سعيدالزمان صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عزت معاب
سعيدالزمان صديقي
Saeed-uz-Zaman Siddiqui
سنڌ جو 31ھون گورنر
عهدو سنڀاليو
11 نومبر 2016 – 11 جنوري 2017
صدر ممنون حسين
وزير اعظم نواز شريف
پيشرو عشرت العباد
آغا سراج دراني (قائم مقام)
جانشين محمد زبير عمر
پاڪستان جو 15ھون چيف جسٽس
عهدو سنڀاليو
1 جولاءِ 1999 – 26 جنوري 2000
مقرر بطرف محمد رفيق تارڙ
پيشرو اجمل ميان
جانشين ارشاد حسن خان
چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
5 نومبر 1990 – 21 مئي 1992
پيشرو سجاد علي شاھ
جانشين ناصر اسلم زاھد
ذاتي تفصيل
پيدائش 1 ڊسمبر 1937(1937-12-01)
لکنو, برٽش انڊيا
(ھاڻي ھندستان)
وفات 11 جنوري 2017 (عمر 79 سال)
ڪراچي, سنڌ, پاڪستان
ٻار ٻچا افنان سعيدالزمان صديقي
مادر علمي ڍاڪا يونيورسٽي
ڪراچي يونيورسٽي

سعيدالزمان صديقي (انگريزي [Saeed-uz-Zaman Siddiqui]، جنم: 1 ڊسمبر 1937، وفات: 11 جنوري 2017) پاڪستان جو مشھور قانوندان ھو. پاڻ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سنڌ جو گورنر رھيو[1]

تعليم[سنواريو]

سعيدالزمان صديقي لکنوءَ (ڀارت) جي ھڪ وچولي طبقي جي اردو ڳالھائيندڙ خاندان ۾ اکيون کوليون. ابتدائي تعليم ڪلڪتي ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ ڍاڪا (بنگلاديش) مان پاس ڪيائين. ھو ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس شعبي ۾ ڊيمانسٽريٽر مقرر ٿيو. ان بعد ھو ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ بي اي ۽ قانون جي سند حاصل ڪيائين. 1960ع ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

سعيدالزمان 1963ع ۾ ھاءِڪورٽ اولھہ پاڪستان جو وڪيل رجسٽر ڀيو. 1969ع ۾ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. 1967ع ۾ ڪراچي ھاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊيو. 69-1968ع ۾ ڪراچي ھاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جي    مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو رڪن چونڊيو. 1977ع ۾ ھاءِ ڪورٽ بار لائبرريءَ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڀيو. 5 مئي 1980ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڀيو. 5 نومبر 1990ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڀيو. 23 مئي 1992ع تي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ پھرين جولاءِ 1999ع کان 1 ڊسمبر 2005ع تائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.

سعيدالزمان صديقي ان وقت پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو جج ھو جڏھن جنرل پرويز مشرف ملڪ ۾ ماشل لا لاڳو ڪئي ھئي. ھن پرويز مشرف پاران نافذ ڪيل عبوري آئيني حڪم (Provisional Constitutional Order) تحت قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور ھن کي پنھنجي ڪٽنب سوڌو گھر ۾ نظربند ڪيو ويو. 25 آگسٽ 2008ع تي نوازشريف ھن کي مسلم ليگ (نواز) ۽ جماعت اسلاميءَ پاران آصف زرداريءَ جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار نامزد ڪيو[2]. ھن ھيءَ چونڊ 153 ووٽن تان ھارائي. 2013ع جي صدارتي چونڊن ۾ ھن ٻيھر حصو ورتو پر اھا چونڊ ممنون حسين کٽي ورتي . ھن چونڊ ۾ بلوچ قوم پرستن سعيدالزمان کي ووٽ ڏنو. 11 نومبر 2016ع تي ھن سنڌ جي 31ھين گورنر طور قسم کنيو.

بيماري ۽ وفات[سنواريو]

نومبر 2016ع ۾ ھن کي نمونيا جي بيماري ٿي پئي. ھن 11 جنوري 2017ع تي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو[3]. وفات وقت ھن جي عمر 79 ورھيہ ھئي. 2018ع ۾ ھن جي وفات کان اٽڪل سال پوءِ پاڪستان جي صدر پاران ھن لاءِ ستارہ امتياز جو اعلان ڪيو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. عشرت العباد کی جگہ سعید الزماں صدیقی گورنر سندھ، بي بي سي اردو سروس، 9 نومبر 2016.
  2. Sharif withdraws party from Pakistan ruling coalition آرڪائيو ڪيا ويا 2008-09-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The CNN Wire, 25th August 2008. [Retrieved on 14th December 2019].
  3. Sindh governor Justice (retd) Saeeduzzaman Siddiqui passes away, The Express Tribune, [Retrieved on 14th December 2019].