آپ بيتي جڳ بيتي ڪتاب سنڌ جي نامور محقق، زرعي ماهر، تاريخدان ايم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا ”آپ بيتي جڳ بيتي“ سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها واڌارو آهي. هيءَ آتم ڪٿا اصل ۾ انگريزيءَ ۾ هئي، جنهن جو سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو، نامياري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. هيءَ آتم ڪٿا نرالي اسلوب، معيار، سچائي ۽ بيان جي جرئت سان گڏ پنهنجي دور جي تاريخ آهي. پنهور صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ نه خود پسندي آهي، نه ”مان“ جو اولڙو ۽ نه پنهنجن وڏڙن جي ڪن”اڌارن“ اکرن سان تعريف آهي. حاڪم علي شاهه بخاريءَ چواڻي ”هيءَ آتم ڪهاڻي مواد ۽ انداز بيان جي خيال کان منفرد آهي ۽ بنيادي طرح سڀ کان وڌيڪ ساراهه لائق هي نقطو آهي، جو ان جي ورق ورق ۾ جرئت جو اظهار نمايان نظر ايندو.“

ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي پنهنجي شاگرد ۽ همعصر جي آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت، ڪارج ۽ انفراديت تي بحث ڪندي، آخر ۾سڀني ڳالهين جو تت نهايت ئي باريڪ بيني ۽ پوري مطالعاتي سگهه سان بيان ڪندي لکيو آهي ته:

”آپ بيتي جڳ بيتي“ پنهور صاحب جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏهن سالن جي آتم ڪٿا آهي. جيڪو ڄڻ ته سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو هن ڏهه سال اڳ انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پر ڇپائي ۾ دير سبب ساڻس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هو ٻيا رٿيل ڀاڱا لکي نه سگهيو.

ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي، جيڪو فينڪس بوڪ ۽ ايم. ايڇ. پنهور ٽرسٽ پاران ڇپائي 2007ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.[1]