آل عمران (سورة)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سانچو:Infobox surah سانچو:Quran

نيشاپور جي علي ابن موسي الرضا مسجد جي سر تي لکيل سورہ آل عمران جي 193 نمبر آيت

سوره آل عمران[سنواريو]

”آل عمران“ :The Family of Imran[1]: عربي زبان جا لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عمران جو اولاد“. ”عمران“ ٻن نبي سڳورن: حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام -جن- جو پيءُ هو. قرآن پاڪ جي 116 سورتن مان ٽيون نمبر سورت جو نالو ”آل عمران“ آهي، جيڪا مديني منوره ۾ نازل ٿي هئي، جنهن ۾ ٻه سئو آيتون ۽ ويهه رڪوع آهن.
هيءَ سورة مبارڪ هجرت جي پهرين سال نازل ٿيڻ شروع ٿي ۽ 9 هجريءَ تائين پوري ٿي، جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي موڪلاڻي ۽ سندس پشت مان حضرت عيسيٰ عليه السلام جي عقيدتمندن جي گمراهين ۽ اخلاقي ڪمزورين بابت تفصيلي ذڪر آيل آهي. -ان- کان پوءِ فرمايل آهي ته هي قرآن مجيد ۽ رسول (حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم) اُنهيءَ دين (-اسلام-) طرف سڏي رهيا آهن، جنهن جي دعوت، نبي سڳورا شروع کان ئي ڏيندا آيا آهن، جيڪا -باري- تعاليٰ جي قدرت ڪامله طرفان هڪ حقيقي دين لاءِ دعوت آهي. انهيءَ رستي کان ڀُلجي جيڪي ٻيون راهون اوهان اختيار ڪيون آهن، اُهي انهن ڪتابن ۾ موجود نه آهن، -جن- کي توهان -آسماني ڪتاب- سڏيو ٿا.
دراصل هيءَ سورة عيسائين جي ڪوڙين دعوائن کي رد ڪرڻ خاطر پاڻ سڳورن صه تي -ان- وقت نازل ٿي هئي، جڏهن عيسائي، يهودين جي پٺڀرائيءَ لاءِ مديني شريف ۾ ساڻن مناظري لاءِ آيا هئا.
سورت ”آل عمران“ ۾ -جنگ بدر- (2 هه/623ع) جي ڪاميابين ۽ -جنگ اُحد (4 هه/625ع) جي غلطين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندي، خدا پاڪ جي -جلال-، مسلمانن کي صحيح رستي تي اچڻ طرف ڌيان ڏياريو آهي ۽ انهن کي اِهو پڻ يقين ڏياريو آهي، ته جيڪڏهن توهان حقيقي دين تي ثابت قدم رهيا ته توهان جي لاءِ ڪاميابيءَ جون تمام راهون کلي پونديون.[2] تفھيم القرآن ۾ مولانا مودودي مطابق ھن سورة ۾ ھڪ ھنڌ آل عمران جو ذڪر آيل آهي ۽ ان کي علامت طور ھن سورة جو نالو بڻايو آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "The Meaning of the Glorious Qur'ân,: 3. Al-Imran: The Family Of Imran". 
  2. {cite web|url|=http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D9%84%D9%90%20%D8%B9%D9%85%D8%B1%D8%A7%D9%86}
  3. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد:اول؛ سيد ابوالاعلي مودودي؛پبلشرز:ادارہ ترجمان القرآن،لاھور،؛ايڊيشن 2003؛صہ 228}